تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

نفرتن ۽ محبتن جون ڪهاڻيون

ڪهاڻيون هر جڳهه تي ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. هو ڪنهن به جاءِ جو لحاظ ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي جڳهه ٺاهي وٺن ٿيون پر، جهڙيون ڪهاڻيون ڳوٺن يا ٻهراڙين ۾ آهن؛ انهن جو ڪو جوڙ ناهي. سچ ته ڳوٺن ۾ ڪهاڻيون هِن جنم کان هُن جنم تائين ايئن وڇايون پيون آهن، ڄڻ آسمان جي نيري چادر هجي. ڪجهه ڪهاڻيون اسان کي مسرتون بخشين ٿيون ته ڪجهه کي پڙهڻ سان غم جي جهان جا پانڌيئڙا بڻجي وڃون ٿا. ڪجهه ڪهاڻين پڙهڻ يا ٻڌڻ سان بُتَ ۾ سيسراٽيون پئجيو وڃن، لڱ ڪانڊارجيو وڃن ۽ ڪجهه ڪهاڻين سان روح بي چين ٿي وڃي ٿو ته ڪجهه کل خوشي ارپيو وڃن ته ڪجهه حيرت ۾ مبتلا ڪريو ڇڏين.
ڀرواري ڳوٺ جي هيءَ ڪهاڻي به عجيب انتقام سان ڀرپور هئي. جنهن ۾ ڳوٺ جي ٽاپرو ڇورن سيٺ بچل کان انتقام وٺڻ جو عجيب طريقو اختيار ڪيو. اها ڳالهه ته سڄي تر کي خبر هئي ته سيٺ بچل، حاجي نمازي هجڻ سان گڏ ٽاپ ڪلاس جو وياجي آهي. ڳوٺ ڇا تر ۾ به ڪير مسڪين هو، جيڪو سيٺ بچل جي وياج کان بچيل هجي؟ پوءِ هڪڙي اماس رات سيٺ جي دڪان کي کاٽ هڻي، ڪا به شيءِ چورائي ته نه وئي پر دڪان ۾ پيل سيڌو: چانور، کنڊ، داليون، ڪٽي، ڀوسو، ايتري تائين جو چانهه پتي به دٻن مان ڪڍي هڪ ٻئي سان ملائي ڍير ٺاهيو ويو! صبح جو جڏهن سيٺ بچل، دڪان تي پهتو ته هن جا ٻئي هٿ مٿي تي هئا. هن جي پويان آيل گراهڪ کلندا رهيا. ايئن ڪونه ٿيو جو ان واقعي کان پوءِ سيٺ بچل وياج تي ڏوڪڙ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا، پر واڌي وڌائي ڇڏيائين. “ترن جو تيل ترن مان” ئي ته نڪرندو!
بظاهر ته ڳوٺن جا ماڻهو سادا ۽ اٻوجهه هوندا آهن، پر ڪجهه معاملن ۾ هو ڪيڏا تيز ٿين ٿا. ان جي هڪ جهلڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ ڪهاڻي ان ڇوڪريءَ جي آهي، جنهن جي زوريءَ شادي ڪرائي وئي. ٻين لفظن ۾ هن جي نڪاح وقت ڇوڪريءَ پاران “ها” به هن جي ماسيءَ ڪئي هئي. هوءَ ڪهڙي ريت پاڻ کي مڙس کان بچائي ٿي؟ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي غير معمولي چالاڪي ۽ لوڪ ڏاهپ کي به ڏسي سگهجي ٿو. اهو پڻ ته نفرتن جو بنياد رکي ڪڏهن به محبتون خريد نه ٿيون ڪري سگهجن.
ڪهاڻي جو خلاصو ڪجهه هن ريت آهي ته مهناز جي شادي ان مرد سان ٿي وئي، جنهن کي هن ڪڏهن به پسند نه ڪيو هو. شاديءَ جي پهرين رات عذاب سهڻ کان پوءِ هن ٻئي ڏينهن تي ڪچا بصر کائڻ شروع ڪيا. ڪچن بصرن جي بوءِ تي جيئن ٿر ۾ نانگ ماڻهن جي ويجهو ناهن ايندا، ايئن مهناز جو مڙس به هن کان پاسيرو رهڻ لڳو، پر ڪيستائين!؟ نيٺ آخر هڪ ڏينهن ڏاڍي مار ڪڍيائينس. ان ڏينهن کان مهناز، ڪچا بصر ته کائڻ بند ڪري ڇڏيا، پر هاڻي ڪچي ٿوم کائيندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسئلا وڌندا ويا. تان جو مهناز، مڙس کان الڳ ٿي وئي. هوءَ هاڻي پنهنجي پيءُ جي گهر رهي ٿي. اتي به مسئلا تمام گهڻا آهن، پر بقول هن جي هوءَ روحاني طور آسودي آهي. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته “مرد، نفرت کي هڪ پاسي ڪري واپسيءَ جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو…پر جيڪڏهن عورت هڪ ڀيرو نفرت ۾ توهان جو هٿ ڇڏائي رواني ٿئي ته هوءَ ڪڏهن به واپس نه ايندي!” مهناز به موٽي نه آئي.
ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ هڪ ٻي ڪهاڻي به درد جي صورت آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سماج جي دکي رڳ ڏسي سگهجي ٿي. هي ڪهاڻي سچي پچي ٻين لفظن ۾ زنده ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ درد کي تصوير جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته هڪ مسڪين هاري پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازڪ حالت ۾ هن کي جڏهن اسپتال پهچايو وڃي ٿو ته اتي ئي هڪ پروفيسر پهچي وڃي ٿو. جيڪو اهو چئي ڊاڪٽرن کي علاج کان روڪي ٿو ته “مسڪينَ، پاڻ مارڻ تي خرچ ڪيو آهي. ان جو خرچ رائگان نه وڃڻ گهرجي!” ٻين لفظن ۾ زهر جي نذر ڪيل پئسا لڙهڻ نه گهرجن. ان هاريءَ کي نه بچايو وڃي! ظاهري طور ته ڪهاڻيءَ ۾ سماج تي هڪ وڏي ٺٺول ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اها به حقيقت ته هڪ حساس انسان لاءِ ڪافي صورتن ۾ هي معاشرو هاڻي رهڻ جي قابل ناهي رهيو. ڪڏهن معاشرتي ته ڪڏهن اقتصادي بحرانن جي ور چڙهيل ماڻهو جذبات ۾ اچي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ته ڪري ٿو پر وري زندگيءَ سان پيار ان کي واپسيءَ ڏانهن آڻڻ جو اتساهه بخشي ٿو. اهڙي حالت ۾ پڇتاءُ، ان سڄي منظر ۾ ڇا ٿو ٿئي. حقيقي ڪهاڻي بهتر ريت سمجهائي ٿي.
سماج جي هر ڪنڊ ۾ پکڙيل ڪهاڻين جا موضوع به هاڻي جدا ۽ انوکا ٿيندا پيا وڃن. جيئن هڪ عورت جي ڪهاڻي، جنهن جي موبائيل ۾ “جانو- جان” وارو پيار پنهنجي عروج تي آهي. شادي شده هوندي به هن کي اڃا گهڻي پيار جي ضرورت آهي. پوءِ اها دل پشوري آهي يا اندر ۾ ڪا کوٽ پر ان کي فل اسٽاپ ان وقت اچي ٿو جڏهن اها عورت پنهنجي دوست ڏي اهو چئي آخري ميسيج ڪري ٿي ته، “بيشڪ، مڙس ته سڄو ڏينهن ٻاهر آهي، پر ٻار وڏا ٿي رهيا آهن، هر هر موبائيل فون وٺن ٿا، مان توکي وڌيڪ ميسيج نه ٿي ڪري سگهان، مونکي معاف ڪجان…خدا حافظ.”
محبت جي مامري ۾ هي مسئلو پنهنجي جاءِ تي نهايت پيچيده آهي، نه ئي ان جي ڪا تز تشريح ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڇا هو؟ جهڙي ريت ڪهاڻيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ عورت ظاهري طور پنهنجي اڪيلائي کي دور ڪرڻ لاءِ موبائيل فون ٽيڪسٽ جو سهارو وٺي هڪ نوجوان سان واسطا وڌائي ٿي، بعد ۾ جڏهن ٻار ان موبائيل کي استعمال ڪن ٿا ته هوءَ، ان وقتي محبت کي تياڳي ٿي. هي معاملو جتي ڪافي پاسن کان منجهيل سُٽُ جيان آهي ته ڪافي پهلوئن کان سمجهڻ ۾ سؤلو پڻ. بس ايئن سمجهيو وڃي ته هڪ محبت ٻي محبت جي مٿان حاوي ٿي ان کي ميدان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿي. جديد نفسياتي سائنس محبت کي فقط محبت جي نظر سان نه ٿي ڏسي پر ان کي ٻين شعبن جهڙوڪ، فزڪس، ڪيمسٽري، ميٿاميٽڪس بائلاجي وغيره. جي تناظر ۾ به جاچڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
مثال طور: سماجي سائنس جا ڄاڻو يا ماهر محبت يا پيار کي ٽن درجن ۾ ورهائن ٿا:
Lust يا شهوت: هي هڪ خاص انساني ڪيفيت يا انساني جبلي خواهشون، جنهن ۾ هر ماڻهو مخالف جنس سان ميل جو خواهمشند هجي ٿو. هن ڪيفيت ۾ جنهن کي پڻ پيار سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، انساني جسم ۾ رت سان گڏ هلندڙ هارمونس جو گهڻو عمل دخل هوندو آهي. هڪ خاص ڳالهه ته هن محبت جي ڪا به گارنٽي نه ٿي ڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته شهوت جو جذبو انساني اعصاب مٿان، ڪجهه دير لاءِ حاوي ٿيندو آهي ۽ ان محبت جو عرصو به اوترو ئي بيهندو.
Attraction يا ڪشش: پيار جو هي پاسو يا قسم، مٿي بيان ڪيل پهرئين نموني کان بلڪل الڳ آهي، خاص ڪري اسان جي مشرقي معاشرن ۾ هن قسم جو پيار ئي پروان چڙهي ٿو، جنهن ۾ عاشق هڪ نظر سان پنهنجي محبوب جو شيدائي ٿي، فرط جذبات ۾ پنهنجي حياتي به گهر ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هن قسم جي محبت ۾ سيڪس کي ممنوع جي دائري ۾ آندو ويندو آهي. ايتري تائين جو عاشق محبوب کي ڇهي به نه ٿو سگهي. هن ئي قسم جي محبت ۾ انسان جي جسم ۾ لاتعداد بائيولاجيڪل تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. بک نه لڳڻ يا ماني سامهون هجي، محبوب اچي وڃي يا ان جي ياد جي شدت ته بک جو يڪسر ختم ٿي وڃڻ. ننڊ جو ختم ٿي وڃڻ. وار اڀا ٿي وڃڻ وغيره. سچ ته رومانس ان جو ئي نالو آهي. ها البت، اهو آهي ته نفسياتي علم جا ماهر هن قسم جي پيار کي به عارضي قرار ڏين ٿا. انهن جي بقول ته اها محبت هڪ پل کان ٽن سالن تائين هلي سگهي ٿي.
Attachment يا رفاقت: هي پيار جو اعلى قسم آهي، جنهن ۾ ماءُ يا والدين جو پنهنجن ٻچن سان، ڀيڻ جو ڀاءُ سان، زال جو مڙس سان يا مڙس جو زال سان پيار شامل آهي، يا هڪ دوست ٻئي سان دوست سان ڪري ٿو، پر هن ۾ شرط گڏ رهڻ جو آهي، جنهن سان رفاقت پيار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اهو پيار پنهنجن عزيزن کانسواءِ ڪجهه ٻين شين سان به ٿي سگهي ٿو. جيئن: وطن سان پيار، وطن جي ماڻهن سان محبت به ان قسم ۾ اچي وڃي ٿي. ها البت ائين آهي ته ان جي شدت جون ڊگريون الڳ ٿي سگهن ٿيون. مثال طور: هڪ ماڻهو، ڪو جانور پالي يا ڌاري ٿو، جنهن سان به هن کي انسيت ٿي ويندي آهي. ان جو وڇوڙو هن کي جهورڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.
هن پيار جو سڌو تعلق گڏ رهڻ يا رفاقت سان آهي، ان ڪري ته سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي: “ڄڻڻ کان نيپاج مٺو.” نيپاج مان مطلب گڏ رهڻ ئي ته آهي. مٿي ڏنل چئن ڪهاڻين مان چوٿين ڪهاڻي، ان سلسلي ۾ ئي هئي ته ماڻهو، پنهنجي ازلي رفاقتي پيار جي اڳيان ڪنهن ٻئي پيار کي اوليت نه ٿو ڏئي سگهي.
[email protected]

Bookmark the permalink.