تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

نيب تي تنقيد ۽ نيب جو جواب !

نيب سوال هيٺ آ، نيب تنقيد هيٺ آ، نيب وڏي ناراضگي هيٺ آ، نيب جي خاتمي جون ڳالهيون ٿين ٿيون، نيب ۾ تبديليءَ جون ڳالهيون هلن ٿيون، نيب جي ڪري پري پئجي ويا آهن، نيب جي ڪري ويجهو اچي سگهن ٿا، احتساب هر ڪنهن جي ڪنڌ جي ڇُري آهي، جن ڪڏهن هلائي هئي اڄ اهي ان جي هيٺ آهن، اذيت ڏيڻ وارا عذاب هيٺ آهن، هنن کي گڏجي سوچڻو آهي ته انهيءَ احتساب مان ڪيئن جند ڇڏائجي جو ڳالهه به رهجي وڃي، احتساب جو ڀرم به رهجي وڃي. اڄ وارا به ڇٽي وڃن ۽ سڀاڻي وارا به بچي وڃن. نيب جي ڇُريءَ کي تيز ڪرڻ بجاءِ ان کي مُڏو ڪرڻ لاءِ سڀني پارٽين جو گڏيل پارليماني اجلاس پنهنجو ٻڏندڙ ٻيڙو ٻني لائڻ جي ڪوشش پيو ڪري.(نيب بابت سمورين پارٽين جو پارليماني اجلاس ڪاله ٿيو هو)
جن رڳو کائي کپائي ڏٺو آ تن کان حساب ڏيڻ نٿو پڄي، وٺڻ وارن کان وٺڻ نٿو پڄي، هنن کي احتساب ماري وڌو آ، نه ڀريو اٿن، نه لوڙيو اٿن، رڳو ان جي ڪوشش کين هڪ بدنام ڪيو آ ۽ ٻيو ڊيڄاري وڌو آهي، اڃان اهڙي ڪا ڳالهه ٿي ئي ڪانهي جنهن کي حساب ڪتاب چئي سگهجي، اڃان اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو جنهن کي “ڪئي جي سزا” چئجي. احتساب وارو ادارو اڃان ته هنن کي صرف سڏائي رهيو آهي، اڃان فقط سوال ڪري رهيو آهي، ان عمل ئي هنن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، نيب اڃان اهي رڪاوٽون ئي عبوري ۽ دور نه ڪري سگهيو آهي جيڪي هنن ان جي واٽ تي وڇايون آهن، هي هاڻي ئي ڏئي وٺي بيٺا آهن.
ايئن ٿو لڳي ته هن وقت پوري اشرافيه هڪ پاسي آهي ۽ اهو اڪائونٽيبلٽي بيورو ٻئي پاسي آهي. چور ۽ سپاهي جي ڇڪتاڻ مس شروع ٿي آهي. چور سهڪي ٿو پيو، بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، چوريءَ جو دائرو تمام وسيع آهي، ان جو زور به وڌيڪ ٿو هلي انهيءَ ڪري قانون پنهنجو ڪم نٿو ڪري سگهي. قانون کي رڳو عوام جي اخلاقي حمايت آهي ۽ حمايت ڪرڻ وارو تمام سادو آهي، ايتري حد تائين سادو آهي جو زباني طور ته هو به قانون جي حمايت ٿو ڪري پر عملي طور وري به چورن جو مددگار ٿي بيهي ٿو، جن عوام کي ڏهاڪن کان لٽيو ۽ ڦريو احتساب جي وقت عوام انهن جي دانهن تي هنن سان ئي همدرديون ڪري ٿو، حساب وٺڻ ته ڇا پر عوام بائيڪاٽ ڪرڻ به نه ڄاڻي، ڪيڏو به رنج رهي، ڪيڏي به ڪاوڙ ڏيکاري پر ٻارهين مهيني عوام اهو ئي انهن جو !! انهيءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳايو ته عوام ۾ اهو تاثر موجود آهي ته نيب سٺو نٿو ڪري ، ويچارن سياستدانن کي اجايو تنگ ٿو ڪري، اهي “سياستدان” جن ويهه ويهه سال هن مٿان حڪمراني ڪري کيس اڃيو بکيو رکيو آهي ! اهڙي دلبر عوام لاءِ ڇا چئجي !!
سياستدان حڪمران کي هڙئي مذاقون ڦٻي ٿيون وڃن. هن وقت سمورو ماحول نيب جي خلاف آهي، اها حقيقت ان وقت شدت سان سامهون آئي جڏهن 23 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ ۾ لاکڙا پاور پلانٽ جي تعمير ۾ بي ضابطگين بابت نيب جي مقدمي جي ٻڌڻي مهل نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل، چيف جسٽس کي چيو ته “ سڀ اسان جي خلاف آهن، رڳو سپريم ڪورٽ کان حوصلو ملندو آهي.” پر حقيقت اها آهي ته ان حوصلي جي به هن الائي ڪيئن اها ڳالهه ڪئي، جڏهن ته 3 ڏهاڙا اڳ انهيءَ سپريم ڪورٽ خواجه برادران جي ضمانت بابت فيصلو جاري ڪندي نيب تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي اها نيب جي مايوسيءَ لاءِ ڪافي هئڻ گهرجي، اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سپريم ڪورٽ سميت ڪو به نيب کان خوش ناهي، ايئن ٿو لڳي ته ساري قوم هڪ طرف هجي ۽ نيب ٻئي طرف هجي، نيب جي حالت ۽ ڪيس بظاهر ڪمزور آهي پر حقيقت ۾ ايئن ناهي، حقيقت هاڻ نيب جي چيئرمين سامهون آندي آهي، ان کان اڳم نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل صورتحال جي هڪ تصوير چيف جسٽس جي سامهون رکي هئي.
23 جولاءِ تي لاکڙا پاور پلانٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي وقت جڏهن چيف جسٽس صاحب سپريم ڪورٽ جي 20 جولاءِ واري فيصلي تي نيب تي ڪيل تنقيد بعد ٻيهر تنقيد ڪئي ته پراسيڪيوٽر جنرل پنهنجي اداري جو دفاع ڪندي ڪجهه حقيقتون هيٺين ريت سندس آڏو رکيون:
چيئرمين نيب سميت ادارو ۽ ملازم عدم تحفظ جو شڪار آهن، چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽرز تي فائرنگ ٿي چڪي آهي، پوليس مقدمو به درج نٿي ڪري.
حڪومت نيب کي فنڊز ڏيڻ کان ڪيٻائي ٿي.
ملزمن جا وڪيل انتهائي قدآور آهن، هنن کي تمام ڳريون فيس ملن ٿيون، جڏهن ته نيب جي وڪيلن ( پراسيڪيوٽرز ) جون پگهارون تمام ٿوريون آهن، اگر فنڊز ملن ته سٺا پراسيڪيوٽرز ڀرتي ڪري سگهون ٿا. ڪيسن جا نتيجا به سٺا ايندا.
هنن حالتن ۾ به نيب 61 سيڪڙو ملزمن کي مجرم ثابت ڪرائي سزا ڏياري چڪو آهي.
پنهنجي تفتيشي آفيسرن جي تربيت نيويارڪ ۽ برٽش پوليس کان ڪرائي رهيا آهيون.
سپريم ڪورٽ 20 ۽ 23 جولاءِ جي فيصلن ۽ ٻڌڻين ۾ نيب تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ ڪجهه سوال اٿاريا هئا ته نيب جي تفتيشي آفيسرن ۾ اهليت ۽ صلاحيت ناهي، ڪيسن ۾ دير جو سبب خود نيب ئي آهي، نقصن سان ڀريل تفصيلي رپورٽ کي ئي ريفرنس ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا، تاخير جي ابتدا نيب جي آفيس کان ئي ٿئي ٿي، نيب هرو ڀرو ڪيسن ۾ 50-50 گواهه ڪري ٿو جڏهن ته ڪوالٽي وارو هڪ گواهه ئي کوڙ آهي، نيب بلاوجه گرفتاريون ڪري ٿو، جنهن سان عدالتن تي ڪيسن جو بار پوي ٿو، نيب پنهنجا قائدا ناهن ٺاهيا، ايس او پيز تي گذارو ڪري ٿو، نيب مهيني اندر قائدا ٺاهي جيڪي نيب آرڊيننس جي سيڪشن 34 هيٺ ٺاهيا وڃن، نيب ڪيس کٽي ته هڪ هزار ارب کان وڌيڪ جي رڪوري ٿي سگهي ٿي، ويهه ويهه سال ڪيس عدالتن ۾ پيا آهن وغيره.
انهن جو تفصيلي جواب نيب چيئرمين پاران 25 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ڪجهه خاص هي ڳالهيون آهن:
ڪرپشن ڪيسن ۾ 30 ڏينهن ۾ فيصلو ممڪن ناهي،
50-50 گواهه بنائڻ قانوني مجبوري آهي
موجوده احتساب عدالتون مقدمات جو بار کڻڻ لاءِ ناڪافي آهن.
ڪيترا ڀيرا حڪومتن کي چيو آهي ته عدالتون وڌايون وڃن ڪيسن اڪلائڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.
ڪراچي، پنڊي، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ عدالتن جي ضرورت آهي.
هر احتساب عدالت ايوريج 50 ڪيس ٻڌي ٿي.
120 عدالتن لاءِ اگر 120 ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ناهن ته ريٽائرڊ جج به مقرر ٿي سگهن ٿا. اپيلون ٻڌڻ لاءِ به رٽائرڊ ججن جون خدمتون وٺي سگهجن ٿيون.
نيب عدالتون “ضابطه فوجداري” تي سختيءَ سان عمل ڪنديون آهن، عمل نه ڪرڻ جو اختيار استعمال نه ڪنديون آهن.
ملزمن جون متفرق درخواستون ۽“اعليٰ عدليه” جا اسٽي آرڊر به دير ٿيڻ جو سبب آهن.
عدالتون ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ جي جوڙيل اصولن تي عمل نٿيون ڪن.
ملزمن جي اشتهاري قرار ڏيڻ جو طريقي ڪار به وقت وٺي ٿو ۽ ٻاهرين ملڪن کان قانوني مدد وٺڻ ۾ دير به بروقت فيصلا نه ٿيڻ جو سبب آهي.
عدالتن پاران“ سياسي شخصيات” جي لفظ جي غلط تشريح ڪئي ويندي آهي، غلط تشريح سبب سياسي شخصيات جو مطلب غير ملڪي ادارن کي سمجهائڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.
رضاڪارانه رقم واپسي جو اختيار استعمال ڪرڻ کان سپريم ڪورٽ اسان کي روڪي چڪي آهي، اگر اسان کي رضاڪارانه رقم جي واپسي جي اجازت ملي ته ڪيترا ڪيس عدالتن تائين نه پهچندا.
نيب جون وضاحتون به وزن رکن ٿيون. سپريم ڪورٽ جهڙي اداري جو اطمينان اهم معنيٰ رکي ٿو. ڏسڻو آهي ته نيب جي چيئرمين جي جواب تي سپريم ڪورٽ مطممئن ٿئي ٿي يا نه، باقي سياستدانن جي تنقيد ان تڪليف سبب آهي جيڪا احتساب سان کين ٿئي ٿي، نيب کان جيڪي شڪايتون آهن انهن کان اڳ ۾ اهي شڪايتون دور ٿيڻ گهرجن جيڪي نيب کي آهن، احتسبا هن قوم جي ترجيح هئڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *