تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي

“نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي.”چوڻي اسان جي هاڻوڪي وفاقي حڪومت جي قدمن تي صفا ٺهڪي ٿي اچي ،ملڪ ۾ ڪڻڪ،کنڊ ۽ پيٽرول کان وٺي ڪهڙو بحران آهي جيڪو آيو ۽ حڪومتي قدمن سان عوام کي ڪو رليف مليو هجي ،رڳو ڪميشنون ٺهيون ،جاچ جا اعلان ٿيا،انهن بحرانن ۾ ملوث مافياز جي ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي ۽ عوام جي کيسي تي اربين رپين جا ڌاڙا لڳي ويا. هاڻي ڇا به ٿئي پر عوام جي کيسي مان نڪتل اهي پئسا ته واپس نه ٿي سگهندا جيڪي انهن جي پگهر پورهئي جي ڪمائي مان نڪري مافياز ۽ منافعي خورن جي کيسي ۾ هليا ويا.
وفاقي حڪومت کنڊ مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ ادارن ۽ ٽن صوبن جي حڪومتن کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ کنڊ ڪميشن جي رپورٽ به موڪلي وئي آهي. ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 90 ڏينهن ۾ عمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.هوڏانهن وفاقي ڪابينا پيٽرول بحران جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسان جي ملڪ جي بدقسمت آهي جو کنڊ،پيٽرول ۽ ڪڻڪ سان لاڳاپيل مافياز حڪومتن کان به وڌيڪ مضبوط آهن جن خلاف ڪارروائي ٿيڻ جو تصور ڪرڻ ئي ڏکيو آهي اسان جو قانون هيٺئين سطح جي چورين،زيادتين تي ته حرڪت ۾ ايندو آهي پر سڄي ملڪ جي عوام کي يرغمال بڻائيندڙ انهن مافياز خلاف ڪڏهن ڪو قدم کنيو ويو هجي اهو ياد ئي ناهي ،ڪنهن چوري ،ڌاڙي ڦر جو ته جوابدار گرفتار ٿي سگهي ٿو پر عوام جي کيسن تي اربين رپين جو ڌاڙو هڻندڙن خلاف ڪڏهن ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي نه ئي اها ڌاڙي جي رقم واپس وٺرائي وئي هجي. پري جي ڳالهه ناهي،تازو کنڊ جي قيمت وڌي وئي ،ڪڻڪ جو بحران ٿيو، اٽو مهانگو پيو ملي،پيٽرول سستو ٿيو ته مارڪيٽ مان ئي غائب ٿي ويو پر ڪو به معاملو حڪومت جي انتظامي ڪوششن سان حل نه ٿي سگهيو. ڪميشنون ٺهيون،رپورٽون آيون ڪا به ڪارروائي نه ٿي،ايتري تائين جو انهن بحرانن ۾ يا ته حڪومت جا پنهنجا ماڻهو ملوث هيا يا جن خلاف ڪارروائي جو امڪان هيو اهي ٻاهر هليا ويا. عوام کي نوٽيس وٺڻ جي لالي پاپ کانسواءِ ڪجهه به نه مليو ته پوءِ هاڻي عوام ڪيئن اعتبار ڪري ته ڪارروائي جون هدايتون ۽ پيٽرول بحران بابت ڪميشن ٺهڻ جا اعلان ڪو اثر ڏيکاريندا ۽ عوام جي ڪاوڙ کي گهٽ ڪرڻ بدران واقعي مافياز خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشس ٿي رهي آهي .ڪير نه ٿو ڄاڻي ته حڪومتون ئي انهن مافياز جون مددگار رهنديون آيون آهن ،جڏهن ڪمند جي سيزن شروع ٿيندي آهي ته آبادگارن کي گهٽ اگهه تي ڪمند ڏيڻ تي ڪير مجبور ڪندو آهي سرڪاري اگهه تي عمل ڪرائڻ ته سرڪار جو ڪم آهي پوءِ ڇو شگرملز وارا انهي اگهه جي پرواهه ئي نه ڪندا آهن ۽ سرڪار ڪا ڪارروائي نه ڪندي آهي ،جڏهن پيٽرول سستو ٿيو ته اهي ڪهڙيون مافيائون هيون جن مارڪيٽ مان ئي پئٽرول غائب ڪري ڇڏيو، جڏهن اگهه وڌايا ويا ته ان ئي ڏينهن ساڳيو پيٽرول مارڪيٽ ۾ پهچي ويو. اها ڪا ڳالهه سرڪار کان لڪل آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اگهه وڌائڻ
۾ ڪهڙا منافعي خور ملوث آهن.جڏهن هڪ دفعو اگهه وڌي ويا ته سرڪار جي اعلانن باوجود اهي پنهنجي پراڻي پوزيشن تي اچي ئي نه سگهندا آهن ۽ سرڪار ڪا ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر هوندي آهي. اهي سڀ تجربا ڇا ٿا ٻڌائين ته هن ملڪ ۾ ڪميشنون ٺهڻ،نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ جا اعلان رڳو عوام جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ لاءِ هوندا آهن نه ڪي واقعي مافياز خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ. سو هن ڀيري به لڳي ٿو ته جن کي پنهنجو منافعو ڪمائڻو هو اهي ڪمائي ويا ۽ سرڪار ڄڻ ته انهن جي سهولتڪار ٿي کين رستو سولو ڪري ڏنو، هاڻي جاچ ڪرڻ ،ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڪميشن ٺاهڻ جا اعلان عوام جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ئي ٿي سگهي ٿي.عوام به خوش،سرڪار به خوش ته منافعو ڪمائيندڙ مافياز به خوش.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *