تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ميونسپل ملازم هر عيد تي ننڌڻڪا ڇو؟

خبر ناهي ڇو اسان جون حڪومتون ۽ ذميوار ادارا عام ماڻهو توڙي ملازمن کي سندن جائز حق به رڙڻ, دانهون ڪرڻ ۽ احتجاج کانسواءِ نه ڏيندا آهن ،سندن ننڍين ننڍين خوشين کي ايڏو بي مزي ڪري ڇڏيندا آهن جو ماڻهن جون اهي خوشيون ئي خراب ٿي وينديون آهن،هن وقت به ساڳئي صورتحال سنڌ جي ميونسپل ملازمن سان آهي سڄي سنڌ قرباني جي عيد جون تياريون ڪري رهي آهي هر ڪو پنهنجي وسيلن ۽ وس آهر پنهنجون ۽ پنهنجي خاندان ۽ خاص ڪري معصوم ٻارڙن جون خوشيون ۽ خواهشون پوريون ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهي پر ميونسپل ملازم رستن تي آهن ۽ پنهنجي جائز حق وٺڻ لاءِ دانهون ۽ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن.
هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ميونسپل ملازم اهڙي ڀلاري ڏينهن جي ويجهو اچڻ تي احتجاج ڪرڻ تي مجبورٿيا هجن ، پر جڏهن به ڪا عيد يا ڪو اهڙو ڀلارو ڏينهن ويجهو ايندو آهي ته سنڌ سرڪار اڳواٽ پگهار ڏيڻ جا اعلان ڪندي آهي ٻين سمورن سرڪاري ملازمن کي ته گهڻو ڪري پگهارون ملي وينديون آهن پر اهي ميونسپل ملازم ئي هوندا آهن جيڪي سدائين رهجي ويندا آهن، سدائين سورن ۾ هوندا آهن ۽ عيد کان اڳ پگهارون جاري ڪرائڻ لاءِ کين هر واري احتجاج ڪرڻو پوندو آهي يا وري پگهارن نه ملڻ ڪري پنهنجون ،پنهنجي خاندان ۽ معصوم ٻارڙن جون خوشيون ۽ خواهشون پوريون کانسواءِ عيد گذارڻي پوندي آهي.
ملڪ توڙي صوبي جي معاشي معاملن ، مهانگائي ۽بيروزگاري عوام کان اڳ ئي سموريون خوشيون کسي ڇڏيون آهن،هر ڪو ماڻهو اهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي جو هڪڙو ويلو کائي ٿو ته ٻئي ويلي لاءِ پريشان ويٺو آهي،کيس ايندڙ وقت ۽ مستقبل جي ڪا خبر چار يا اندازو ناهي ته ڇا ٿيڻو آهي،جنهن ڪري خودڪشين جي رجحان ۾ پريشان ڪن حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، انهي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪي خوشي جا موقعا ۽ مذهبي ڏينهن ويجهو اچن ٿا ۽ ماڻهن کي ڪجهه پل سڪون وارا ملڻ جو آسرو ٿئي ٿو ته اسان جي ادارن ۽ حڪومتن جي خراب ڪارڪردگي يا بدانتظامي جي ڪري عام ماڻهو خاص ڪري هيٺين ملازمن کان اهي به کسجي وڃن ٿا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ميونسپل جي ملازمن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي مشتمل هوندي آهي جن جو گذارو يا سڄو ڪار وهنوار انهي پگهار تي ئي هلندو آهي ،اهي پنهنجون ننڍيون ننڍيون خوشيون ۽ خواهشون انهي پگهار مان ئي پورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ،وڏين پگهار وارن کي ته شايد ئي اڳواٽ پگهار جي ضرورت پوندي هجي پر هيٺين ملازن وٽ انهي کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه هوندي آهي،پوءِ ڇو سندن انهن جو اهڙي نموني خيال نه ڪيو ويندو آهي، جڏهن سڄي سنڌ جي ٻين کاتن جي ملازمن کي پگهارون ملي ٿيون وڃن ته مڪاني ادارن ۽ خاص ڪري ميونسپل ملازمن کي پگهارن لاءِ رڙايو ويندو آهي. جڏهن عيد جي اڳواٽ خبر هوندي آهي ته پوءِ ڇو انهن جي پگهارن جا پئسا رليز ڪرڻ ۾ ايڏي دير ڪئي ويندي آهي. ميونسپل ۾ هڪڙا ته پڪا ۽ مستقل ملازم هوندا آهن هڪڙا ته اهڙا ملازم به آهن جيڪي ڏهاڙيدار يا ڪانٽريڪٽ تي هوندا آهن انهن جو ئي اصل مسئلو آهي،ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال جي ڌمڪي به ڏني آهي.هڪ طرف ملڪ ۾ اڳ ئي ڪورونا وائرس پکڙيل آهي ٻئي طرف ميونسپل ملازمن خاص ڪري صفائي واري عملي کي پگهارون نه پيون ملن جيڪڏهن انهن ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.ڊاڪٽرن ۽ طبي ماهرن اڳواٽ ئي اهڙو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هن قرباني واري عيد تي وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، ماڻهن کي بار بار هدايتون ڪيون پيون وڃن ته اهي گڏيل قرباني جي ڪوشش ڪن يا آن لائين قرباني ڪن، جيئن گهٽي گهٽي ۾ قرباني جي جانورن جو رت ۽ اوجهه وغيره گڏ نه ٿي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ماڻهن قرباني گهڻي ڪئي ۽ ميونسپل ملازم به هڙتال تي هليا ويا ته صورتحال ۽ ڪورونا وائرس کي ڪيئن روڪي ۽ ڪنٽرول ڪري سگهبو انهي پاسي تي سوچڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ جي ذميواري حڪومت تي آهي ۽ حڪومت کي انهي پاسي تڪڙو ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اسان سمجهون ٿا ته هڪ طرف هي ميونسپل ملازمن جي خوشي ،خواهشن ۽ مذهبي ڏينهن سڪون سان ملهائڻ جو معاملو آهي ته ٻئي طرف هي معاملو عام ماڻهن جي صحت سان به ڳنڍيل آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي انهي معاملي کي بلڪل به معمولي نه وٺڻ گهرجي. ميونسپل ملازمن جي پگهارون جاري ٿيڻ ۾ جتي به رڪاوٽ آهي اها ختم ڪري فوري طور پگهارون ڏياريون وڃن جيئن ملازم پنهنجي ٻارن ۽ خاندان سان گڏ عيد جي خوشين کان محروم نه رهن ۽ عيد جي ڏهاڙن ۾ شهرن ۾ ڪي گندگي جا ڍير نظر نه اچن جنهن ڪري ڪورونا جي پکڙجڻ جو خطرو پيدا نه ٿي سگهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *