تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مڪاني ادارا پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برساتن جي موقعي تي اين ڊي ايم اي کي ذميواري ڏني وئي آهي ته هو پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالن جي صفائي ڪري. گذريل برساتن دوران ڪراچيءَ ۾ لڳ ڀڳ 78 ملي ميٽر ٽي انچ برسات پوڻ جي ڪري شهر جو جيڪو حال ٿيو هو ۽ شهرين جنهن طريقي نقصان کي منهن ڏنو هو اهو ان ڪري افسوسناڪ هو جو ڪراچيءَ ۾ ته هڪ ئي وقت ڪيترائي بلدياتي ادارا موجود آهن ۽ اتي عملو به موجود آهي پر ان باوجود ڪراچي ناقابل يقين امتحان مان گذريو. حڪومتي اهلڪارن سميت سڀني افسوس جو اظهار ڪيو پر ڪم ڪنهن به نه ڪيو ۽ برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪو ادارو تيار نه هو. انهن جا اهلڪار روڊن تي ڏسڻ ۾ نه آيا. ٽريفڪ پوليس جا سپاهي گٽرن جا ڍڪ کوليندي نظر آيا جيئن پاڻيءَ جي نيڪال جو ٿوروئي سهي پر انتظام ڪري سگھن. ڇا هيءَ انهن جي ذميواري هئي ته پاڻيءَ جي نيڪال جو رستو ٺاهين؟ ڪراچيءَ ۾ڊگھي وقت کان ڪچري جا ڍير لڳل آهن پر مڪاني ادارا جن جي اها بنيادي ذميواري آهي، هٿ تي هٿ رکيون ويٺا آهن ۽ چون ٿا ته اها ذميواري سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي آهي. هڪ ٻئي تي الزام ۽ ذميواري هڻندا رهيا. اهي شهري جن جي ووٽن جي بنياد تي مڪاني ادارن جي نمائندن جو بنياد بيٺل آهي، تڙپندا رهيا، نمائندا بيانن جي دنيا مان ٻاهر نه نڪتا. اهو سوچڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي ته شهرين کي مستقل طور مسئلن مان ڪيئن ڪڍيو وڃي. اڪيلو ڪو هڪ به کاتو ڪراچيءَ جا مسئلا حل نٿو ڪري سگھي. ماسٽر پلان نه هجي، منصوبن جا تفصيل نه هجن ته ڪو به ڪم ڪيئن ٿو ٿي سگھي.
ڪراچي هجي يا حيدرآباد يا سنڌ جو ڪو ٻيو شهر، سمورا ئي مڪاني ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان بيزار آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ته چوڻ جي حد تائين ايم ڪيو ايم وٽ آهن جتي ميئر ان جو چونڊيل آهي. انهن کي سموريون سهولتون حاصل آهن پر ڪم ٽڪي جو به نه آهي. جيڪڏهن يونين ڪائونسلون پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن ها ۽ ذميواري نڀائين ها ته ڪو سبب نه هو ته شهري تڙپن ها. يونين ڪائونسلون هر مهيني باقائدگيءَ سان هڪ رقم سنڌ حڪومت کان وٺنديون آهن جيئن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ صفائي ڪرائي سگھن، ڪچرو کڻائي سگھن. هڪ ٻن چيئرمينن کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪم نٿو ڪري پر رقمن ۾ مبينا طور گھوٻيون هنيون وينديون آهن. چونڊيل نمائندن ۾ احساس جي کوٽ آهي جو هو پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿا رهن. جيڪڏهن صوبائي حڪومت انهن جي ڪمن ۾ رنڊڪ ٿي وجھي ته هي پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڇو نٿا ڏين؟ ڪراچيءَ جو ميئر وسيم اختر گھربل فنڊ جي عدم فراهميءَ جي شڪايت ڪري رهيو آهي پر ان جي ماتحت ڪراچيءَ جو سڀني کان وڏو بلدياتي ادارو ڪي ايم سي ڪا ذڪر لائق ذميواري ادا نه ڪري سگھيو. اهڙو روئڻ پٽڻ ڪهڙي ڪم جو. انهن جي روئڻ سان شهرين جو ڪجھه نه وڃي انهن کي ڪم گھرجي، سندن گھٽين مان ڪچرو کنيو وڃي، انهن جا نالا ۽ ناليون صاف هجن، کين پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڏنو وڃي پر ڪجھه به ناهي. حد ته اها آهي ته صفائي به ناهي ٿيندي ۽ جڏهن برساتون پونديون آهن ته آباديون ٻڏي وينديون آهن. ان دوران سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ امڪاني برساتن دوران لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رکيو ويو آهي. سندس ڪابينا جا وزير برسات دوران صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ علائقن ۾ گھمندا رهيا. شهر ۾ سمورن نالن جي صفائيءَ جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ وزيراعليٰ موجب اسان جو ڪم نالن جي صفائي جو ناهي حڪومت ڪي ايم سي جي مدد ڪندي رهندي آهي. هن چيو ته چيئرمين اين ڊي ايم اي کي ٻڌايو ته حڪومت ڪهڙو ڪم ڪري رهي آهي. اسان کي نالن جي صفائيءَ ۾ ٿورڙي دير ضرور ٿي آهي، اسان جو ڪم نالن جي صفائي ناهي، اسان ڪي ايم سي جي مدد ڪندا آهيون، 38 مان 3 نالن جي صفائي ايف ڊبليو او ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته نالن جي صفائي جا مسئلا آهن، ميئر به نشاندهي ڪئي آهي، انتظاميا جو ڪم آهي ته جلد کان جلد نيڪال ڪري. گذريل برساتن دوران ته ڪنهن به ڌيان نه ڏنو هو.
ترجمان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته 38 نالن مان 22 جي صفائي هنگامي بنيادن تي شروع ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اين ڊي ايم کي هدايت ڪئي هئي ته ڪراچيءَ ۾ برساتي نالن جي صفائيءَ جو ڪم ڪيو وڃي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ 552 ننڍا وڏا برساتي نالا آهن، گجر نالو، ڪورنگي نالو ۽ مواڇ ڳوٺ نالي تي ايف ڊبليو او ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ ڪراچيءَ جي 19 نالن جي صفائي جي ذميواري سنڌ حڪومت کنئي آهي، صفائيءَ دوران 6 هزار ٽن کان وڌيڪ ڪچرو نالن مان ڪڍجي چڪو آهي، شهر جي 3 نالن تي 21 هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي رنڊڪون موجود آهن، هنگامي بنيادن تي ڪو نه ڪو انتظام ڪيو ويندو پر مستقل حل ڪهڙو هوندو؟ هنڌ هنڌ تي اڏاوتون، غير قانوني قبضن جي ڪري ڪو مستقل حل ڳولڻ ڏکيو آهي. اڏاوتن ۽ غير قانوني قبضن کي سخت دليءَ سان هٽائڻو پوندو. چيو پيو وڃي ته گرين لائين منصوبي جي ڪري به شهر ۾ وهندڙ نالا بند ڪيا ويا ڪنهن سوچيو نه هو ته نالن جي بندش تباهي آڻي سگھي ٿي.
موسميات کاتو شهر ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري رهيو هو ۽ نالن جي بروقت صفائي تي زور ڏئي رهيو هو، ان جي خيال ۾ جيڪڏهن صفائي نه ٿي ته صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي. ڪراچيءَ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن ڪري شهر ۾ برساتي نالن جي صفائي وڏو چئلينج بڻجي ويو. چيو پيو وڃي ته هن وقت تائين نالن مان ٽنين ڪچرو ڪڍيو ويو آهي جنهن کان پوءِ نالن جي صفائيءَ جو دائرو به وڌايو ويو آهي. اميد ڪئي پئي وڃي ته موسميات کاتو جھڙي اڳڪٿي ڪري رهيو آهي ته مون سون جو نئون سسٽم خميس کان شروع ٿيو آهي اثر انداز ٿيندو، ڪراچيءَ ۾ گذريل ڏينهن دوران صرف 78 ملي ميٽر برسات تباهي مچائي ڇڏي. هاڻي 3 ڏينهن دوران 100 کان 130 ملي ميٽر برسات جو امڪان ٻڌايو پيو وڃي. ممبئيءَ ۾ ته تازي سسٽم جي نتيجي ۾ 331 ملي ميٽر برسات وسي آهي جنهن جي ڪري پورو شهر ٻڏي ويو آهي. جيڪڏهن ايتري برسات ڪراچيءَ ۾ وسي پوي ته نتيجن جو ڪهڙو اندازو لڳائي ٿو سگھجي. نالن جي صفائيءَ جو ڪم جنگي بنيادن تي ڪرڻ گھرجي پوءِ اميد ڪري سگھجي ٿي ته هن ڀيري ٿيندڙ برساتن دوران شهرين جي سهولتن جو ڪو رستو نڪري اچي. هن تماشگاهه ۾ جھڙيءَ ريت هر ڪم عارضي طور ڪيو ويندو آهي ۽ مستقل حل کان پاسو ڪيو ويندو آهي، اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو مستقل حل نه پيو ڳوليو وڃي. هي اسان جي نظام جي غفلت آهي. ڪراچيءَ ۾ بلدياتي معاملا اڪلائڻ لاءِ ڇهه ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. سمورن ادارن کي ويهاري ڪو مستقل حل جي ڳولڻ، وقت ۽ پئسو بچائڻ لاءِ به تمام ضروري آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *