تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

ميرپورخاص 52 ڪلاڪ گذرڻ با وجود پاڻي ۾ ٻڏل

سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو شھر 52 ڪلاڪ گذرڻ بعد به برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، تيز طوفاني برسات ته بند ٿي وئي پر ميرپورخاص جي انتظاميا صرف مک رستن تان پاڻي نيڪال ڪرائي سگھي آھي جڏهن ته 52 ڪلاڪ گذرڻ باوجود شھر جي اڪثريتي ڪالونين مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي جنهن سبب شھري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن ميرپورخاص جي ضلعي ڪائونسل جي بلڊنگ سميت سرڪاري آفيسن جو مرڪزي چوڪ به پاڻي ۾ ٻڏل آھي، ليبر ڪالوني ۾ چار کان پنج فٽ پاڻي بيٺل آھي رھواسي گھرن مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ پريشان آھن انتظاميا کي اپيلون پڻ ڪيون ويون آھن پر سندن مدد ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪامورو نه پھتو آھي ليبر ڪالوني جي گھرن ۾ پڻ پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري سوين ماڻهو جانيون بچائڻ لاءِ گھرن جي ڇتن تي وقت گذاري رهيا آهن ، ليبر ڪالوني جي رهواسين ايڏي پاڻي مان ٻاھر نڪري نئون ڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھنيو ۽ مدد لاءِ حڪومت کي اپيل ڪئي جنهن دوران پوليس اٽالن ڌرڻي واري هنڌ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، رھواسين گھر ڪئي ته اسان کي ۽ اسان جي گھر ڀاتين کي محفوظ ھنڌ تي منتقل ڪيو وڃي يا پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن اسان پريشاني مان نڪري سگھون. ميرپورخاص جي ٻھراڙي وارن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ به برساتي پاڻي بيٺل آھي ۽ سم نالي کي گھارا پوڻ سبب ڳوٺ جمن مري سميت ڪيترائي علائقا ۽ زرعي فصل ٻڏي ويا آهن اھڙي طرح جھڏي ۾ به سم نالو اٿلي پيو ۽ گھارن سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ زرعي فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن جنهن سبب ڳوٺاڻا ۽ آباد گار به سخت پريشان ٿي ويا آھن ۽ سندن پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪامورن ۽ ضلعي حڪومت ڪا به مدد ناھي ڪئي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪرائي تي مشينون ۽ موٽر لڳرائي پاڻي ڪڍندي نظر آيا.
ميرپورخاص ضلعي جا شھر ڊگھڙي، جھڏو، ڪوٽ غلام محمد، شجاع آباد، سنڌڙي ۽ حسين بخش مري جي سمورن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي، اھڙي طرح ميرپورخاص شھر جي سيال ڪالوني، پاڪ ڪالوني، ھاشم نگر ، بخاري ٽائون ۽ مھراڻ ڪالوني سميت شھر ۽ ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي، جڏھن ته وسڪاري جي ايندئي بجلي جي بند ٿيڻ بعد ڪيترن ئي علائقن جي بجلي اڃا تائين بحال ٿي ناھي سگھي، ميرپورخاص شھر سميت ٻھراڙين جي علائقن ۾ متاثرن جي ضلعي حڪومت ڪا به سار ناھي لڌي، گذريل ڏينهن ڪيترائي مسڪين خاندان پنهنجي گھرن ۾ سھولتن جي اڻھود سبب رڌ پچاءُ به ڪري نه سگھيا آهن ۽ ڳري اگھن تي پڪوان سينٽرن ۽ هوٽلن تان ماني وٺي کائڻ تي مجبور بڻيل آھن ، برسات جي پاڻي بيھڻ سبب غريب آباد کڏ پلاٽ، ھاشم نگر ۽ مھراڻ ڪالوني وارن علائقن ۾ ڪيترائي دڪان، ھوٽل ۽ خريداري وارا مرڪز کلي نه سگھيا آهن ضلعي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جون تارون ۽ پول ڪريل آهن جيڪي 52 ڪلاڪ گذرڻ بعد به نه لڳايا ويا آهن، ڪيترائي علائقا گذريل رات به اونداهي ۾ ٻڏل رھيا ان کان علاوه ضلعي جي مختلف روڊن تي گاڏيون گھٽ نظر آيون برسات سبب عام ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻيل آھي،
ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهو پنھنجي مدد پاڻ تحت پنهنجن علائقن ۽ پنهنجن گهرن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مصروف بڻيل آھن . ڪيترن ئي ماڻهن جي گهرن جو سامان پڻ ٻڏل اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، ريلوي پل ھيٺان 8 فٽ برسات جو پاڻي بيٺل آهي جنهن کي ڪڍڻ لاءِ پڻ انتطاميا اڃا تائين ڪوبه انتظام نه ڪري سگهي آهي جنهن سبب ريلوي جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي وئي آهي، ضلعي انتظاميا پاڻي ڪڍڻ لاءِ صرف دعوي’ ڪندي رھي آهي پر رڳو شھر جي مک روڊ تان پاڻي ڪڍرائي سگھي آهي. ميرپورخاص ۾ برسات رحمت بدران زحمت بڻجي شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. هن وقت ميرپور خاص ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي ضلعي جي مختلف ٻھراڙي وارن علائقن ۾ برسات سبب ڳوٺن توڙي شھرن ۾ ٻوڏ واري ان صورتحال هجڻ باوجود انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي.جڏھن ته ڪپھه سميت مختلف فصلن کي پڻ وڏو نقصان پھتو آھي ، موسميات کاتي پاران ميرپورخاص ضلعي ۾ 233 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. برسات سبب ميرپورخاص جي مختلف علائقن مان گذرندڙ سم نالا ڀرجي اٿلڻ لڳا آھن ، مختلف گھارن لڳڻ سبب جھڏو سميت ميرپورخاص لڳ ڳوٺن جي ٻڏڻ سميت ڪيترائي ڳوٺ هن وقت سخت خطري جي ور چڙھيل آھن. جيڪڏهن انتظاميا فوري طور ڪوبه تڪڙو قدم نه کنيو ته سنڌ جي هن چوٿين وڏي شهر ۾ وڏو سانحو پيش اچي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *