تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

نئين بلدياتي چونڊ: هاڻي ئي شرط لڳي ويا….

جيتوڻيڪ ھنن جو ان حوالي سان ڪو موقف سامھون ناھي آيو پر سجاول ضلعي جي سياسي پنڊتن ھاڻي کان بحثن جو موضوع شيرازين کي بڻائي ڇڏيو آھي، مڪاني ادارن جي چونڊيل چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جو وقت ھلندڙ سال جي آگسٽ مھيني ۾ پورو ٿيندو ۽ اليڪشن ڪميشن ھاڻي کان ئي نين بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ لکپڙھ شروع ڪئي آھي، حدن جي مختيارڪارن کان يونين ڪائونسلن جي حدبندين جون لسٽون تصديق ڪرايون پيون وڃن ۽ چونڊن جي تياري شروع ٿي رھي آھي، اليڪشن ڪميشن جو رڪارڊ شاھد آھي ته گذريل مڪاني چونڊن دوران شيرازي گروپ جي سربراھه اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت شاھ شيرازي پاڻ لاءِ پڻ نامزدگي فارم ورتا ھئا پر پوءِ بعد ۾ اھي فارم جمع نه ڪرايا ويا ۽ اڳوڻو ضلعي ناظم پاڻ چونڊ نه وڙھيو ھو، سندس چونڊ نه وڙھڻ واري فيصلي جي پويان ڪھڙي حڪمت عملي ھئي اھا ڄاڻ ناھي پر سجاول ۾ ان بابت ڪيترائي بحث ٿيا ھئا.
ھاڻي جڏھن ٻيھر مڪاني چونڊن لاءِ ميدان تيار ٿي رھيو آھي تڏھن وري به بحث شروع ٿي ويا آھن ۽ سمورن سياسي بحثن جو موضوع شيرازي اميدوار آھن. ڪجھه تجزيئي نگارن جو چوڻ آھي ته شيرازي گروپ جو چونڊيل ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ صوبائي تڪ تان چونڊيل ايم پي اي شاھ حسين شيرازي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي آيل آھن ان ڪري مڪاني چونڊن دوران پڻ شيرازي گروپ جا اميدوار پيپلز پارٽي جي ئي ٽڪيٽ وٺي چونڊ وڙھندا، پر ڪجھه سياسي پنڊتن جو ان ڏس ۾ ٻيو خيال آھي، سندن چوڻ آھي ته سجاول ضلعي ۾ آفيسرز جي مقرري تان شيرازين ۽ ٻين پ پ اڳواڻن ۾ شديد اختلاف موجود آھن جنھن ڪري گھڻو امڪان اھو آھي ته ھن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ شيرازي گروپ جا اميدوار پ پ جي ٽڪيٽ وٺڻ بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندا ۽ چونڊ کٽڻ بعد ھو پ پ ۾ شامل ٿي سگھن ٿا پر ڪجھه شرطن تي اھا شموليت ٿيندي. تجزيئي نگارن جو اندازو آھي ته پ پ اڳواڻن ۾ اختلافن جا ٻيا به ننڍا ننڍا سبب آھن پر ھڪ وڏو مک سبب ضلعي آفيسرز جي مقرري آھي ۽  ذريعن جو چوڻ آھي ته ھاڻي تازو ئي ٻن مک ضلعي آفيسرن تي اھو الزام ھنيو ويو ته ھو صرف شيرازين جا ئي ڪم ڪن ٿا ۽ ٻين پ پ اڳواڻن کي ڪا خاص لفٽ ناھي ان ڪري انھن آفيسرز کي بدلي ڪيو وڃي. چيو پيو وڃي ته اھڙي شڪايت وڏي وزير سميت مختلف پ پ جي صوبائي اڳواڻن کي ڏني وئي پر ظاھري طور وري به شيرازين جوپاسو ڳرو نظر آيو، جنھن بعد سجاول جا مک پ پ اڳواڻ اھڙي دانھن کڻي فريال ٽالپر وٽ پھتا جنھن بعد معلوم ٿيو آھي ته فريال ٽالپر سان شيرازين پڻ نوابشاھ وڃي ملاقات ڪئي. خبر ناھي ته فريال پاڻ شيرازين کي ملاقات لاءِ گھرايو ھو يا شيرازي پاڻ فريال کان وقت وٺي ملاقات ڪرڻ ويا،
بحرحال فريال سان ملاقات بعد به ضلعي جي  سياسي صورتحال جيئن جو تيئن ساڳي آھي ۽ ضلعي آفيسر پڻ ساڳيا ئي موجود آھن جنھن مان لڳي ٿو ته پ پ اڳواڻن جي دانھڻ جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو. شيرازي ماضي ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ به اقتدار ۾ رھيا ته مسلم ليگ نواز جي دور ۾ به اقتدار ۾ رھيا ۽ گذريل عام چونڊن ۾ وري پيپلز پارٽي به شيرازين کي ئي ٽڪيٽون ڏنيون، ان ماجرا جي اصل سببن جي ڄاڻ ته پ پ قيادت ۽ شيرازين کي ئي ھوندي پر سوچڻ جي ڳالھه اھا آھي ته آخر ھن ضلعي ۾ شيرازين ۽ ٻين پ پ اڳواڻن جي عوامي سياست ۾ ڪھڙو فرق آھي جو ھر ڀيري شيرازي بازي کٽي وڃن ٿا. تبصرو ڪندڙ چون ٿا ته ضلعي اندر جيتوڻيڪ ٻين پ پ اڳواڻن پڻ ڪيترائي ترقياتي ڪم ۽ عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا آھن پر اھا حقيقت آھي ته اڪثر ڳوٺن ۾ جتي به ڪو پاڻي جو تلاءَ، بجلي، اسڪول، پڪا رستا يا ڪو ٻيو ترقياتي ڪم ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڳوٺاڻن کان ان بابت پڇجي ٿو ته ھو فوري جواب ڏين ٿا ھي اسڪيم شيرازين ڏياري آھي، ان کان علاوه شيرازين جي ھڪ خاصيت کان انڪار مخالف به نٿا ڪن ته شيرازي پنھنجي ووٽرن سان ھر وقت رابطي ۾ ھوندا آھن ۽ اوطاقن تي آساني سان ملي ويندا آھن، ان جي ڀيٽ ۾ ٻين پ پ اڳواڻن کان عام ماڻھن کي اھا شڪايت رھي آھي ته کين ڳولڻ ئي مشڪل آھي ساڻن ملڻ به ڏاڍو ڏکيو آھي.
عام ماڻھن کي ان ڳالھه سان ڪو سروڪار ناھي ھوندو ته مٿي اقتداري ايوانن ۾ ڪھڙي اٿل پٿل آھي؟ عام ماڻھوصرف اھو چاھين ٿا ته سندن ووٽ تي چونڊيل نمائندو مقامي سطح تي سندن مقامي مسئلن کي حل ڪري ۽ کين آساني سان ملي سگھي. ھن وقت جڏھن نئين مڪاني چونڊن جون تياريون ٿي رھيون آھن تڏھن ھتان جي سياسي پنڊتن شيرازين بابت شرط لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن، حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته شرط ان ڳالھه لاءِ ناھن ته شيرازي اميدوار چونڊ کٽيندا يا ھارائيندا پرشرط ان ڳالھه تي آھن ته مڪاني چونڊن دوران شيرازي اميدوار پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھندا يا آزاد حيثيت ۾ مقابلو ڪندا، جيڪڏھن شيرازي آزاد حيٽيت ۾ چونڊ وڙھيا ته اھا چونڊ باقي ٻين پ پ اڳواڻن لاءِ سندن سياسي مستقبل جو فيصلو ڪري ڇڏيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *