تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

موسمن، محبت ۽ ڌرتي جي شاعرا رخسانه پريت

سنڌ جي نيم قبائلي،نيم سرداري ۽ جاگيردار سماج ۾ جتي عورت جي زندگي چارئي پهر گهاڻي ۾ هوندي آهي اتي ڪنهن عورت جو ادب لکڻ ۽ اهو به شاعري ،ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. سنڌي ادب ۾ اهڙو ئي هڪ معجزو رخسانه پريت جي شڪل ۾ اسان جي سامهون آهي. مرداڻي سماج ۾ جيڪڏهن ڪو مرد ڪهڙي به قسم جي شاعري ڪري ته واهه واهه ٿيندي آهي پر جيڪڏهن ڪا عورت ٻه سٽون لکي ته اهي تبصرا ٿيندا آهن محبوب ڪير اٿس ۽ ڪنهن تي لکيو اٿس جتي اهڙي سوچ جا وڇون وک وک تي ڏنگيندا هجن اتي همت ۽ مستقل مزاجي سان لکڻ ثابت ٿو ڪري ته رخسانه پريت انتهائي حساس شاعره هجڻ سان گڏ انتهائي بهادر ۽ حوصلي واري آهي. اسان وٽ تمام ٿورڙيون اهڙيون عورت ليکڪائون هونديون جنکي لکڻ ورثي ۾ نه مليو هوندو پر انهن پنهنجي محنت ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي هجي. رخسانه پريت انهن شاعرائن مان آهي جنهن پنهنجي محنت سان ۽ مستقل مزاجي سان لکي پاڻ کي اهڙو مڃرايو آهي جو سندس سڃاڻپ هاڻي صرف عورت شاعره نه پر سنڌ جي صف اول جي شاعره طور ٿئي ٿي. پاڻ خود ڪٿي لکيو اٿس ته “منهنجي سموري شاعري پيار جو پورهيو ۽ سفر آهي جيڪو وک وک کڻي طئي ڪيو آهي نه ڪڏهن تڪڙي شهرت جي ضرورت محسوس ڪئي اٿم نه ئي ڪٿي شارٽ ڪٽ ورتو آهي.”
پيا پڇن ڪيئن ٿا ڪريو هي شاعري تن کي چئو،
نينهن لکرائيندو آهي روز ئي نغما نوان (پريت)
سنڌ جي ناليواري شاعر اياز گل لکيو آهي ته سنڌ ۾ڪيترن ئي شاعرائن شاعري شروع ڪئي ۽ پوءِ ڪنهن سبب يا رنڊڪن سبب لکڻ ڇڏي ڏنو پر رخسانه پريت پنهنجي تخليقي سفر جي شروع کان اڄ تائين لڳاتار نه رڳو لکندي رهي آهي پر فني ۽ فڪري حوالي سان سندس هر وک اڳتي رهي آهي. آئون سمجهان ٿو ته اياز گل جي اها راءِ انڪري به 100 سيڪڙو صحيح آهي جو هن ڪاليج جي زماني کان جيڪو قلم هٿ ۾ کنيو هو اهو قلم هن وقت تائين به سنڀالي رکيو آهي. پابند شاعري تمام ڏکي شاعري آهي خاص طور غزل لکڻ ڏکيو آهي. پر رخسانه پريت هن ڏکي صنف سان پاڻ نڀايو آهي.
دکي هر فرد سان رشتا، اسان جا درد سان رشتا،
نڀايا پريت ڪيئن آخر، پرين بي درد سان رشتا
رخسانه پريت بنيادي طور عشق ۽ محبت جي شاعره آهي هن جي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن تي لکيل شاعري ۾ به محبت شامل هوندي آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن سنڌ مٿان ٻٽو مقامي نظام لاڳو ڪيو هو ان وقت هن هڪڙو غزل لکيو هو جنهن ۾ لکيائين ته
تو کسي هي آهي ڪراچي يا، جوءِکان جنتون کسي ورتيون،
هن جي ويساهه گهاتين مورڳو، ووٽ جون حرمتون کسي ورتيون
ڪيئن نه ڌرتي کي اڄ ورهائين پيا، سياست وحدتون کسي ورتيون .
سنڌ جي نامياري ليکڪا عطيه دائود جو چوڻ آهي ته رخسانه پريت جي شاعري ۾ ڏانءُ،ڏات، درد ۽ شعور آهي هوءَ محبت ۽ محبوب جي قدمن تي ليٿڙيون پائڻ جي تمنا بدران برابري جي طلبگار آهي سندس شعر آهي
سارا ڇو اوتيا ٿئي مون ۾،تون به پرين ڪجهه کڻ اوجاڳا
رخسانه پريت جي شاعري ۾ محبت ۽ پيار تي جنهن دليري ۽ همت سان اظهار ٿيل آهي اهڙو اظهار اسان جي سماج ۾ عورت انتهائي مشڪل سان ڪري سگهي ٿي، مثال طور لکي ٿي
هي جدايون جو ٿئي طويل ڏنيون، ڇا مليو توکي ايئن ڪري جانان!،
جيئن ڳنڍي توسان دل اسان جي آ، پيار ڪو ڪو ٿو ايئن ڪري جانان!
سندس شاعري ۾ جتي عشق محبت آهي اتي بغاوت به آهي پر گڏوگڏ ڏکن ۽ تڪليفون ڇڏي خوشيون حاصل ڪرڻ جي تمنا به آهي لکي ٿي
ڏکن کان ڌار ٿي وڃجي، گهڙي پل ٻار ٿي وڃجي،
اتان کان جڳ کي پسجي، نگاهه يار ٿي وڃجي
ٻئي هنڌ لکي ٿي ته
اڃارا ايئن ئي ڄڻ ته ٿر ۾ هئاسين، ڏسڻ ۾ ته بادل جي ڀر ۾ هئاسين، هيون چار ديوارون ڇت به، الائجي، هيو قيد ڪوئي يا گهر ۾ هئاسين.
هيٺين ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي پنهنجي دال روٽي لاءِ سخت پورهيا ڪرڻا پون ٿا، رخسانه پريت بنيادي طور ڊاڪٽر آهي ان ڪري ڊيوٽي سميت مٿس ڪيتريون ئي ذميواريون آهن انڪري هن کي ادبي ڪم ڪرڻ ۽ لکڻ لاءِ گهٽ وقت ملي ٿو پاڻ ئي هڪڙي هنڌ لکي ٿي ته “شاعراڻو ماحول نه ملڻ جي هميشه شڪايت رهي آهي پنهنجو گهر ته آهي پر پنهنجي ان گهر ۾ منهنجي ڪمري نالي ڪابه جاءِ ناهي انڪري ڪمپوز ٿي نه لکي سگهي آهيان”. آئون سمجهان ٿو ته انهن حالتن باوجود هن تمام گهڻو لکيو آهي. سنڌ جي ڀلوڙ شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته رخسانه پريت وٽ غزل جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ آهي سندس هڪ شعر آهي
پٺين ڪا سار کوليندي، رني پئي وار کوليندي،
چوي دل ٿي ته اڄ پايان، تون ٻانهن هار کوليندي.
رخسانه پريت جي سڃاڻپ صرف شاعره واري ناهي پر هو سنڌ جي هڪ باشعور، انساني حقن ۽ عورتن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڪارڪن به آهي،سنڌ اندر جتي به ڪوظلم ٿئي ٿو ڪنهن عورت تي تشدد ٿئي ٿو، ڪا ڪاري ڪري قتل ڪئي وڃي ٿي ته هوءَ هڙان وڙان خرچ ڪري اتي پهچي ٿي،اخبارن ۾ ڪالم لکي ٿي ۽ احتجاجي جلوسن ۾ بينر کڻي بيهي ٿي اهو ئي سبب آهي جو هن جي سڃاڻپ رڳو هڪ اديبه واري ناهي پر سنڌ جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ سڃاڻ اڳواڻ واري به آهي. رخسانه پريت اگر پنهنجي قلمي پورهئي سان گڏ مطالعو ۽ سياسي سماجي ڪم جاري رکيو ته هر ايندڙ ڏينهن سندس ڪردار ۽ شخصيت جي سڃاڻپ وڌيڪ بلندين تائين پهچندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *