تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

نمرتا قتل ڪيس: قانون ڳجها هٿ ڇو نه ٿو ڳولي؟

پاڪستان جي اها ظالماڻي تاريخ رهي آهي ته هتي هاءِ پروفائيل ڪيسن جا پيرا وڃائجي ويندا آهن، سنسني خيز خبرون گردش ڪندي ڪندي گمناميءَ ۾ غرق ٿي وينديون آهن. “خون ۽ کٿوري لڪندا ناهن” وارو محاورو هتي هاءِ پروفائيل ڪيسن جي معاملي ۾ ڪوڙو ثابت ٿيندو رهندو آهي. معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن پر موٽ ۾ اهي ڪاميٽيون ڪو به ٻوٽو ٻاري نه سگهنديون آهن. ڪروڙين رپين عيوض ٽڪي جو کڙتيل به ناهي نڪرندو ۽ اهي هاءِ پروفائيل ڪيس ويسر جي دز هيٺان دٻجي ڪنهن ڪنڊ ۾ پئجي رهندا آهن. بلڪل ايئن جيئن ڪنهنdead pitch تي ڪا ٽيسٽ ميچ کيڏي ويندي آهي. هڻ هڻان، وٺ وٺان، کان پوءِ به اها نيٺ بنا نتيجي ختم ٿي ويندي آهي پر نمرتا ته هڪ عام ڇوڪري هئي، بنهه سادي ۽ عام، اها ڪنهن به صورت ڪا وڏي شخصيت ڪونه هئي، جنهن جو پراسرار قتل ڪنهن هاءِ پروفائيل ڪيس جيان رولڙي جو شڪار ٿي وڃي.
نمرتا ڪيس ۾ تازو آيل پوسٽ مارٽم رپورٽ هن معاملي کي نئون رخ ڏيئي ڇڏيو آهي، هاڻ هي معاملو واضع ٿيندي سامهون اچي ٿو، اڳ جيڪي هن معاملي جي حوالي سان ابهام پيدا ڪيا پئي ويا، جن ۾ عشق ۾ ناڪامي ۾ آپگهات واري ٿيوري عام هئي، تنهن مان پوسٽ مارٽم رپورٽ دم ڪڍي ڇڏيو آهي. نمرتا سان ايئن ڇو ٿي رهيو آهي، هڪ عام ڇوڪريءَ سان ٿيل زيادتي ۽ قتل جي مامري کي ڇو ايترو منجهايو ويو آهي، هڪ اهڙي عام ڇوڪري جيڪا وچولي گهراڻي جي هئي، جنهن جي والدين جو هڪ سادو سپنو هو ته سندن نياڻي ڪنهن قابل بڻجي، لاڙڪاڻي جي ڊينٽل ڪاليج مان ڊاڪٽري جي ڊگري وٺي اچي خاندان جو ڳاٽ اوچو ڪري. نمرتا هڪ اهڙي عام ڇوڪري جنهن هڪ پتڪڙو خواب پنهنجي پنبڻين ۾ پاليو هو ته هوءَ ڊاڪٽر بڻجندي، ان پکين جهڙي معصوم خواب جي ساڀيان لاءِ هوءَ لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ لڳي. پر نمرتا پنهنجي انجام کان بي خبر هئي، هن کي اها خبر ئي نه هئي ته هن تي جنسي بگهڙ حملو ڪندا، سندس عزت تار تار ڪرڻ کانپوءِ زندگي سان سلهاڙيل سندس ساهه جي تارن کي به ڪٽيو ويندو. نمرتا کي هيءَ دنيا ڇڏي لڳ ڀڳ ٻه مهينا ٿيڻ وارا آهن پر اڃان تائين انتظاميا، قانون اهي هٿ ڳولي ڪونه سگهيو آهي جيڪي نمرتا جي قتل ۾ ملوث آهن، هن ڳجهي قتل جي ڳجهارت جون ڳنڍيون ويتر الجهنديون ٿيون وڃن، معاملو نبيري طرف وڃڻ بدران وڌيڪ اڻ چٽو ٿيندو پيو وڃي.
مين ڪس ڪي هاٿ پر اپنا لهو تلاش ڪرون
تمام شهر ني پهني هوئي هين دستاني!
اهي قاتل جن هٿن تي دستانا چاڙهي اهو ڏوهه ڪيو آهي، سي ڪڏهن ملندا؟ ملندا به يا نه؟ ڪٿي هي ميچ به ڊرا ته ڪو نه ٿي ويندي، اهو سوال هاڻي هر ذهن ۾ گردش ڪري رهيو آهي. ساره شگفته هڪ هنڌ لکيو هو ته، “عزت جو سڀ کان ننڍو ۽ سڀ کان وڏو حوالو عورت آهي، گهرن کان وٺي فٽ پاٿ تائين ڪجهه به هن جو ناهي.” جيڪڏهن هن مامري جي سفاڪي کي ڏٺو وڃي، سنگينيءَ کي ڏٺو وڃي ته هي معاملو هاڻي رڳو نج نمرتا جو ناهي رهيو، هي معاملو هاڻي هر ان نمرتا جو آهي جيڪا نياڻي ڪنهن درسگاهه ۾ زير تعليم آهي، ڇو ته “دستانن وارا هٿ” تمام بااثر آهن، شاطر آهن، اهي ڪنهن به نياڻي سان ڪنهن به درسگاهه ۾ دست درازي ڪري سگهن ٿا.
هاڻ ڪابه نمرتا، ڪنهن به درسگاهه ۾ محفوظ ڪيئن تصور ڪري سگهجي ٿي؟ نمرتا جا قاتل نه لڀجڻ انتظاميا توڙي قانون جي اهڙي نااهلي آهي جنهن تي جيتري شرمساري محسوس ڪئي وڃي اوتري گهٽ آهي.نمرتا جي قتل ۾ حل طرف ڪنهن به اڳڀرائي جو نه ٿيڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته قانون نه صرف ڪمزور آهي پر نااهل به آهي قانون جي اها ڪمزوري، اها بيوسي، اها نااهلي سوين سوال اٿاري ٿي، اهڙي ديس ۾ ڪيئن رهجي، جتي انصاف نه هجي، جتي ڪا داد رسي نه ٿئي، مرزا غالب چواڻي ته:
رهئي اب ايسي جگه چل ڪر جهان ڪوئي نه هو
هم نفس ڪوئي نه هو او همنوا ڪوئي نه هو
پڙئي گر بيمار تو ڪوئي نه هو تيماردار
او اگر مرجائيي تو نوحه خوان ڪوئي نه هو
مشهور چوڻي آهي ته “انصاف ۾ دير اصل ۾ ناانصافي هوندي آهي”، انصاف ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، پر هتي نمرتا جي ڪيس ۾ دير ٿيندي پئي وڃي، انصاف جي اوسيئڙيءَ ۾ ويٺل اکيون ٿڪجڻ لڳيون آهن، اميدن جا ڏيئا اجهامڻ تي آهن.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نمرتا جي فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ جيڪا اچي چڪي آهي، سندس خودڪشيءَ متعلق جيڪي خدشا هيا سي ختم ٿي چڪا آهن ته هاڻي قانون نمرتا جي بيرحماڻي قتل تي ڪهڙي حرڪت ۾ اچي ٿو، کيس انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه، اهي ڳجها هٿ ڳولي لهي ٿو يا نه، نمرتا جي ڏک ۾ سوڳوار سنڌ انهن سڀني سوالن جي جوابن جي منتظر آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *