تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مڪاني ادارن جي نااهلي شهر تباهه ڪري ڇڏيا

اسين جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهون ٿا، انهن جي تڪليفن کي اڄ ڏينهن تائين نه ئي حڪومت سمجھي سگھي نه ئي اسان جا معتبر نمائندا، جن کي اسين ڏاڍي محبت ۽ احترام سان ڪائونسلر کان وٺي سينيٽ تائين چونڊي پنهنجي دردن جي دوا لاءِ موڪليون ٿا، پر اهي اسان جي دردن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪيترا ڪامياب ٿيا آهن؟اچو ته انهن کي پرکڻ جي اسين ڪوشش ڪريون ٿا؛ ٿي سگھي ٿو ڪي دوست مون سان ان معاملي ۾ اختلاف ڪن، اهو انهن جو حق آهي پر جيڪو مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي اهو بيان ڪرڻ منهنجو حق آهي.
سدائين اليڪشنون ٿين ٿيون، نمائندا چونڊجي اچن ٿا، جڏهن کان اسان هوش سنڀاليو آهي، تڏهن کان اسين ان عمل مان گذرون پيا پر ان جي ابتڙ جيڪي مسئلا اسان جا آهن، اهي ڏينهون ڏينهن وڌن پيا! اسان اهو وقت به ڏٺو جڏهن اسان جو ننڍڙو شهر دڙو، جنهن ۾ سينيٽري ڪميٽي هئي، ان وقت اسان وٽ نه بجلي هئي نه واٽر سپلاءِ، نه ئي سي سي بلاڪ گھٽيون هيون، نه ئي ڪي ناليون هيون. اهي سڀ ڪجهه نه هئڻ جي باوجود، اسان صبح جو اٿندا هئاسين، ته گھٽين ۾ ٻهاري لڳل هوندي هئي ۽ ڪچرو اروڙين تي پيل هوندو هو. هڪ ڍڳي واري ڪاٺ جي بيل گاڏيءَ تي صفائي ڪندڙ ماڻهو ڪچرو کڻي ويندا نظر ايندا هئا. هر گھر جي پنهنجي هودي هوندي هئي، جنهن ۾ گھرن جو گندو پاڻي گڏ ٿيندو هو ۽ صفائيءَ وارو اهو پاڻي ڊرم واري ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڪڍي وڃي ٻاهر اڇلايو ويندوهو . سڄي شهر ۾ ڪٿي به ڪن ڪچرو، گندو پاڻي نظر نه ايندو هو. هر روز 3 وڳي کانپوءِ ٻهاري ڏيڻ واريون مايون ۽ مرد پارٽي جي صورت ۾ سڄو شهر صفا ڪري هليا ويندا هئا. ڪٿي به ڪچرو يا گپ نه هوندي هئي. ان جي ڪري نه مک، نه مڇر، نه ئي ڪو مسئلو هو. رات جو هر گھٽي، هر چوڪ تي هڪ شمعدان (فانوس) لڳل هوندو هو. ايڏو سٺو ۽ موثر انتظام هو، جو جيئن سانجھي نماز جي ٻانگ ايندي هئي، تيئن شمعدان ٻري ويندا هئا ۽ فجر نماز بعد اهي شمعدان وسايا ويندا هئا. هر روز انهن جي صفائي، گاسليٽ وجھڻ ۽ انهن کي ٻارڻ جو ٺيڪو پرائيوٽ ماڻهو کي ڏنو ويندو هو. هو پنهنجي ذميواري ايمانداريءَ سان نڀائيندو هيو. اسان کي ياد ناهي، ته ان وقت ۾ ڪڏهن به اهڙي شڪايت ملي هوندي، ته اسان جي گھٽيءَ مان صفائي نه ٿي يا اسان جي هوديءَ جو ڪنو پاڻي نه نڪتو يا اسان جي گھٽي يا چوڪ جو شمعدان نه ٻريو. ان بعد ايوب خان جو دور آيو، يونين ڪائونسل جو وجود پيو، تڏهن به ساڳيو طريقو هلندو رهيو، شهر ۾ اهڙي ڪابه شڪايت نظر نه آئي. ڪڏهن ملازمن جي شڪايت نه ٻڌي ته اسان کي پگھار نه ملي آهي. جڏهن ته ان وقت محصول ۽ هودي ٽئڪس وغيره ورتو ويندو هو، جنهن مان سڄو سسٽم هلندو هو. ڏاڍو ڀلو سسٽم هو، هر طرف صفائي سٺائي نظر ايندي هئي. ڏسندي ڏسندي سڄو نظام بدلجي ويو! هر طرف خرابي ئي خرابي! جڏهن ته ان وقت به اليڪشن ۾ ميمبر چونڊبا هئا ۽ هو پاڻ کي سڀني شين جو ذميوار سمجھندا هيا، پنهنجا ڪن ۽ اکيون کليل رکندا هئا، ڪٿي به ڪا ڪوتاهي نظر ايندي هئي، ته پنهنجو فرض سمجھي اها ختم ڪرائي ڇڏيندا هئا. ان مان اهو فائدو هيو جو مسئلو پيدا ٿيو ته اتي ئي ختم ٿي ويو، اڳتي نه وڌيو. ان بعد شهرن ۾ ٽائون ڪميٽيون ۽ ميونسپل ڪميٽيون اچي ويون ۽ شايد سياست جو انداز بدليو، پارٽيون ٺهيون، انهن پارٽين ۾ اهڙا فرد اچي ويا، جيڪي مختلف نظرين، سوچن جا مالڪ هئا. انهن ۾ هڪ ڏاڍي خرابي پيدا ٿي، جيڪا هئي پنهنجن کي ورسائڻ، نتيجو اهو نڪتو، ته جيڪي ماڻهو رکيا ويا، اهي سفارش تي ڀرتي ٿيا،صفائي عملي لاءِ به سفارش تي سڀ سفيد پوش رکيا وڃن ٿا جيڪي رڳو پگهار ٿا کڻن ۽ ڪم نه ٿا ڪن . مڪاني ادارن جو عملو پٽيوالا،ڊرائيور، ڪلارڪ ۽ ٻيا سياسي ماڻهن جي اوطاقن تي ڊيوٽي ڪرڻ ۾ پورا آهن . گذريل 10 سالن کان رڳو ڊيلي ويجز تي ڪم کي هلايو ويو اهڙي صورتحال ۾ شهرن جي صفائيءَ جو ڇا ٿيندو؟ حالتون ڏينهون ڏينهن خرابيءَ ڏانهن وڌن پيون. بلدياتي ادارن جو مدو پورو ٿيو آهي. سياسي ماڻهن جي هٿن مان انتظام سڌيءَ طرح ختم ٿيا آهن. انتظام هاڻي وري اي سي، مختيارڪارن جي حوالي ڪيو ويو آهي. اهي ساڳين ماڻهن جا محتاج ٿي ڪم ڪندا، نه ته رهي نه سگھندا. شايد اڳي جيڪي پئسا ايندا هيا اھي سياسي پنڊت پنھنجي مرضيءَ سان کپائيندا هئا، پر هاڻي انهن قسطن ۾ هنن آفيسرن جو حصو هوندو، نتيجي کان اڳ اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڇا حال ٿيندو!؟ ڪنهن سٺائيءَ جي اميد گھٽ رکجي سگھي ٿي. تنهنڪري ڪم گھٽ ٿيندو ۽ ورهاست وڌيڪ ٿيندي.
ماڻهن جي حالت هن برسات ۾ اهڙي ٿي جو پنهنجي گھرن ۾ سڪون سان ويهي نٿا سگھن. گٽرن جو پاڻي گھرن ۾ بيٺو آهي. بنا پلاننگ جي ڪري ناليون مٿي ٺهرايون ويون آهن، نتيجو اهو نڪتو آهي جو گھر هيٺ ٿي ويا آهن ۽ ناليون ۽گھٽيون مٿي ٿي ويون آهن.اهڙي حالت سنڌ جي هر شهر جي آهي جنهن ڪري برسات سبب ناليون ڀرجي ويون. صفائي نه هئڻ ڪري سڀني نالين جو پاڻي سڌو ماڻهن جي گھرن ۾ڪاهي پيو آهي. غريب ماڻهو عذاب ۾ زندگي گذارين پيا. وري ٻڌون پيا ته ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. سروي ٿيندي،ميٽنگون ٿينديون، ان ۾ به جيڪي ڌريون فيصلا ڪنديون ته هنن جا نالا شامل ڪجن، هنن جا نه ڪجن! سڀڪو وڏيرو پنهنجي لسٽ ٺاهي کڻي ايندو. پنهنجن کي ورسائڻ لاءِ اڳيان هوندو. باقي جيڪي خدا جا ماڻهو ۽ مستحق هوندا، رڳورڙيون ڪندا ۽ ٿڌا شوڪارا ڀريندا رهندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *