تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

مڪاني چونڊون، تبديلي جو ذريعو

سنڌ ۾ خيرن سان مڪاني نظام وارو مدو پورو ٿيو آھي سموري سنڌ جي انهن مڪاني ادارن جي چونڊيل سڀني نمائندن جي سالن جي ڪارڪردگي ڊبل زيرو جي صورت ۾ اسان جي سامھون آھي.
يقينن مسڪينن يتيمن بيواھن جا پيسا ھڙپ ڪندڙ مڪاني ادارن جا ختم ٿيل خدمتگار سخت پريشان ھوندا ڇاڪاڻ ته اھي ھاڻ شھرن جي ڊرينيج جي نالي ۾، گٽر نالين جي صفائي جي مد ۾، چوڏھن آگسث تي لکين روپين جي مٺائي جي نالي ۾، خاڪروب جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪرڻ جي نالي ۾، ڪابه ڪرپشن ڪرڻ کان محروم ٿي چڪا آھن.
ڪراچي جي ميئر جيان ٻين شهرن جي ٽائون چيئرمينن جون اکيون پنھنجا عھدا ڇڏيندي آليون ٿي ويون آھن ڇوجو جيڪي مال ھنن شھرن کي گٽر ۾ تبديل ڪري ٺاھيا اھو موقعو وري شايد مشڪل ملي!
ٻئي پاسي مڪاني نظام جي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ چار سال ڪوما ۾ رھندڙ پير مير ۽ ڀوتار پنھنجي پنھنجي ٻرن مان نڪرڻ شروع ٿي ويا آھن عوام سان ڪوڙي ھمدردي جون ھام ھڻڻ ۽ مانگر مڇ وارا ڳوڙھا ڳاڙڻ جون ريھرسلز شروع ٿي چڪيون آھن .
چار پنج سال اڳ فوت ٿيل ماڻھن جون لسٽون ٺاھڻ لا خاص “ماڻهن” کي ھدايتون جاري ٿي چڪيون آھن
ڪجھه ڏھاڙا اڳ اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڀوتار اهڙي ئي خاص ماڻهو جي غلط ڄاڻ تي چڱو خوار ٿيو ھو. 
اهڙي حالت هن وقت سنڌ جي تقريبن هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ انهن وڏيرن ۽ چڱن مڙسن سان ٿي رهي آهي جيڪي هونئن ته ماڻهن کي ويجهو اچڻ ئي نه ڏيندا آهن پر امڪاني چونڊن جي ڪري کين هر ڪنهن وٽ وڃڻ سندن مجبوري ٿي پئي آهي. ان ڪري ھن وقت به ساڳيو حال آھي مڪاني نظام ختم ٿيندي ئي مفاد پرست ڀوتارن جو ٽولو ٻيھر عوام الناس کي بي وقوف ڪرڻ لا نڪري چڪو آھي. 
ان ڪري عوام کي ھوشيار ٿيڻو پوندو سدائين ڌوڪا کائيندڙن جي ڌوڪن کان بچڻ لاءِ اھڙن موسمي مھربانن جي رستا روڪ لاءِ اڳواٽ ئي ڪو پلاننگ ڪرڻي پوندي.
ڇاڪاڻ ته ھر ڀيري ووٽ وٺي ويندڙ اھي پير مير ۽ ڀوتار صرف پنھنجامفاد ڏسن ٿا ۽ عوام جيڪو ھن وقت برباد حال آھي جيڪو زوال پذير آھي اھو سڀ انھن ڀوتارن جون ڀلايون آھن جيڪي کين زرخريد غلام سمجھي صرف ووٽن وقت مٿي تي ھٿ ڦيري ۽ پوءِ ٿڌين هوائن ۾ گم ٿي وڃن ٿا ۽ ٻي اليڪشن تائين حالتن جي گرم جھولن ۾ اهي ماڻهو سڙندا رھن ٿا !!
عوام اھو ڇوٿي وساري ته ھي اھي ڀوتار آھن جن جي ڪرتوتن ڪري برساتون رحمت بدران زحمت بڻجنديون آھن، ھي اھي ڀوتار آھن جيڪي پنھنجون ڪيٽيون بچائڻ لاءِ عوام جا گھر ٻوڙيندا آھن ،انھن ڀوتارن جي ڪم نه ڪرڻ سبب اسان جا شھر اسان جا ڳوٺ کنڊرات جو منظر پيش ڪن ٿا رستا پليون نه ھجڻ ڪري پنھنجن پيارن جا لاشا به پاڻي جھاڳي آخري آرام گاھ تائين پھچائڻا پون ٿا!
ان ڪري ھاڻ اسان کي انھن ڀوتارن خلاف بغاوت جو علم کڙو ڪرڻو پوندو ڇوجو بار بار آزمائڻ جي باوجود انھن عوام کي ڏٺن کانسواءِ ٻيو ڏنو به ڇا آھي ؟؟
سنڌ ھن وقت تبديل ٿيڻ وڃي رھي آھي ان ڪري بار بار آزمايل کي آزمائڻ واري بي وقوفي ڪرڻ بدران ھاڻ انھن پيرن ميرن ۽ ڀوتارن کي پنھنجن شھرن ڳوٺن ۽ صفن مان ڀڄائي ڪڍڻ گهرجي جيڪي ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام جي مٿي تي ھٿ ڦيري پنھنجو ڪم ڪڍڻ لا  ڪر پيا کڻن !
سوشل ميڊيا تي سنڌ جي نوجوانن جي باغي ذھنن کي پڙھي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ جي ساڄاھه ھاڻ انھن ڀوتارن کي رد ڪرڻ جو پڪو پھه ڪري چڪي آھي ان ڪري انھن ڀوتارن کان بيزاري جو اعلان ڪري پنھنجو پاڻ مان اميدوار چونڊي مڪاني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي ڇوجو اڻ پڙھيل ڀوتار ۽ تعويذن ۽ جادو ڦيڻي جي آسري ووٽ وٺندڙن ٺوڳي کان پڙھيا لکيا نوجوان وڌيڪ طاقتور آھن.
ان ڪري مڪاني نظام ۾ سنڌ کي لٽيندڙن جو احستاب ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي ان ڪري سنڌ جي سموري شعور کي گڏجڻو پوندو جيڪڏهن سنڌ جو شعور رکندڙ ماڻھو انھن ڀوتارن خلاف اٿي بيهي ٿو ته انھن پيرن ميرن ۽ ڀوتارن کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي
۽ صدين کان قائم رعب تاب وحشت ۽ دھشت جي علامت بنيل ڀوتارڪي نظام جي ڀت پٽ پئجي ويندي .
اياز چيو 
نيٺ ته ڊھندي  ڪيسين رھندي،
دوکي جي ديوار اويار

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *