تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مينهن، ملاقاتون ۽ موڪلاڻيون

هيلوڪن مينهن جتي اڃايل پٽن تي ساوا گاهه ۽ کنڀيون مورايون آھن، اتي ڪيترن ئي آس وندين اکين ۾ لڙڪ به ڄمايا آھن، انهن اکين ۾ ڄميل لڙڪ جي موسم محدود ته رهڻي ناهي، اهي اکيون جڏھن به پنهنجا وڇڙيل پرين ياد ڪنديون، تڏھن بنا ڪنهن آگم جي ڀرجي وسڻ لڳنديون، انهن وسندڙ اکين جي ڪا به موسم نه ٿي هجي، اهي سدائين آگم سان ڀريون  پيون هونديون آھن .
برساتي موسم نه فقط ماحولياتي لحاظ سان خوبصورت هوندي آھي پر انهن علائقن ۾ جتي سارو سال پاڻي جي شديد اڻاٺ ھوندي آھي جتي آباديون ته نه ٿي سگهنديون آھن ليڪن وڻ ٽڻ به سوڪهڙي سبب سڪي ويندا آھن جتي جهنگلي جانور، پکي پکڻ به اڃارا پيا رهندا آھن اتي سانوڻ جي موسم نه فقط  انسانن حيوانن توڙي پکين جي اندر جي اڃ اسائڻ جو سبب بڻجندي آھي گڏوگڏ  ڌرتي جي روح جو سڪون ۽ ڇڪون  به لاهيندي آھي. واقعي سانوڻ اهڙن گيتن جي موسم هجي ٿي، جنهن تي  هوائون به محو رقص هجن ٿيون ،جتي پايل بنا ٿاريليون ٿرڪنديون آھن، جتي پهاڙي جي هنجھه ۾ برساتي شور ڪنائيندي ڪيڏو نه لطف ايندو آھي. جتي ڀٽ ڀٽ ولڙين سان ويڙهيل نظر ايندي آھي جتي شام ٽاڻي مور ٽھوڪا ڏيندو فطرت جو سڏ محسوس ٿيندو آھي ڀٽائي سائين جي سر سارنگ ۾  سانوڻ جي اچڻ جي خوشين جا ته لکين منظر آھن جنهن ۾ جڏھن هاري ڏاند ڪاهي هر هلائڻ لاءِ ٻنين جو رخ ڪن ٿا ۽ ناريون ٿانو کڻي پلر جو پاڻي ڀرڻ لاءِ قطار ڪري وڃن ٿيون، مارو مال ڪاهي وٿاڻن ڏانهن موٽن ٿا،  چڙن جون چونگارون هينئڙي ۾ ڪنهن پريمتا جي پاتل هار جيان لڳن ٿيون.
سارنگ کي سارين ماڻھو مرگھه مينهيون
آڙيون ابي آسري ،نئي سج نهارين.
پر ڪڏھن ڪڏھن نوان سج جن کي ڪڪر سندن ڪاري چادر ۾ لڪائي ڇڏيندا آھن ۽ کنوڻيون سندن کينچل سان ٻوڙان ٻوڙ وسڪارا لائي ڏينديون آھن ته ڪٿي ٻوڏ ٿي پوندي آھي  ڪڏھن ڪڏھن جابلو نيون پاڻي سان تار ٿي ڀڄنديون اينديون آھن اهي نيون جن ھيٺاهين علائقن ۾ اچي ڇوڙ ڪنديون آھن ته اتي سيلابن جا سمورا بند ٽوڙي تباهي مچائي ڇڏينديون آھن يا وري ڪڏھن  برساتي پاڻي جي دٻاءُ سبب درياءَ جا بند ٽٽي تباهي مچائيندا آھن. اهڙي طرح ڪيئي ڳهيلا ڳوٺڙا  برساتي پاڻي جي سيلاب ۾ لڙھڻ لڳندا آھن  ۽ جتي زندگي انتهائي بيوس بڻجي پوندي آھي چوپائي جي چاري سميت جڏھن ماڻھن جي کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي پوندي آھي ته ان ڏکي صورتحال ۾  انهن ماڻھن لاءِ پوندڙ برسات ڏاڍي ڏک جي ڪهاڻي بنجي پوندي آھي.
برساتون مٿئين علائقن ۾  خاص ڪري ريگستان ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾  ڀل ته سيلاب نه آڻي سگهنديون آھن ليڪن اتي کيٽن جي تياري لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ چوپايو چاريندڙ ماڻھن لاءِ به  ڪڏھن ڪڏهن موت جو سامان مهيا ڪنديون آھن. هلندڙ برساتن دوران کنوڻيون ڪرڻ جا سوين اهڙا واقعا موجود آھن جن جي ڪري سوين چوپاين سان گڏ  مالوندن جا سر به ويا آھن جيتوڻيڪ برساتن کان پهرين سڌريل ملڪن جون حڪومتون بهتر حڪمت عملي جوڙينديون آھن جنهن سان امڪاني ٻوڏن کي منهن ڏيڻ آسان ٿي پوندو  آھي. اسان وٽ جيتوڻيڪ برساتي ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا بهتر حڪمت عملي ته ناهي گڏوگڏ ادارن ۾ ويٺل آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا   به ان معاملي کان هميشه لاتعلقي جو اظهار ڪندا رهندا آھن هيلوڪن برساتن ٻئي هنڌ گهٽ ليڪن ڪاڇي ۾ تمام گهڻي تباهي مچائي ان جو ڪارڻ  بي قابو جابلو نئين جو تيز وهڻ ھو  جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ماڻھو دربدر ٿي ويا. هونئن ته ڪاڇو سدائين پاڻي لاءِ ترسندو رهندو آھي. ڪاڇو سنڌ جو اهو علائقو آھي جتان جي نه فقط شاعري سدا سر سبز رهي آھي ليڪن اتان جي ٻولي ۽ لولي جا لهجا ڏاڍا دردمند ۽ جهير ڏيندڙ ھجن ٿا پنجاب جي سرائيڪي پٽي کان ويندي سنڌ جي ڪوهستان ، ريگستان ۽ ڪاڇي تائين شاعري توڙي سهرن ۾ ھڪ وڏو درد سمايل هجي ٿو اهو درد ان ڪري به سگهارو رهيو آھي جو انهن علائقن جو فطري ماحول، جاگرافي، ثقافتي سرگرميون انهن علائقن کي سنڌ جي ٻين علائقن کان صفا مٿي کنيو بيٺيون آھن اهي علائقا شايد ان ڪري به وڌيڪ شاهوڪار آھن جو اتان رومانوي توڙي حقيقي عشقيا قصن جنم پئي ورتو آھي ۽ اتي جو ماحول رومانوي توڙي عشقيا قصن جو تاڃي پيٽو لڳي ٿو.
آئون ٿوري دير لاءِ يادن جي رهيل ڍيري کي اڻڻ ٿو لڳان سانوڻ جي مهيني جا پويان ڏينهن هئا هڪ ٻپهري ڪاڇي جي علائقي مان موٽر سائيڪل تي وڃي رهيا هئاسين ويجھو کيٽن ۾ ڪجھه عورتون ڪم ڪري رهيون هيون ۽ منهنجي ذهن تي ڪاڇي جي ڀلوڙ شاعر طالب لغاري جون هي سٽون ڦرڻ لڳيون
ڪاڇي يار ول آ ، لهي بيقراري
پڪ ڳئي ني پيلهون تيڏي انتظاري
گرمي تمام گهڻي هئي، آئون روڊ جي پاسي کان ٿورو پرڀرو نم  وڻ  جي ڇانو ۾ موٽر سائيڪل جهلي بيھي رهيس، پٺيان ويٺل گلاب نالي همراهه چيو سائين  ڇو بيھي رهيا آھيو؟ مون هن کي چيو ته ڪاڇي جي ڪوڪ منهنجي اندر ۾ واسو ڪيو آھي شاعري ۾ ھھڙي سٽ سا به ان وقت گونجي آھي، جڏھن سانوڻ جي موسم سامهون اچي بيٺي آھي ان وقت آگم هجن ماڻھو اس ۾ اسڙندو هجي، پرين ڪوهين ميل پري هجي ۽ هڪڙي تانگھه ماڻھو کي پل پل تڙپائيندي هجي.مون کي اهڙي هڪ ٻي آنڌ مانڌ ڪارونجهر جي هڪ ڳوٺڙي ڪاسبي ۾ ان وقت ٿي هئي جڏھن ڪجھه ڪامڻيون ٻيهلا کڻي پلر جي پاڻي ڀرڻ  لاءِ  ٿي ويون ۽ جڏھن ته نابينا فنڪار  مندر جي اڳيان ڊگهن وڻن جي ڇانو ۾ ڳائي رهيو هو.
رات به مينهڙا وٺا کنوڻين کيل ڪيا
وڻجارن جي ديس تي، رات به مينهڙا وٺا 
ان وقت ڪجھه عورتون ٻارڙا ۽ مرد ماڻھو مندر ۾ پوڄا لاءِ اچي وڃي رهيا هئا مون ان وقت محسوس ڪيو هو ته گيتن کي ڪيڏي نه پائندگي هجي ٿي، گيت ڪڏھن سارا  تاڪ ۽ تاڙيون ٽوڙي  روح جي گهراين ۾ لهي ٿا وڃن جڏھن ته ماڻھو کي ڪو به جٽاءُ نه ٿو هجي. هيلوڪي برساتن ۾ اوچتو گهر ڊھڻ کنوڻيون ڪرڻ ۽ نئين جي تيز لڙھڻ سبب  ڪجهه ماڻھو سندن پيارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا آھن سندن ياد هن سانوڻ  رت جي پل پل ۾ سندن  عزيزن جي ساهن ۾ ته   رهندي ليڪن انهن جي وڇوڙي جون يادون سندن  عزيزن جي زندگين جي هر ايندڙ سانوڻ ۾ کين ڏنگينديون رهنديون.  هن وقت جڏھن آئون اڃان لکي رهيو آھيان ته ٻيهر آسمان تي ڪڪر ڪار ٿي ويئي آھي، هلڪا بادل برسڻ لڳا آھن آسمان گوڙ سان گونجي اٿيو آھي آئون وڻن هيٺان ملهاري ڳائيندڙ نابين گوئي کان بنا ڪنهن موڪلاڻي جي نڪري ٿو وڃان ۽ يادن جي ڍيري کي اڻ ڪتيو ڇڏي ٻيهر حڪومت جو ان ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ٿو چاهيان ته سانوڻ ھلي رهيو آھي حڪومت کي اڳواٽ اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن ڪٿي هي برسات اڳيان هلي ڪجھه ماڻھن جي خوشي کي ڏنگڻ نه لڳي ۽  سندن مشڪلاتن ۾  ويتر اضافو نه ٿي پوي.
 
 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *