تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

مڪاني چونڊون نوجوانن لاءِ موقعو

سنڌ ۾ خير سان ٽن سالن وارو چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن وارو مدو پورو ٿيڻ تي آھي. پوري سنڌ ۾ موسمي ڏيڏرن پاڻ ۾ ڪنڌ جوڙڻ شروع ڪري ڏنا آھن. ٽي سال اڳ خدا کي پيارا ٿي ويل مسڪين ماڻھو انھن موسمي ڀوتارن کي پيارا ٿي ويا آھن انھن جون عذر خواھيون ڪرڻ لاءِ پيجارو ۽ ريوو گاڏين جا رخ ڳوٺن جي ڪچن رستن ڏانھن موڙجڻ لڳا آھن. ان کان اڳ پوري عرصي ۾ اھي خلق خدا جو جيئن ٻيڙو ٻوڙيندا رھيا اھو ھر ذي شعور ماڻھو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو.
جھڙي ريت سنڌ ۾ انھن چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سنڌ کي گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي ان جو ويجھي ماضي ۾ ڪو ٻيو مثال نٿو ملي .مان ننڍڙو مثال پنھنجي ننڍڙي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جو ڏيندس جنھن جي ھڪ مھيني جي ھڪ ڪروڙ بجيٽ آھي پر ٽن سالن ۾ پوري شھر سميت ڪٿي به ڏھن روپين وارو بلب به ناھي لڳي سگھيو. چار لک جي آبادي وارا ماڻھو گٽر جھڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن شھر جو ڊرينيج سسٽم اھڙو جو رستا چوويھه ڪلاڪ گندي پاڻي ۾ ٻڏل پر ٻئي طرف سياسي طور آيل چيرمين  وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر لک پتي ٿي ويا آھن. 
اھا ھڪ ننڍڙي جھلڪ منھنجي شھر جي آهي، ايئن ڪشمور کان ڪراچي تائين ھر شھر جي حالت رحم جوڳي آھي. گذريل ٽن سالن ۾ پوري سنڌ ۾ گٽرن کان ويندي بيواھن جا پيسا ھجن يا ڪنھن ايمرجنسي ۾ ڪنھن لاش جي دفن ڪفن لاءِ رکيل پيسا  ھجن يا باھه وسائڻ واريون گاڏيون ھجن انھن جي مد ۾ ڪروڙين روپياڪٿي به خرچ ٿيندي نظر نه آيا اهي ٻيھر عام ماڻھو جي اک ۾ سرمو وجھڻ لاءِ سرگرم عمل ٿي ويا آھن.  انھن صاحبن جا ساھه ھن وقت  ان لاءِ مٺ ۾ آھن ته انھن جو عرصو پورو ٿي رھيو آھي. ھڪ ڀيرو ٻيھر ماڻھن کي وڏا لولي پوپ ڏيندا، پر ان ھن ڀيري بلدياتي اليڪشن ۾ پيرن ڀوتارن سان منهن ڏيڻ لاءِ سموري سنڌ جي اھڙن ماڻھن خاص طور پڙھيل لکيل نوجوانن کي پنھنجن پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وارڊ سطح تائين باشعور نوجوان انھن ڀوتارن ۽ پيرن آڏو سينو تاڻي بيھن جيڪي اسان جي قيمتي اثاثي ووٽ کي پنھنجي ذاتي جاگير سمجھي وٺن ٿا .انھن صدين کان سنڌ جي سيني مٿان وار ڪندڙ مطلب پرستن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان کي ننڍاننڍا اتحاد ٺاھڻ گھرجن بيشڪه اھي وارڊ ليول جا ھجن ان ۾ ڪنھن به ذات رنگ نسل مذھب جو ڪو به مٿڀيد نه ھجي ان ۾ خاص طور اھڙا نوجوان شامل ھجن جيڪي ڀوتارڪي، پيري مريدي واري مرض کان آجا ھجن. اھڙا نوجوان جيڪي پنھنجي اندر تبديلي جي تڙپ رکن ٿا جيڪي ماڻھو پنھنجي آس پاس پنھنجي پاڙي محلي شھر ۽ سنڌ ۾ تبديلي جا خواھشمند آھن اھي پنھنجي وارڊن ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺن. منھنجي ان ڳالھه تي اڪثر نوجوان سوال ڪـندا آھن “اسان کي ووٽ ڪير ڏيندو.” مان چوان ٿو ووٽ ڀلي نه ملن پر سالن کان اڪيلي سر ميدان ماريندڙ انھن ڀوتارن ۽ پيرن سامھون سينو تاڻي بيھي رھڻ انھن لاءِ شڪست برابر ھوندو. جيڪڏهن ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ھزارين نوجوان  اٿي پوندا ته انھن کي روڪڻ ڪنھن پير مير ۽ ڀوتار جي وس ۾ نه ھوندو.
“جتي به شوق ۾ پورو شباب ايندو آ 
اتي ضرور وڏو ڪو انقلاب ايندو آ”
ڪنھن ڳوٺ ۾ اھڙي قسم جي ڪچھري ڪندي قائد اعظم يونيورسٽي جي ھڪ شاگرد چيو “سنڌ ۾ ان ڏھاڙي اھو محسوس ٿيندو ته اسان تبديلي ڏانھن صرف ھڪ قدم کنيو آھي جڏھن اسان جي ڪنھن ڳوٺ جو نوجوان ٽن سالن يا پنجن سالن کان پوءِ ڪنھن فوت ٿي ويل جي عذر خواھي لاءِ آيل ڪنھن پير يا ڀوتار کان عذر نه وٺندو”يقينن گذريل ڪجھه سالن ۾ سنڌ ۾ ڪجھه تبديلي نظر آئي آھي پوئين اليڪشن ۾ اھڙن ماڻھن جي اولاد پيرن ۽ ڀوتارن کان آڏي پڇا ڪري پگھر ڪڍيا آھن جن جا وڏا انھن سامھون ساھه کڻڻ به گناھه سمجھندا هئا. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان جي تعلقي جي نوجوانن بلديات جي ايندڙ اليڪشن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺڻ لاءِ نوجوان اتحاد ٺاھيو آھي جن ھاڻي کان ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري پوري سنڌ ۾ اھڙا باشعور ۽ پڙھيا لکيا ماڻھو جيڪي ھن سينواريل سماج ۾ ساھه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪن ٿا انھن کي اڳتي اچي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي پنھـنجا ننڍا ننڍا اتحاد ٺاھي ڪائونسلر  لاءِ اليڪشن وڙھڻ گھرجي.
اسان کي ووٽ ڪير ڏيندو ؟ ماڻھو پيرن ميرن پويان آھن وارا سوال سوچڻ کان سوا اھو سوچي ميدان تي نڪرو ته توھان سڀ ڪجھه ڪري سگھون ٿا توھان پھاڙن مان چارا ٺاھي سگھو ٿا توھان آسمان مان تارا لاھي سگھو ٿا، جيڪڏھن صدين کان اسان تي جاھل ڀوتار ۽ انڌن عقيدن جي ڄار ۾ ڦاسائي جعلي پير اسان جي ووٽ تي کٽي عياشيون ڪري سگھن ٿا ته پوءِ ھن جديد دور ۾ اوھان اسان پاڻ کي پڙھيو لکيو باشعور سمجھندڙ ڪائونسلر ۽ پوءِ چيرمين ڇونه ٿا ٿي سگھون. ان ڪري ھن ڀيري سنڌ ۾ سڀني شھرن ۾ اتحاد ٺاھي ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ انھـن ڀوتارن جي سامھون اچي ته ڏسون ته ڪيئن ٿي  انھن جي جسم ۾ ڏڪڻي پئي!
ڇا اوھان اياز ناھي پڙھيو جنھن چيو 
نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رھندي 
دوکي جي ديوار اويار

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *