تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان!

قرباني جي عيد خيرن جي گذري ويئي. دنيا جي مسلمانن ڪروڙين مسڪين، پالتو ۽ دادلا جانور الله جي راهه ۾ ڪهي قربان ڪري ڇڏيا. ڀلن ماڻهن غريبن ۾ به گوشت ورهايو پر گهڻن ڪنجوسن وري پنهنجا ڊيپ فريزر ۽ فرج گوشت سان ڀري تالا ڏيئي ڇڏيا. هن عيد تي مون کي 4347 عيد مبارڪن جا ميسيج مليا پر هر ميسيج ۾ اهو لکيل هو ته توهان کي ۽ توهان جي ڦيملي کي کوڙ کوڙ عيد مبارڪون. انگريچي آئون پڙهيل ئي نه هجان سو مون کي ڪهڙي خبر ته ڦيملي ڪهڙي بلا آهي.
سو مون وڃي ماستر احمد ٻتڙ کان ڦيملي جي معنيٰ پڇي. ان ڊڪشنري کولي معنيٰ ڏسي مون کي ٻڌايو. ڦي ڦي ڦي ملي ماماما معنيٰ، تنهن تنهن تنهن جي زا زا زا زال! اهو ٻڌي مون کي غيرت جا گند چڙهي ويا. مون وڃي طوطن ماءُ کي داٻا ڏنا چيومانس توکي شرم ئي ڪو نه آيو جو تو 4347 ماڻهن کي عيد مبارڪون موڪليون. انهن بي شرمن وري تو ڏانهن عيد مبارڪون موڪليون آهن! مون موبائيل کولي کيس ميسيج ڏيکاريا ڏسي چيائين مئا نه مون وٽ موبائيل نه مون کي ميسيج لکڻ اچن نه انهن ذليلن کي آئون سڃاڻان. آئون غيرتمند سنڌي! سو مون کي اعتبار ئي نه اچي. ڏک ۾ اونڌو ٿي وهاڻي تي منهن رکي روئڻ لڳس. اچي ٿا ڳوڙها وهن. وهاڻو پسي ويو، رلي پسي ويئي، کٽ تان ڳوڙها ايئن ٽپ ٽپ ڪري ڪرڻ لڳا جهڙو مينهن ۾ غريبن جي گهر جي ڇت پئي ٽمي. نيٺ طوطن ماءُ مون کي ڳراٽڙي پائي اچي پرچايو. چيئي مئا ماڻهو ٿي! بادشاهه پير جو قسم مون کي ميسيجن جي ڪا خبر ئي ڪانهي تون به انهن کان بدلو وٺ ۽ سندن ڦيملي ڏانهن ميسيج موڪل! اهو ٻڌي مون کي آٿت ملي. مون موبائيل ۾ 599 وارو سپر ڪارڊ ڀرايو جنهن ۾ ميسيجن جو وڏو پئڪيج هو. پوءِ مون سڀني ڏانهن ميسيج موڪليا ته توهان جي ڦيملي کي منهنجي طرفان الاهي پيار سان ڀاڪر پائي کوڙ ساريون عيد مبارڪون! اهي ميسيج پڙهي 4347 همراهه اصل سڙي،ٻري ۽ مري ويا. مس مس منهنجي هانءُ تان بار لٿو. پوءِ آئون ماستر احمد ٻتڙ کان انگريزي ٻولي سکڻ لڳس. انگريزي ۾ زبان کي چون ٽنگ، هيڊ جيڪا پاڻ ٻوڙ ۾ وجهون انگريز وري مٿي کي چون هيڊ. جنهن وال سان پٺاڻ ڪپڙو ماپي سو انگريز ڀت کي چون وال. اسين چڱي ۽ پرهيزگار ماڻهو کي چئون نيڪ انگريز وري ڳچي کي چون نيڪ. فوٽ سان اسان پلاٽ ۽ گهر جي ماپ ڪريون انگريز وري پير کي چون فوٽ. مون ماستر صاحب کان پڇيو ته گلاس ۾ پاڻي آهي انگريزي ۾ ڇا چئبو! چيائين وا وا واٽر ان گ گ گ گلاس! آئون کلي کلي کيرو ٿي پيس چيم. واٽر مان هزارين ايڪڙ ٻني ٿي آباد ٿئي سو هيڏو سارو گلاس ۾ ڪيئن ته ايندو! بحرحال مون انگريزي سکڻ تان ئي هٿ کنيو!
گرمي اهڙو اچي زور ورتو جو ڪانگ جي اک ته نڪري ويئي ماڳهين وٺ پئي نڪتي. ننڍن وڏن مينهن لاءِ دعائون شروع ڪري ڏنيون. ٻارڙن ته جهول کڻي ڪارڙو ڪنڀارڙو ڪري ان پني ڪوهر ٺاهي پئي کاڌا. نعرن جي هوڪ هئي. ڀت تي نوڙي مينهن آيو ڊوڙي، ڀت تي جهرڪي مينهن آيو ترڪي، مون به اهيو ڌنڌو شروع ڪري ڏنو ڀت تي ڇڪو رکي چيم ڀت تي ڇڪو مينهن آيو تکو. ميز رکي چيم ڀت تي ميز مينهن آيو تيز. ٻلو رکي چيم ڀت تي ٻلو مينهن آيو ڀلو! ڪوٽ رکي چيم ڀت تي ڪوٽ مينهن آيو چوٽ! آچار رکي چيم ڀت تي آچار مينهن آيو تار! نيٺ ڀت بيزار ٿي چيو طوطن پيءُ! مينهن پوي نه پوي خدا جي واسطي منهنجي مٿان رکيل گند ڪچرا لاهه! پوءِ اهي گند ڪچرا لاٿا ته مس وڃي ڀت سک جو ساهه کنيو. نيٺ اسان غريبن جون دعائون الله سائين ٻيڻ ٽيڻ تي قبول ڪيون. خميس کان ڇنڇر تائين اهڙو اچي مينهن وٺو جو ملڪ جا شهر ڳوٺ سڀ پاڻي ۾ ٻڏڻ لڳا. ڪراچي اڳي ئي ٻڏل هو سو وري غوطا کائڻ لڳو. کيرٿر ڪوهستان وسي پيو نئين گاج سميت ٻيون نئيون به اٿلي پيون ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ۾، رستا ڪٽجي ويا، هڪ پاسي مينهن جو پاڻي پيو ٻوڙي ٻئي پاسي واهن ۽ شاخن جا گهارا پيا ٻوڙين. هڪ پاسي کنوڻ پئي ماڻهو ماري ٻئي پاسي بجلي جو ڪرنٽ پيو ماڻهو ماري. پاڻي اهڙو اچي وريو جو سڄي سنڌ درياءَ لڳو پيو هو. ماڻهو ٻارڙا وٺي ڪي وڻن تي چڙهي ويٺا ڪي مٿاهين جاين تي الله جي آسمان هيٺ بي گهر ٿي ويٺا. حڪمران، وزير، امير، صلاحڪار، ڪامورا ۽ چڱا مڙس ماڻهن جي درد کان لاتعلق هئا. مينهن جي موسم کي انجواءِ ڪرڻ ۾ پورا، ڪڙي ۽ مٺي پاڻي جا دور پئي هليا. قرباني جو ٻاڪرو گوشت جيڪو ڊيپ فريزر ۾ رکيل هو اهو بورچين ڪڍيو. ڪڙهايون، سجيون ۽ رانون ٺهرائي پئي ڏاٺون کڙڪايائون. بجلي به مينهن کانپوءِ ويئي موڪلائي. ڏينهن جو اهڙي گرمي جهڙو ٽانڊن تي پيو چڪن چرغو ٺهي رات جو ايتري اونداهي جهڙو قبر ۾ پيا هجون.
مون واپڊا جي هڪ آفيسر کي فون ڪري بجلي کولڻ جو چيو ابا آفيسر ڪو ٻروچ هجي تنهن ڪاوڙ ۾ چيو ته ادا اسان ڪهڙا ڪالا منهن ڪرون؟ بجلي ڏيندي هيون ته ماڻهو ڪرنٽ وچ مرندي هن، بند ڪريندي هيون ته ماڻهو رستي بند ڪر ٽائر ساڙ اسان ڪون ڳالهيان ڏيندي هن. ميئن ته اهڙا ڦاٿا هيان جو ماڳهين نوڪري پيا ڇوڙيندا هيان. چيومانس وارا ڪر دير نه ڪر نوڪري ڇوڙ وڃ، قلفيان ويچ! ڪلمي نال ڪمائسين! همراهه اهو ٻڌي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ فون بند ڪري ڇڏيو. مٿان مينهن اهڙي وٺ وٺان ڪري ڏني جو اسان جي غريباڻي گهر جي ڇت ايئن ٽمڻ لڳي جهڙو وڏن ماڻهن جي باٿ رومن جا شاور پيا وهن. گهر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي! اسين ٽين ٽپڙ کڻي وڃي کير واهه جي ڪپ تي ويٺاسين. اوچتو کير واهه ۾ 150 فوٽ گهارو پئجي ويو. آئون مٺو مهيري واري اٺ تي چڙهي وڃي آبپاشي عملدارن وٽ پهتس. تنهن چيو ته منهنجي گاڏي پاڻي ۾ ٻڏل آهي گس بند آهن، اسين ريسٽ پيا ڪريون. مينهن جي موسم جو مزو پيا وٺون.
ٻڌو ڪو نه اٿئي ته مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان. سو سنڌ جي ٻين آبادگارن وانگر پنهنجي مدد پاڻ جي اصول مطابق پاڻ وڃي گهارو بند ڪريو. پوءِ آئون ڊي سي صاحب ۽ اعليٰ حڪمرانن وٽ ويس انهن به ساڳي ڳالهه ڪئي ته مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان. پوءِ موٽي اچي اسان گهارو بند ڪرڻ شروع ڪيو. اهو گهارو بند ڪو نه ٿيو. پوءِ اسان ٺٽي وارو شهر گهارو بند ٿي ڪيو ته ڊي سي پوليس موڪلي اسان کي گرفتار ٿي ڪيو اسان ڀڄي جان ڇڏائي. اوچتو نانا پيرو جي طبعيت خراب ٿي پئي ان کي کڻائي گمبٽ واري اسپتال گمس پهتاسين. اتي ڏٺم ته سڄي اسپتال جا وارڊ پاڻي ۾ ٻڏل هئا. هر وارڊ ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺل هو.  نانا پيرو کي خانگي اسپتال مان ڀالا هڻائي ڳوٺ ڇڏي. آئون مڇي جي ٻج جي ڊاٽسن ڀرائي گمس اسپتال پهتس هڪ وارڊ ۾ ڪرڙي ٻئي ۾ موراکي ٽئي ۾ گلفام چوٿين ۾ منڍي، پنجين ۾ بوهڻ ،ڇهين ۾ گراس ۽ ستين ۾ ڄرڪي جو ٻج وجهي وڃي ايم ايس سان مليس. مڇي جي ٻج رکڻ جي خوشخبري ٻڌائي کيس زمينداري جي اڌ ڏيڻ جي آڇ ڪيم ته خوشي ۾ سندس واڇ ٽڙي پئي چئي واهه جو ڪم ڪيو اٿئي انهي رقم مان آئون قرض به لاهيندس ۽ گاڏي به زيرو ميٽر وٺندس پگهار مان پورت نٿي ٿئي ادا. پوءِ هن اسٽاف گهرائي کين هدايت ڪئي ته وارڊن مان پاڻي گهٽ ٿئي موٽر هلائي انهن کي ڀري ڇڏيو جيئن مڇي جي واڌ ويجهه ۾ فرق نه پوي ۽ گراس مڇي جي خوراڪ لاءِ صبح ۽ شام گاهه جي ڀري جو به حڪم ڏنائين. آئون جڏهن واپس پئي آيس ته رستي جي ڀرسان واهن جي ڀرسان ۽ مٿاهين پٽن تي ويٺل هزارين غريب ۽ بي گهر خاندان ڏٺم جن جو ڪو به سرڪاري ڪامورو، چونڊيل نمائندو ۽ امير وزير واهرو ڪو نه هو. سندن اڌ اگهاڙا ٻار بکن ۾ رڙيا پئي. اهي دردناڪ منظر ڏسي آئون سڙي ٻري ۽ مري پيس. ايترو ڏکارو آئون ڪڏهن به ڪو نه ٿيو هئس. منهنجي ذهن تي وفا ناٿن شاهي جو هي شعر ترڻ لڳو.
جهرڪين جا خدا باز کي پر نه ڏي!
بند ڪر برسات يا ڪچا گهر نه ڏي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *