تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

نه گهٽتائي گهوٽ ۾، نه ڪمي منجهه ڪنوار

جي جسٽس باقر صاحب هن ملڪ کي پيدا ٿئي 72 سال گذري چڪا آهن ۽ آئين کي ٺهي 47 سال پر هن وقت تائين هن ملڪ جي هڪ عام ماڻهو کي بنيادي حق، جيڪي آئين جي ٻئي حصي جي پهرين باب ۾ لکيل آهن اهي نه ملي سگهيا آهن! جسٽس صاحب هن ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ سدائين بادشاهاڻي طرز حڪمراني رهي آ هتي رڳو غير جمهوري قوتن جمهوريت تي راتاها ڪونه هنيا آهن، پر افسوس ته اهي جن ملڪ جو آئين ٺاهيو ۽ جيڪي عوام کان ووٽ وٺي اقتدار جي مسند تي ويٺا تن به حڪومت عوام جي حڪمراني لاءِ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪونه ڪئي. هر ڪنهن پنهنجي دور حڪومت ۾ پنهنجي مخالف ڌر جي جماعتن ۽ ميمبرن کي زير ڪرڻ لاءِ هر اهو حربو استعمال ڪيو جيڪو غير آئيني، غير قانوني ۽ غير انساني هيو. پنهنجي سياسي مخالف کي ڪنهن مينهن چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ته ڪنهن موٽر سائيڪل جي چوري ۾، ڪنهن کي سياسي مخالف هجڻ جي ڏوهه ۾ خود ٿاڻن تي گهلي بند ڪيو ويو ته ڪن جي سمورن گهر ڀاتين کي عورتن سميت ٿاڻن تي آڻي ويهاريو ويو. هي نيب شيب ته پو‏ءِ جا پيدا ڪيل آهن. ظاهر آهي جڏهن جمهوريت جي خالق هجڻ جا دعويدار ۽ عوام جي ووٽ تي چونڊجي حڪمراني حاصل ڪرڻ جا دعويدار اقتدار ۾ اچڻ بعد اهڙا ڪم ڪندا جيڪي آئين ۽ قانون کان بالاتر هجن ته پوءِ انهن تي ڪهڙي ميار جن جو ڪم ئي ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪرڻ هوندو آهي.
نيب ته سياسي مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي انهن جي ڪردار ڪشي ڪري رهي آهي پر ڇا هن ملڪ ۾ هر ٿاڻي تي تر جي با اثر فرد جي ڪمداري جو ڪم ڪونه ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن نيب جو ادارو انهي لاءِ جوڙايو ويو هو ته اهو مخالف سياستدانن کي نشانو بڻائيندو ته پوءِ مونکي انهي شخص جي سوچ تي حيرت ٿي ٿئي جنهن نيب جو خاڪو پيش ڪيو هو ۽ انهي جو بنياد وڌو هو! جنهن ملڪ ۾ ڪنهن به ٿاڻي جو هڪ سپاهي ڪنهن وڏي ڊنگ سياستدان کي جهڪائڻ لاءِ ڪافي هجي اتي ايڏي وڏي محنت ڪري ايترو وڏو ادارو ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پر ڇاهي جو جن ڌرين اهو ادارو ٺاهيو تن کي شايد انهي وقت پوليس جي سپاهي جي وفاداري تي ايترو اعتبار ڪونه هو جيترو انهن نيب جي عملدارن تي! جي جسٽس باقر صاحب هن ملڪ ۾ تمام پتڪڙن ماڻهن کي وڏو پاور ڏئي چڱن ڀلن جا پٽڪا ڌوڙ ڪرايا ويندا آهن ۽ هي ملڪ واقعي به انهن بونن سان ڀريل آهي جيڪي طاقت جي نشي ۾ ڪهڙو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. هي ته تسلسل آهي انهي برطانوي راڄ جي سوچ جو ۽ طرز حڪمراني جو جنهن ۾ ديسي سپاهي کي خاڪي چڍو پارائي لٺ هٿ ۾ ڏئي کيس ايترو ته پاور ڏنو ويندو هو جو انهي‏ءَ سپاهي کي هر ڊنگ خان به سلام ڪرڻ تي مجبور هوندو هو.
هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪٿان ايندي! جسٽس باقر صاحب جمهوريت انهي روش جو نالو آهي جيڪا مخالف کي دشمن نه پر اختلاف رکندڙ۽ نقاد سمجهندي آهي. هتي ته اختلاف رکندڙ فرد دشمن جي صفن جو سالار سمجهيو ويندو آهي. اختلاف رکندڙ به اختلافي راءِ جي پرچار بجاءِ مخالف تي وار ڪرڻ جي وجهه ۾ هوندو آهي. جتي اقتدار جي نشي ۾ حڪمرانن کي بند ديوارن اندر عوام جو آواز ٻڌڻ ۾ ئي نه ايندو هجي اتي جمهوريت پروان ڪٿان چڙهندي؟ هتي هر حڪمران کي اقتدار کان ٻاهر هجڻ وقت هر ناانصافي نظر ايندي آهي، پر اقتدار ۾ اچڻ شرط انهن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي ته عوام ڪير ٿيندو آهي ۽ انهي جا مسئلا ڪهڙا آهن! هتي قانون جي بالادستي سان ڪنهن جو سروڪار ڪونهي هتي هر ڪنهن کي پنهنجي سپريميسي جو شوق آهي. جي بلڪل اوهان اهو به سچ چيو آهي ته هتي عوامي بهبود ۽ غربت جو خاتمو ڪنهن به حڪمران جي اولين ترجيح ڪونهي. هي ته سڀ اليڪشن جي شبدي بازي جا شوشا هوندا آهن خبر ناهي ڇو اسين انهي کي سچ سمجهي ويهندا آهيون!؟
اينٽي ڪرپشن، ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ نه پر ڪرپشن ڪرائڻ لاءِ هجي، پوليس امن امان ڪرائڻ لاءِ نه پر خوف ۽ ڏهڪاءَ پيدا ڪرڻ لاءِ هجي، ايوان قانون سازي ڪرڻ لاءِ نه پر قانون کي ٽوڙڻ جا لائسنس ڏيڻ لاءِ هجن، سرڪاري ادارا عوامي ڀلائي جي ڪم ڪرڻ لاءِ نه پر عوام جي مٿان عذاب نازل ڪرڻ لاءِ هجن، سرڪاري ڪامورا عوام جا نوڪر نه پر آقا هجن ۽ جتي قانون ۽ انصاف سڀني لاءِ ساڳيو يا برابر نه هجي ته انهي ملڪ ۾ ڪهڙا ادارا هجن جيڪي ڪرپشن لٽ مار ۽ ناانصافي کي ٻنجو ڏئي سگهن؟! جسٽس باقر صاحب اسان اوهان جي پيراگان هائوسنگ سوسائٽي واري87 صفحن جي سموري فيصلي کي تمام وڏو ساراهه جوڳو قدم سمجهندي هڪڙي نماڻي گذارش ڪرڻ جي اجازت گهرون ٿا جي جان جي امان هجي ته عرض ڪريون!
هي جي ملڪ جون سمورون ڪورٽون خودمختيار ٿي غريب جي دانهن تي داد ڪرڻ شروع ڪن، انصاف سستو ۽ هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙو ٿي پوي ته ڇا ملڪ جو چهرو تبديل ڪونه ٿي ويندو؟ جيڪڏهن هر عام فرد کي اهو يقين ٿي وڃي ته سندس دانهن تي ڪورٽ سڳوري داد ڪندي ۽ اها آئين ۽ قانون جي دائري هيٺ هر فرد کي بنيادي حق وٺي ڏيندي ته ڇا ملڪ جو ڪو به فرد يا ادارو ڪنهن سان ڪا زيادتي ڪري سگهندو؟ جي هڪ مظلوم کي اهو يقين ٿي وڃي ته هو جيڪا دانهن ڪورٽ سڳوري ڏانهن کڻي ويندو انهي تي ڪنهن ملڪ جي هڪ وزير مشير کي به هيٺين سطح جي عدالت سڏي سرزنش ڪري سگهندي ته ڇا هن ملڪ جي عوام جو ويساهه پختو ڪونه ٿيندو ته ڪير آهي جيڪو ڪمزور جي دانهن به ٻڌندو ۽ کيس انصاف ڏيندو. هتي ته بجلي جي بل ۾ هڪ عام مسڪين کي لڳل اضافي بل جو ڪو تدارڪ نه ٿو ٿئي، ته ڪنهن جي زر زمين ۽ زن تي لڳل ڌاڙي جو فرياد ڪٿي ٿيندو!؟
اهي بنيادي حق بس آئين جي صفحن ۾ لکيل آهن هتي ته سموري ملڪ جي ڪنهن هڪ به فرد کي رياست پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪونه ٿي ڪري سگهي! جيڪو اڄ جي دور ۾ هر انسان جي بنيادي زنده رهڻ جي حقن منجهان هڪ عالمي سطح تي مڃيل حق آهي. هي پاڻي جون ڪميشنون ٺهيون ڇا ڪجهه ڪو تدارڪ ٿيو؟ هتي ڪميشنون، ادارا ۽ ايوان سڀ ساڳي رستي جا راهي آهن. انهن جو عوام جي اهنج سان ۽ انهي اهنج کي دور ڪرڻ سان ڪو تعلق ڪونهي، هڪڙا اقتدار ۾ اچي لٽين ٿا، هڪڙا سرڪاري مسندن تي ويهي، هڪڙا وڃن ٿا ٻيا اچن ٿا اهو چرخو ايئن ئي هلندو رهي ٿو. ڪا ڪمي ڪنهن ۾ ڪونهي. هي نيب ۾ ڪم ڪندڙ به اسانجي سماج منجهان ئي آهن وري جيڪي نيب زده آهن اهي به اسان منجهان آهن نه ڪا ڪمي ڪنوار ۾ آ نه ڪا گهٽتائي گهوٽ ۾ آ.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *