تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

نئين گاج جون ٻوڏون ۽ ڪاڇي جي ڪهاڻي

ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي ٽوٽل ايراضي 3 لک 97 هزار ايڪڙ آهي جيڪا تعلقي جي 14 يوسيز ۾ ورهايل آهي ۽ ٻي ايراضي جيڪا ڪنهن ديهه ۽ يوسي ۾ شمار نه ٿي ٿئي اها جابلو پٽي آهي جنهن ۾ گورک هل اسٽيشن اچي وڃي ٿي. اها 1 لک 92 هزار ايڪڙ آهي، انهي حساب سان جوهي تعلقي جي ڪل ايراضي 5 لک 9 هزار ايڪڙ ٿئي ٿي. هن مهل جوهي تعلقي ۾ 14 يونين ڪائونسلز ۽ 110 ديهه آهن جوهي سٽي 7 وارڊن تي مشتمل آهي ۽ هاڻي جوهي جو درجو ميونسپل وارو آهي ۽ ڪاڇي ۾ 6 يونين ڪائونسلز آهن جنهن مان هڪ يونين ڪائونسل ڊرگهه بالا آهي جيڪا نئين گاج جي تازي وهڪري ۽ ٻوڏ ۾ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي ايئن ئي باقي ڪاڇي جي به صورتحال آهي هن مضمون ۾ انهي ڊرگهه بالا يوسي جو احوال پيش ڪجي ٿو جنهن سان باقي ڪاڇي جي موجوده صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
ڊرگهه بالا کي 1962ع ۾ يوسي جو درجو مليو، هن يوسي جي آدمشماري24340 آهي ۽ ڪل گهر 4620 آهن. هن يوسي جي ايراضي 19682ايڪڙ آهي ۽ ديهه ڊرگهه بالا جي ايراضي 10365 آهي. ٻوڏن جي اچڻ جا 5 قسم آهن جن ۾ دريائي ٻوڏون ،نئين جون ٻوڏون ، ڍنڍن جون ٻوڏون ، ڊيمن جون ٻوڏون ۽ برساتي ٻوڏون شامل آهن. سنڌ ۾ درياءَ جون 2 ٻوڏون آيون آهن هڪڙي 1942ع ۾ ۽ ٻي 2010ع ۾، انهن ٻنهي ٻوڏن پوري سنڌ کي لوڏي ڇڏيو هو الائي ڪيترائي ماڻهو دربدر ٿي ويا ماڻهن جا مال متاع، فصل ۽ گهر لڙهي ويا، انهي سان گڏوگڏ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ، ماڻهو ويچارا لڏي لمي وڃي ڪيترن سالن کانپوءِ پنهنجي پيرن تي بيٺا، ڪي وري ويچارا صفا ويهي ويا. جڏهن سنڌ ۾ ايريگيشن نظام آيو ۽ بئراجي سسٽم قائم ڪيو ويو انهي کي تحفظ ڏيڻ خاطر انگريز سرڪار جوهي تعلقي ۽ پوري ڪاڇي جي پٽي کي الڳ ڪري هڪڙو بند ڏنو جنهن جو نالو ايف پي بند رکيو ويو، ايف پي بند جي ڊيگهه 600 ميل يعني 900 ڪلو ميٽر آهي جيڪا منڇر زيرو پوائنٽ کان شروع ٿي وڃي بلوچستان سان لڳي ٿي. ايف پي بند ڏيڻ جو مقصد ڪاڇي ۽ سنڌ جي ماڻهن جو تحفظ نه هيو بلڪه ايريگيشن سسٽم جي تحفظ ڏيڻ خاطر اهو بند ڏنو ويو هو . جيتري سنڌ جي تاريخ پراڻي آهي اوتري گاج به پراڻي آهي شروع واري ڏينهن ۾ گاج پنهنجي آزادي سان پئي وهندي هئي جنهن کي ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ نه هئي جڏهن سنڌ ۾ ايريگيشن سسٽم قائم ٿيو ته گاج جي وهڪرن کي قابو ڪرڻ لاءِ تير ڀت ۽ پٿرن جو بند ڏئي ڪري پاڻي کي هڪڙي پنهنجي وهڪري ۾ قيد يا بند ڪيو ويو ته پاڻي مرضي سان وهائي سگهجي پر وقفي وقفي سان گاج جو پاڻي هر ڀيري انساني منشا کي ٽوڙي مروڙي پنهنجي مرضي سان وهي ٿو جنهن جي ڪري مختلف سالن ۾ ٻوڏون آيون. گاج جي پهرين ٻوڏ جيڪا رڪارڊ ڪئي وئي سا 1956ع ۾ آئي ٻي ٻوڏ 1976ع ۾ آئي، ٽين ٻوڏ 1995ع ۾ آئي، چوٿين ٻوڏ 2011ع ۾ آئي ۽ پنجين ٻوڏ ع2020 ۾ آئي آهي، پر 2020ع هڪ نه پر 2 ٻوڏون آيون 1956ع کان پهرئين به ٻوڏون آيون هونديون پر انهي وقت ۾ بند سسٽم رائج نه هيو ان ڪري انهن جو ڪنهن به قسم جو ڳاڻيٽو نه آهي ليڪن جڏهن کان بند سسٽم قائم ڪيو ويو آهي تڏهن کان ٻوڏون به رڪارڊ ڪيون ويون آهن. انهن 5 ئي ٻوڏن ڪاڇي سميت جوهي شهر کي هر واري لوڏي ڇڏيوآهي لاتعداد ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جنهن ۾ صغير ٻارڙا عورتون پوڙها پڪا شامل آهن. مال متاع ۽ هر ڀيري فصلن جو به زبردست نقصان ٿيو. هن ڀيري واري ٻوڏ ڪاڇي جي ماڻهن جي ٺهيل معيشت کي پاڙن کان اکيڙي ڇڏيوآهي ڄڻ ته ڪاڇو 50 سال پوئتي هليو ويو آهي، ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ وري نئين سر محنت ڪرڻي پوندي چوندا نه آهن ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. ٻوڏ ڪاڇي واسين کي هر ڀيري تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي. چوندا آهن ته ٻڏي جا ٻيڻا پر مان هتي اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته انهن 5 ئي ٻوڏن ۾ صرف 2 ڀيرا ٻڏي جا ٻيڻا وارو پهاڪو سچ ثابت ٿيوآهي ڇو جو اهي ٻئي ٻوڏون فصل جي مند کان ڪجهه پهريان آيون جنهن جي ڪري ڪاڇي جي ماڻهن ۾ خوشحالي آئي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا. باقي 3 ٻوڏون مند شروع ٿي چڪي هئي ته پوءِ آيون جنهن جي ڪري فصل به لڙهي ويا ته ماڻهن جا گهر به تباهه ٿيا. جڏهن دريائن، ڍنڍن، نئين ۽ ڊيمن جو پاڻي پنهنجي حدن يعني ڪنارن جي اندر وهي ٿوته ان کي ٻوڏ نه ٿا چئي سگهون، جڏهن اهو پاڻي ڪپرن ڪنارن کان ٻاهر وهي هلي اسان ان کي ٻوڏ چئي سگهون ٿا.هن ڀيري به نئين گاج بند ٽوري پنهنجي حدن کان ٻاهر نڪري ڪاڇي کي ٻوڙيو آهي. عام ڏينهن ۾ نئين گاج 12 مهينا وهي ٿي، ان جي پاڻي بابت تفصيلي فيصلو ڪرنل ايڊرسن 1883ع ۾ ڪيو هو ۽ هن پاڻي تي ڪاڇي جي 3 يونين ڪائونسل جو حق قرار ڏنو هو ، جنهن ۾ ڊگهه بالا، پٽ گل محمد ۽ ٽوڙ شامل آهن. هن پاڻي تي ٻئي فصل يعني چيٽ ۽ ڪتي ٿين ٿا. هڪڙو ايريگيشن جو منظم ۽ ڪارائتو نظام جڙيل آهي ۽ ٻيو وري نئين گاج جي اندر زمين جي مٿاهين وارن ٽڪرن تي آبادي ٿئي ٿي جنهن کي اسان نئين جون ڪنڊون سڏيندا آهيون جيڪا آبادي مڏن وسيلي ٿيندي آهي.
گاج جي سيٽل ڪمانڊ ايريا جيڪا آباد ٿيندي آهي اها تقريبن 1 هڪ لک 50 هزار ايڪڙ آهي نئين گاج جي ايريگيشن سسٽم ۾ ڪاڇي جي شهرن جا 13 وڏا واھه نڪرن ٿا جيڪي اڳتي هلي وري ٻين واهن ۾ ورهائجي وڃن ٿا. هتي نئين سول جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿوجيڪا نئين گاج مان ئي نڪرندڙ نئين آهي اها قدرتي نئين نه آهي، هن نئين جو گاج جي زرعي پاڻي تي ڪو قانوني حق نه آهي باقي ٻوڏ جي ڪري پاڻي وافر مقدار ۾ هوندوآهي پوءِ اهو پاڻي انهي عرصي ۾ وڃي منڇر ڍنڍ تائين زمينن کي آباد ڪري ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *