تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

نوشهري فيروز ۾ ادارن جي ڪري مينهن عذاب بڻجي ويا

عام چوڻي ته اها آهي ته مينهن خدا جي خلق لاءِ رحمت ئي هوندو آهي، مينهن جي پوڻ سان خلا ۾ موجود آلودگي ڌوپجندي ويندي آهي، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ خدا جي خلقيل ٻي مخلوق ٻهڪي پوندي آهي، سڄو ماحول ئي خوبصورت لڳڻ لڳندو آهي،
ٻار ته خوشيءَ ۾ ئي نه ماپندا آهن ۽ مينهن جي پهرين ڪڻيءَ سان ئي ٻارڙا هوجمالو ڳائڻ شروع ڪندا آهن ۽ ويندي مينهن جي وڃڻ بعد گهٽين، خالي پلاٽن ۽ رستن تي گڏ ٿيل ميري ۽ گدلي پاڻيءَ ۾ به پنهنجي صحت جي پرواهه نه ڪندي تڙڳي پيا ڀيڄ ڀيڄ مولا، “ڪارڙو ڪمارڙو، ان پاڻي ڏي ته مينهن وسي” ڪندا رهندا آهن پر نوجوان به برسات جي موسم مان لطف وٺڻ لاءِ رستن تي هوندا آهن، مينهن پوڻ شرط گهرن ۾ پڪوڙا ترجڻ جو ته اصل مزو ئي پنهنجو آهي جڏهن ته پڪوڙائين وٽ مينهن جي مند ۾ رش به وڌي ويندي آهي، هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح مينهوڳي مند مان مزو وٺڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي، جيڪڏهن اهو مينهن وري پاڻي جي کوٽ وارن ڏهاڙن ۾ وسندو آهي ته هارين جا منهن ٻهڪي پوندا آهن اهڙي طرح مينهن جي مند ماڻهن لاءِ اڀاڳي بڻجي پوندي آهي ۽ مينهن خوشي جي علامت بڻجي پوندو آهي. پر سالن پڄاڻان وري ڪو اهڙو سال ايندو آهي جو مينهن ماڻهن کان توبهون ڪرائي ڇڏيندو آهي. مينهن اچڻ جي خوشي ته خوشي جي ماڳ پر ماڻهو پنهنجا سر بچائڻ ۾ پورا هوندا آهن. ان ۾ ڪجهه قدرت جي ڪرامت هوندي آهي ته ان کان وڌيڪ پنهنجي حڪمرانن جي سنگين نااهلي هوندي آهي جيڪا خدا جي خلق کي ٻوڙي انهن کي ناتلافي نقصانن ۾ وجهي ڇڏي ٿي، جنهن ڪري مينهوڳي مند جهڙي خوشي اڳ ماڻهن جي چهرن تي ٻهڪي پوندي هئي اها هاڻي مڙئي نظر گهٽ اچي ٿي. اهڙي طرح هن مون سون جا مينهن به جيتوڻيڪ عام طور وسندڙ مينهن کان سرس آهن جنهن لاءِ موسميات کاتو اڳواٽ ئي اها سڌ ڏئي چڪو هو ته هن سال مون سون جا مينهن اڳي کان اڳرا هوندا تنهن ڪري حڪومت کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا اڳواٽ تياري ڪرڻي هئي، جيڪا تياري نه ٿي سگهڻ ڪري اها مينهوڳي مند ماڻهن لاءِ رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ماڻهن لاءِ نه مٽجندڙ نقصانن جا نقش ڇڏي وڃي رهي آهي. نوشهروفيروز جي ماڻهن کان ته اڃا 2011ع واري برسات جا نقصان ئي نه وسريا آهن ۽ انهن کي اهي نقصان پرائمري ۾ پرهندڙ ٻار جي رٽيل سبق وانگر ياد آهي ته مٿان وري هي برسات مٿن اچي ڪڙڪي آهي ۽ هن برسات کين معاشي طور تي وڏو هاڃو رسايو آهي.
نوشهروفيروز ضلعي ۾ هن وقت تر ۽ وونئڻ جو فصل گل تي هو ۽ هن مند واري برسات گل تي بيٺل فصل لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي آهي. مون سون جي پهرين وسڪاري فصلن کي فائدو رسايو جنهن ڪري هاري خوش ٿيا پر سندن اها خوشي سندن منهن تي گهڻو وقت ٻهڪي نه سگهي ۽ هڪ ڏينهن اڳ لاڳيتو 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ مسلسل پوندڙ مينهن سندن ٻهڪيل چهرن کي ترن ۽ وونئڻن جي گلن وانگر سسائي ڇڏيو آهي. نوشهروفيروز ترن ۽ ڦٽي جي فصل جي بهترين پيداوار ڏيندڙ پرڳڻو آهي جتي هزارن نه پر لکين ايڪڙن ۾ وونئڻ ۽ تر پوکيا وڃن ٿا جڏهن ته ڀاڄين جي پيداوار به نوشهروفيروز ۾سرس آهي پر هنڀيري وارين برساتن ڀاڄين، وونئڻن، ترن ۽ گل ٻاٽي تي بيٺل سمورن فصلن جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاري ۽ آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ۽ اهي پيڍي مالڪن جا قرضي ٿي ويا آهن. پيڍي مالڪ هاري ۽ آبادگارن کي ٿوري منافعي بجاءِ وياج تي ٻج، ڀاڻ ۽ ٻيو سامان ڏيندا آهن جنهن ڪري هاڻي اهو وياج هاڻي ٻيڻو ٿي ويو آهي. اهڙي طرح شهرن جو انفراسٽڪچر مڪمل طور تي تباهه هجڻ ڪري مينهن شهرن ۾ ته راڱا ڪري ڇڏيا آهن پر ٻهراڙين ۾ سوين ڳوٺ اڃان تائين پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. ٻهراڙين ۾ يونين ڪائونسل ڦل، مصرجي واه، دريا خان مري، خيرواهه سميت روهڙي ڪئنال جي ٻنهي پاسن سان لڳندڙ يونين ڪائونسل ۾ اڳئي سم جو پاڻي سال جو ٻارهوئي بيٺل هوندو آهي هاڻي جو ان ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿيو آهي ته ماڻهن جي لنگهه جا رستا ته بند ٿي ويا آهن پر ڳوٺن ۾ گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهي ويو آهي. اهڙي صورتحال شهرن سان آهي. خود ضلعي هيڊڪوارٽر نوشهروفيروز ۾ رستن گهٽين ۽ خالي پيل پلاٽن ۾ پاڻي جا تلاءَ ٺهي ويا آهن. شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال جو ڪوبه انفراسٽڪچر موجود ناهي، پبلڪ هيلٿ کاتي پاران ٺاهيل ڊرينيج نظام عام ڏينهن ۾ ئي شهرين لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي هوندو ۽ اهو ڊرينيج نظام عام پاڻي ڪڍڻ جي سهپ ئي نه ٿو رکي ته هيڏي وڏي برسات جو پاڻي ڪٿان ڪڍندو. اهڙي صورتحال ۾ بلدياتي ادارا ۽ انتظاميا هٿ تي هٿ ڏئي ويهي رهي آهي ۽ ماڻهو برسات جي گدلي ٿي ويل پاڻي ۾ ٻڏي رهيا آهن. اطلاع آهن ته ضلعي اندر برسات سبب وڏي انگ ۾ گهر ڪري پيا آهن. هن مهانگائي جي دور ۾ گهر اڏڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ته ناهي اهڙي حالت ۾ اهو گهر به ڪري پئي ته پوءِ ان ماڻهو سان ڇا حالت هوندي اي سي جي ٿڌي ڦوڪ ۾ ويٺل انتظامي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪهڙي ڪل هوندي!؟ اصل ۾ سڄو شهري نظام ئي برسات پاڻي جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو پر ڪير ان کي درست ڪرڻ لاءِ نه اڳ تيار هو ۽ نه هاڻي ئي ڪا اهڙي منصوبابندي ٿيندي نظر اچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ اڳ به ويچاري گگدام عوام ڀوڳيو آهي ۽ هاڻي به اهو ئي ڀوڳي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.

One Response to نوشهري فيروز ۾ ادارن جي ڪري مينهن عذاب بڻجي ويا

  1. Rana Ashraf says:

    زبردست

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *