تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ميڊيا اڄ به محفوظ پيشو ناھي

ايئن ناھي ته ھاڻي ميڊيا ڪو محفوظ پيشو بڻجي وئي آھي. دنيا ۾ اڄ به ميڪسيڪو ميڊيا سان تعلق رکندڙ انسانن جو سڀ کان وڏو مقتل آھي ۽ شام جي جنگ عام انسانن سان گڏ صحافين جي لاءِ به شمشان گھاٽ بڻيل آھي. جڏھن ته افغانستان ۾ ميڊيا مٿان موت جو ديو مستقل طور تي لامارا ڏئي رھيو آھي. جنگ ۾ رپورٽنگ ڪندڙ جرنلسٽ ته پوري تاريخ ۾ شھيد ٿيندا رھيا آھن پر ايترا صحافي خودڪش ڌماڪن، ھوائي حملن ۽ ڪراس فائرنگ ۾ به قتل نه ٿيا آھن، جيترن صحافين کي انڊرورلڊ جي منشيات فروشن ۽ مجرمن قتل ڪيو آھي.
سو صحافت اڄ به پرخطر پيشو آھي. 21ھين صديءَ اسان سان مختلف واعدا ۽ وچن ڪيا ھئا. اڄ 21ھين صدي جون اکيون ھيٺ آھن. اھا صدي جنھن جي حوالي سان تمام گھڻا خواب ڏيکاريا ويا، اھا اڄ پنھنجن پراڻن قسمن جي حوالي سان تمام گھڻي شرمسار آھي. ھاڻي اھو دور ناھي، جڏھن باغي اديبن ۽ باھه جھڙا لفظ لکندڙ شاعرن جي درن تي آڌيءَ رات جو “ٺڪ …..ٺڪ….” ٿيندي ھئي. ھي نئون دور نئون حڪم نئون جڳ آھي، ھن دور ۾ صحافين جي موبائل فونن جي جڏهن رنگ ته وڄندي آھي پر انھن جي اسڪرين تي نمبر ظاھر نه ٿيندو آھي، تڏھن انھن کي پنھنجا ننڍڙا ٻار ياد اچي ويندا آھن. انھن کي جڏھن فون تي چيو ويندو آھي ته اوھان رياست جي خلاف سازش ٿا ڪريو، تڏھن انھن جي سيني ۾ ڄڻ ته ڪا جوالا مکي ڦاٽ کائڻ چاھيندي آھي پر ھو چپ رھندا آھن. ھو اڻ پڙھيلن سان بحث ڪرڻ نه رڳو بيڪار پر نقصانڪار به سمجھندا آھن. جڏھن ته قلمڪارن وٽ مناسب لفظ ۽ سگھارا دليل ھوندا آھن. ھو چوڻ به چاھيندا آھن ته ھن ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ ۾ ڪنھن به صحافيءَ جو ھٿ نه رھيو آھي. صحافين ڪڏھن به ملڪ جي اقتدار تي قبضو نه ڪيو آھي. صحافين ڪڏھن به چونديل حڪومتن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پنھنجي اشاري تي ھلائڻ وارا حربا نه سوچيا آھن. صحافين ڪڏھن به پنھنجي پيشي سان غداري نه ڪئي آھي ۽ نه وري انھن ملڪ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. صحافين ته سدائين قلم کي سئي بڻائي اڊڙيل ديس جي دامن کي سبيو آھي. صحافين ته سدائين امن جا نثري نظم لکيا آھن. صحافين ته سدائين سچ کي ڪوڙ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. صحافين ته سدائين عوام دشمن ڪردارن کي وائکو ڪيو آھي. صحافين ته سدائين سچ جو ساٿ ڏنو آھي. توڙي جو انھن کي پورو پتو آھي ته سچ سدائين غريب ۽ مسڪين جي پاسي ھوندو آھي. صحافين سدائين اھو سمجھائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي ته صحافت ھيڻي جو ھٿيار رھي آھي ۽ اھو ئي سندس ڏوھه آھي. صحافت کي ڪڏھن به ڪو سچو ماڻھو ڪرپشن جي راھه تي نه وٺي ويندو. صحافت کي ڪرپٽ ڪرڻ ۾ ڪوڙن، ڪانئرن ۽ چورن چڪارن جو ھٿ رھيو آھي. جيڪڏھن اڄ صحافت جو نالو وٺڻ سان ذھن ۾ بليڪ ميلنگ جو تاثر اڀري اچي ٿو ته ان بري بازار ۾ لفظ لڪائڻ وارو ڌنڌو ڪرڻ وارن دڪانن کي فروغ ڏيڻ وارن ۾ به ته اھي ئي قوتون شامل آھن، جيڪي صحافت جي آزادي برداشت ڪري نه ٿيون سگھن. جيڪڏھن جھيڙو سچ تي آھي ته پوءِ اسان سڀني کي اياز جي اھا راءِ قبول ڪرڻي پوندي ته:
“سچ اھا تارازي آھي
جنھن ۾ ھر ڪو ئي سمجھي ٿو
ان جو ئي پڙ ڀاري آھي”
پر قلم جو وزن ھن وقت تائين پستول کان گھٽ رھيو آھي. ھٿيارن جي ٻولي ڳالھائڻ وارا دليل جي مقابلي ۾ دھشت کي استعمال ڪندا آھن.
ھن ملڪ جي وجود مٿان صحافت ڪو زخم نه ھنيو آھي. صحافت ته سدائين ملڪ جا زخم سبيا آھن. خاص ڪري اھي زخم جيڪي ھن ديس جي دل ۾ لڳندا رھيا آھن. جڏھن به ڪو صحافي سينئر ٿيندو آھي، تڏھن ھو پنھنجي ملڪ سان ان لفظن ۾ مخاطب ٿيندو آھي ته:
“ھم ني سوچا تھا ڪه دو چار ھي ٽانڪي ھونگي
تيري اس دل مين تو بھت ڪام رفو ڪا نڪلا!”
شيخ اياز اھو منظر مسرت جي احساس سان منظوم نه ڪيو ھو ته:
“ديس اھا گاڏي جنھن جو
ڦيٿو ڦيٿو ڌار پيو آ…..!”
ڪنھن ڪيو آھي، ھن ديس جو اھڙو حشر؟
آزاد صحافت؟؟
جيڪڏھن صحافت آزاد ھجي ھا ته شايد ھن ملڪ کي اھي صدما نه سھڻا پون ھا. پر مجرم جڏھن محافظ ھجڻ جا مدعي ٿين، تڏھن صحافت خوف سبب خاموش ٿي ويندي آھي. جيتوڻيڪ خاموشيءَ ۾ پنھنجي خوبصورتي ھوندي آھي پر اھا به حقيقت آھي ته ھر خاموشي خوبصورت نه ھوندي آھي. خاص طور تي اھا خاموشي جيڪا خوف سبب پيدا ٿئي.
ميڊيا منڍ کان وٺي ٻن مصيبتن سان منھن ڏيندي رھي آھي. ھڪ قانوني مصيبت ۽ ٻي غيرقانوني مصيبت!
ھاڻي اھو فيصلو ڪير ڪري ته ڪھڙي مصيبت وڌيڪ تڪليف واري آھي؟
جيڪڏھن ڪنھن صحافيءَ کان پڇا ڪئي وڃي ته ھو دنيا ۾ ٻن ملڪن جي قسمن جي ڳالھه ڪندو. ھڪ ملڪ اھو جنھن ۾ صحافت جي آزاديءَ آڏو قانوني رڪاوٽون رکيل آھن. ايران ۽ سعودي عرب جو تعلق انھن ملڪن مان آھي. جيتوڻيڪ سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ تمام گھڻا نظرياتي اختلاف آھن پر ھڪ ٻئي جا مشھور دشمن ھڪ ڳالھه تي متفق آھن ته صحافت آزاد نه ھجڻ گھرجي. سعودي عرب ۾ ته صحافت ساھه کڻي نه ٿي سگھي. جڏھن ته ايران ۾ اڄ به صحافي جيلن ۾ قيد آھن ۽ اڄ به گھڻيون اخبارون قانوني طور تي بند ڪيون ويون آھن. چين ۾ به صحافت قانوني طور تي قيد آھي. پر دنيا ۾ انھن ملڪن جو تعداد تمام گھڻو آھي، جيڪي سيلف سينسر شپ جي سلسلي ۾ سڃاتا وڃن ٿا.
آمريڪا جي اخبار “واشنگٽن پوسٽ” واضع لفظن ۾ لکيو ھو ته سيلف سينسرشپ يا پاڻ مرادي پابندي ۾ سڀ کان مشھور ملڪ ٻه آھن. ھڪ پاڪستان ۽ ٻيو روس!
دنيا جا اھي ملڪ وڌيڪ مظلوم آھن، جن ۾ صحافين پنھنجي ڪارائين ۾ پاڻ ڪڙيون وڌيون ويون آھن. اولھه جي ملڪن جا پنھنجا انداز آھن پر ايشيا ۾ ڀارت جھڙو وڏي جمھوريت جو داعي ملڪ به پنھنجي ملڪي ميڊيا کي پاڻمرادو غلام بڻائي ويٺو آھي. گھڻن صحافين کي خوف جي ھٿيار سان ڪمزور ڪيو ويو آھي؟ گھڻن صحافين جي ڪردارڪشي ڪئي وئي آھي؟ ڇا اھا اظھار جي آزادي آھي ته “گاڊ آف سمال ٿنگز” ۽ ان کان به وڌيڪ “منسٽري آف اٽ موسٽ ھيپي نيس” جي رائٽر ھاڻي پنھنجي ملڪ جي رستن تي بي خوف بڻجي گھمي نه ٿي سگھي. ھاڻي ھوءَ نڪسل وادين تي رپورٽ لکڻ لاءِ “واڪنگ وٿ ڪامريڊس” جھڙو ايڊوينچر افورڊ ڪري نه ٿي سگھي. ھن کي خبر آھي ته مودي جي مخالفت ۽ ڪشمير جي حمايت ڪرڻ سبب ھوءَ ايئن نشاني تي آھي، جيئن وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل ٻوليندڙ پکي ماريءَ جي نشاني تي ھوندو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *