تازا ترين
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

مولانا جو مارچ- حڪومت تڪڙ ۾ نه ويندي!

ملڪ ۾ مولانا فضل الرحمان جي آڪٽوبر ۾ اعلانيل مارچ تي بحث مباحثو جاري آهي ۽ گـڏوگڏ پ پ ۽ نواز ليگ جي مارچ ۾ شرڪت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي روايتي ڪردار تي به غور و فڪر ٿي رهيو آهي. سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ ڪامياب ٿيندو؟ يا وري علامه طاهرالقادريءَ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مارچ ۽ ڌرڻي وانگر اسلام آباد ۾ ‌سياري دوران گرمي پيدا ڪري ڳجهيون ملاقاتون ڪندي تقريرون ڪري انتظار واري پاليسيءَ تي عمل پيرا ٿيندو يا وري فيض آباد ڌرڻي وانگر حلوو کائي خرچي وٺي گهر هليو ويندو. هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي پني تي ساڳيو ئي سبق پڙهي رهيون آهن. آرمي چيف جي نوڪريءَ ۾ واڌ کانپوءِ اها ته سڀني کي پڪ آهي ته عمراني حڪومت کي ڪو به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي ۽ سواءِ ملائڪن جي هن ملڪ ۾ ڪابه تبديلي ناممڪن آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي خلاف سينيٽ ۾ عدم اعتماد واري رٿ ناڪام ٿيڻ ۽ پ پ توڙي نواز ليگ جي مشڪوڪ ڪردار کانپوءِ اها ته سڀني کي پڪ آهي ته عمراني حڪومت کي عوامي ۽ سياسي جوڙ توڙ سان ڪيرائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.
اپوزيشن جون تجربيڪار ٻه وڏيون پارٽيون مشڪلات ۾ ڦاٿل آهن، انهن جي اعليٰ قيادت جيل ۾ آهي ۽ گهڻا ئي سياسي ليڊر نشاني تي آهن. نواز ليگ جي تاحيات صدر ميان نواز شريف سان ڊيل يا ڍيل جون ڳالهيون منظر نامي تي اچي رهيون آهن، ميان نواز شريف سان سياسي ۽ غير سياسي ماڻهن جي جيل ۾‌ ملاقاتن مان اهو صاف ظاهر آهي ته ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز شريف جو سياسي بيانيو تبديل ڪري چپ واري پاليسي تي راضي ڪري ملڪ هلايو ويندو ۽ ٻئي طرف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ سان به جيل ۾ سياسي ۽ غير سياسي ماڻهن جي ملاقاتن ۾ اهو صاف ظاهر آهي ته عمراني حڪومت کي وقت ڏنو وڃي ۽ گڏو گڏ آصف علي زرداري کي ڪجهه وقت آرام ڪرايو وڃي ته جيئن ملڪ جي وهنوار سان گڏ اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار به هلندو رهي.
جيڪڏهن ملڪ جي تاريخ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي روايتي ڪردار تي نظر وڌي وڃي ته پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي خراب ايمبولنس کان وٺي محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن هارائڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي تائين گهڻا ئي سازشي نظريا جاري ۽ ساري رهيا آهن. ملڪ جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان جي راولپنديءَ ۾ قتل کانپوءِ هن ملڪ ۾ گهڻا ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي وزير اعظم ايندا ۽ ويندا رهيا. تاريخ گواهه آهي ته اسڪندر مرزا، ملڪ غلام محمد ۽ جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف جي سوچ ۽ پاليسين جو تسلسل اڃا به قائم ۽ دائم آهي. اها سڀني کي خبر آهي ته جنرل ايوب خان هن ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪري بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو نعرو هنيو ۽ پهنجن هٿ سان ٺاهيل بي ڊي سسٽل مان فائدو وٺي هن ملڪ تي قابض ٿي ويهي رهيو ۽ سندس خاندان حبيب الله انڊسٽري ٺاهيندو رهيو ۽ جنرل ايوب ويندي ويندي به هي ملڪ پنهنجي هڪ فوجي ساٿي جنرل يحيٰ خان جي حوالي ڪري ويو. 9171ع جي پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جا ٻه ٽڪرا ٿي ويا. ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي 1973 جو آئين ڏنو، پر سندس عدالتي قتل ڪرائي جنرل ضياءُالحق 11 سال ملڪ تي حڪمراني ڪندي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻجي مذهبي جنونيت، هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي فروغ ڏيندو رهيو. جنرل ضياءَ آمريڪا بهادر سان گڏجي افغانستان ۾ روس جي خلاف جنگ ۾‌ پوري دنيا جي طالبان ويڙهاڪن کي ٽريننگ ڏئي تيار ڪيو ۽ اسلام کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪندي هن ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون.
اها به ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته ماضيءَ ۾ پ پ ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جي خلاف ڪرپشن جا ڪيس ٺاهيندا رهيا آهن ۽ بعد ۾ انهن ٻنهي پارٽين مڃيو ته سندن جهيڙي جو فائدو اسٽيبلشميٽ کي پهچندو رهيو آهي. ان ڪري انهن ٻنهي پارٽين لنڊن ۾ ميثاق جمهوريت جو معاهدو ڪيو پر حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي تي اهي الزام هڻنديون رهيون آهن ته انهن ميثاق جمهوريت جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اڳ جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي واريون جماعتون سمجهيون وينديون هيون، جن ۾ نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ شامل آهن، تن ۾ هاڻ پي ٽي آءِ به شامل ٿي وئي آهي، جنهن تي اپوزيشن جون سموريون جماعتون الزام هڻي رهيون آهن ته اها اسٽيبلشمينٽ جي بي ٽيم آهي ۽ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته اهو وقت به پري نه آهي جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ ن وانگر جيل ۾ ‌هوندي.
ڏٺو وڃي ته دنيا جي طاقتور ملڪ آمريڪا جي سياست، رياست ۽ پاليسين ۾ به اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار موجود آهي ۽ ان کي ڪڏهن به ختم نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ جي باوجود اڃان تائين هتي حڪومتي ڪارڪردگي تي گهڻا ئي سوال ڪيا پيا وڃن. ڏاهن جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر جمهوريت پسندي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ عوامي حڪومت قائم ڪري بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار محدود ٿي سگهندو. باقي رهيو مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ ته، جيڪڏهن اهو ٿيو به ته وڌ ۾ وڌ اهو ٿيندو جو ان ۾ شريڪ اڳواڻ سياسي تقريرون ڪري گهر هليا ويندا، ڇو جو نواز ليگ ۽ پ پ جي قيادت جيل ۾ آهي، سندن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نيب جي نشاني تي موجود آهن، جيڪڏهن ٻنهي سياسي جماعتن جي قيادت پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي جي لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪنهن به تحريڪ يا لانگ مارچ جي شروعات ڪئي ته سندن مٿان سختيون اڃان وڌنديون ۽ سياسي طور تي ماضيءَ وانگر نقصان به رسندو. ان ڪري انهن ٻنهي سياسي پارٽين جو ان ۾ ئي ڀلو ۾‌ آهي ته رڳو سياسي بيان بازي جاري رکن ۽ پنهنجي وقت جو انتظار ڪن، ڇو جو ملائڪن سان وڙهڻ جي تياري ۽ سگهه ڪنهن ۾ به موجود نه آهي. ان ڪري مولانا فضل الرحمان سميت سڀني کي خبر آهي ته تبديلي سرڪار کي آڪٽوبر مهيني ۾ ختم نه ٿو ڪري سگهجي ان ڪري درويش جي دعا سان گڏ نومبر مهيني ۽ ايندڙ ڪنهن سال جو ئي انتظار ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *