تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

نظرياتي ايبارشن ۽ جمهوري ڀيڻ جون دانهون!

مونکي ان ڏينهن نامياري ليکڪ مستنصر حسين تارڙ جو اهو ٽوئيٽ ڏاڍو پسند آيو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته؛ “هن دور جو مورخ سچ لکڻ اڃان ويٺو ئي مس هيو ته کيس بحريا ٽائون ۾ پلاٽ ملي ويو ۽ هو خاموش ٿي ويو.” سندس ٽوئيٽ کي ڪافي ماڻهن پسند ڪري ري ٽوئيٽ به ڪيو پر ڪاش مان کيس ٻڌائي سگهان ها ته سنڌ ۾ هڪ وڏي اڪثريت اهڙي به آهي جنهن کي ڪنهن به ٽائون شپ ۾ ڪوبه پلاٽ مليل ناهي هوندو، ان جي باوجود هو اهڙن سنجيده معاملن ۾ صرف خاموش ئي رهندا آهن. سنڌ ۾ ان پراسرار خاموشي واري ڪيفيت کي ڪير خوف جو نالو ڏئي يا مايوسي جو پر اها اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ ان خاموشي جو ئي اثر آهي جو اسان هن ڊجيٽل ايج ۾ رهندي به ٻين قومن جيان ڪا گڏيل راءِ جوڙڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهيون. سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ ٽوئيٽر سنجيده بحث مباحثن جو پليٽ فارم بڻيل آهي پر اسان جي اڪثريت ٽوئيٽر تي غير سرگرم هوندي آهي جڏهن ته فيس بڪ تي به توهانکي اڪثر سرگرمي “نائيس جاني” واري ڪمينٽ کان هاڻي “جهل دٻ” تائين ڦهليل ملندي. سنڌ ۾ اهڙي سياسي شعوري ڏڪار واري دور ۾ آرمي ايڪٽ جي حمايت ڪرڻ بابت پيلزپارٽي جي نظرياتي يو ٽرن کي ڪير ڪيئن پيو چئلينج ڪري سگهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ توهان کي پنجاب ۾ نواز ليگ مٿان شديد تنقيدون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ۽ انهن تنقيدن جو ئي اثر آهي جو پارٽي جا سينيئر اڳواڻ پرويز رشيد کان ويندي شاهد خاقان عباسي تائين سمورا سوڳ ملهائي رهيا آهن ۽ پرويز رشيد جو ٽوئيٽ ڪيل اهو شعر ته ميڊيا جي سرخين جي زينت بڻيو جنهن ۾ هن چيو هو ته، “هم لوگ ڀي ڪيا لوگ هين مر ڪيون نهين جاتي…!”
پنجاب ۾ اهو بحث ان ڪري به زور شور سان جاري آهي جو نواز ليگ جي قيادت پنهنجو پاڻ کي تازو تازو نظرياتي بڻائي رهي هئي ۽ مريم نواز جي صورت ۾ هو پنجاب مان هڪ اينٽي اسٽيبلشمنيٽ عورت اڳواڻ پئدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئا ته جيئن اهو تاريخي سياسي داغ لاهڻ ۾ هو ڪامياب وڃن ته ڪو سندن قيادت اڳوڻي آمر ضياءَ جي اصلاحي فيڪٽري مان ٻنهي ڌرين جي اتفاق سان پيدا ٿي هئي. مريم نواز کي آنگ سانگ سوچي ڪري پيش ڪندڙ اڳوڻن ڪامريڊن فيض احمد فيض جي شعرن کان ويندي اڪبر الهه آبادي جي شعرن تائين ايترا ته نوان ترانا سندس شان ۾ ايجاد ڪيا جو لاهور کان هزارين ميل پري لاڙڪاڻي ۾ ويٺل اسان جهڙن ماڻهن کي به مريم نواز مان نئين بينظير جون سڪون اچڻ لڳيون ته يار شڪر ٿيو سياسي ڪوفي مان ڪو حق جو آواز بلند ڪرڻ وارو پيدا ٿيو آهي.مريم نواز جا مختلف انٽرويوز ٻڌي ۽ ڊان ليڪس ۾ سندس ڪردار ڏسي يا سندس پارٽي اندر پنهنجي چاچي شهباز شريف ۽ چوڌري نثار جهڙن اڳواڻن سان سندس نظرياتي تڪرار ڏسي مون ته سنڌ ۾ نواز ليگ جي قيادت جي ڪجهه دوستن سان رابطو به ڪيو ته ڀلا مريم سنڌ ۾ جڏهن دوري تي اچي ته ساڻس انٽرويو جو بندوبست ڪيو، پر هو مستنصر حسين تارڙ واري ڳالهه ٿي وئي ته مريم نواز اڃان نظرياتي ٿي ئي رهي هئي ته نواز شريف جي پليٽيليٽس کي ضمانت ملي وئي ۽ هو پنهنجي خاندان سميت لنڊن روانو ٿي ويو .لنڊن مان ويهي هن جيڪو فيصلو جاري ڪيو ان سندس تازو تازو نظرياتي دور ۾ ڪيل جلسن واري نعري “ووٽ ڪو عزت دو” جي اهڙي پت وائکي ڪري وڌي جو ماڻهن سندس ووٽ جي جڳهه تي “بوٽ ڪو عزت دو” لکڻ شروع ڪيو. سوشل ميڊيا تي نوازليگ مٿان تنقيد ڪندڙن اهو به لکي ڇڏيو ته “پهچي وهين په خاڪ جهان ڪا خمير ٿا…” يعني جنرل ضياءُ کان شروع ٿيل سندن سياسي ڪردار بغير ڪنهن سرخ نظرياتي ٿيڻ جي اچي سبز ايڪسٽينشن تي ختم ٿيو.
نواز ليگ جي نظرياتي ٿيڻ واري عمل جي ايبارشن ٿيڻ بعد اسان اگر سنڌ ۾ نظر ڦيرايون ته ڊان جي اڳوڻي ايڊيٽر عباس ناصر کان ويندي پياري امداد سومري جپسي جهڙن ڪيئي ڪردارن کي بلاول ڀٽي جي موقف پڻ مايوس ڪيو جنهن کي هو وڏي چاهه مان جوان سال چيئرمين لکندو آهي. بلاول مٿان تنقيد ڪندڙ تمام ٿورڙن ماڻهن جو خيال هو ته بلاول ڀٽو جي سياسي ڪيريئر جا اڃان شروعاتي سال آهن انهن سالن دوران اگر هن پنهنجي نظرياتي جماعت کي اصولي طور جميعت علماءَ ف جهڙي مذهبي سياسي جماعت کان به پوئتي ڪري ڇڏيو ته سندس سياسي ساک کي نقصان پهچندو.پر جيئن ته مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته سنڌ ۾ نظرياتي بحث مباحثن بدران جهل دٻ ۽ نائيس جاني جو ٽرينڊ حاوي ٿي هلي رهيو آهي تنهنڪري سنڌ مان بلاول مٿان آرمي ايڪٽ بابت اها تنقيد نه ٿي جنهن جو مقابلو سندس ساٿياڻي مريم نواز پنجاب ۾ ڪري رهي آهي.بلاول ڀٽي جي خوشقسمتي آهي يا سندس والد جو پارٽي اندر انداز جو سندس پارٽي مان ڪنهن به سينيئر اڳواڻ کي اختلاف رکڻ جي جرئت نه ٿي نه ئي انهن مان نون ليگ جي پرويز رشيد يا شاهد خاقان عباسي جهڙا اختلافي رايا سامهون آيا پر هن ڀيري ته اسانکي ٽي وي اسڪرينن تي مها نظرياتي ڪامريڊ رضا رباني جا اهي ڳوڙها به نظر نه آيا جيڪي هن سينيٽ ۾ ڪنهن اهڙي ئي قانونسازي وقت وهايا هئا. بلاول مٿان توڻي جو ايتري ڪا گهڻي تنقيد نه ٿي آهي پر ان جي باوجود سندس حمايت ۾ سنڌ جي ڪجهه نياڻين خوب پاڻ ملهايو آهي. انهن مان هڪ اديءَ ٽوئيٽ ڪيو ته، “اسان سڀني جي خواهش هئي ته ايڪسٽينشن واري راند ۾ سياسي قيادت ڦاهي چڙهي وڃي ۽ اسٽيبلشمينٽ خوش ٿئي پر انهن ايئن نه ڪيو ۽ هو هيسجي ويهي رهيا جنهنڪري عوام کي مايوسي ٿي.”
اها جمهوري ادي جيئن ته پنهنجو پاڻ کي سوشل ايڪٽوسٽ ظاهر ڪندي رهي آهي پر اصل ۾ پيپلزپارٽي جي ئي حامي رهي آهي.سندس اها ئي خوبي آهي ته هن سوشل ميڊيا تي هميشه پيپلزپارٽي مٿان ٿيندڙ تنقيد جو اڻ ڌريو تجزئي نگار ٿي نه صرف دفاع ڪيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن پارٽي نظرئي تحت پارٽي مخالفن مٿان وار به ڪيو آهي.تنهنڪري ئي کيس تڏهن به قلم کڻڻو پيو هو جڏهن مريم نواز کي سندس اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانن ۽ تقريرن بعد قومي ميڊيا ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان تشبيهه ڏني پئي وئي ته هن وڏي هڪل ڪري ٽوئيٽر تي لکيو هو، “خبردار! بيبي مريم، بينظير ٿيڻ ايترو سولو ناهي.” ان ئي ٽوئيٽر ۾ هن کيس ياد ڏياريو هو ته بينظير ٿيڻ لئه سکر جيل جي گرم ڪال ڪوٺڙي ۾ ترسڻو پوندئي يا ڪنهن آمر سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت جو جام پيئڻو پوندئي.ان جمهوري ادي سان منهنجي ملاقات هڪ ڀيري نيب ڪورٽ ۾ تڏهن ٿي هئي جڏهن سندس سئوٽ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ کي ڪرپشن ڪيس ۾ حراست هيٺ رکيو ويو هو.ان وقت مون کيس ٻڌايو هو ته، “ادي جيئن مريم کي نظرياتي ٿيڻ لاءِ سخت جيل ڀوڳڻا پوندا تيئن ئي بلاول کي پنهنجو موقف تبديل ڪرڻو پوندو ڇو ته جمهوري اصول يا پنڊيءَ جون پابنديون کيس صرف تڏهن ياد اچن ٿيون جڏهن اومني گروپ يا ڪمپني سرڪار جا ملازم يا مالڪ گرفتار ٿين ٿا ۽ هو هڪ اهڙو دونهيدار بيان يا تقرير هڻي ٿو ڇڏي جو اسانجي دوستن جا پراڻا نظريا اميد بڻجي جاڳي ٿا پون پر بعد ۾ هو ٻين ظلمن تي ايئن خاموش ٿي وڃي ٿو جيئن توهان جو ٽوئيٽر سنڌ جي لاپته ماڻهن جي مسئلن تي خاموش رهندو آهي..” هن خاموشي سان اها ڳالهه ٻڌي ته مون کيس ٻڌايو ته نظرياتي سياست کي ڪاروبار بڻائي اومني ڪمپني هلائڻي آهي ته پوءِ ڪنهن کي به بلاول جي موقف تي ڪو افسوس ناهي پر جيڪڏهن نظرياتي سياست شهيد ڀٽي جيان عشق وانگر هلائڻي آهي ته اول سر جو سانگو لاهه ڀلي پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ…..

Bookmark the permalink.

One Response to نظرياتي ايبارشن ۽ جمهوري ڀيڻ جون دانهون!

  1. Aabid H. Soomro says:

    Sain gaalh ta sahee aaa ta asaan hin doar mn digital na thiyaa aahiyoon

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *