تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مورڙي جي وارثن کي ڌرتي ڌڪاڻا بڻائڻ جي سازش

وفاقي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي ٻيٽ تي نگاهون وڌيون آهن، وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي جي ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي 2 نوان شهر اڏي رهيا آهيون، جن کي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي کان سامونڊي پل ذريعي شهر سان ڳنڍيو ويندو ۽ اهي جديد شهر هوندا. اسان نون شهرن جي اڏاوت جا مخالف ناهيون پر جن ٻيٽن تي اهي شهر اڏيا پيا وڃن اهي ٻئي ٻيٽ نه رڳو انڊس ڊيلٽا جو حصو آهن پر سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ ڪراچي جي بانين ماهيگيرن جي گذر سفر جو آخري رستو به آهن، ان ٻيٽن کي بچائڻ جي لاءِ سالن کان ڪراچي جا ماهيگير احتجاجي تحريڪ هلائيندا رهيا آهن. ڪراچي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ماهيگيرن جو ڳوٺ هو ۽ پوءِ وڌي دنيا جي وڏن شهرن ۾ شمار ٿيو ان شهر ۾سڀ کان وڌيڪ لتاڙ هتان جي مقامي ماڻهن جي حقن جي ئي ڪئي وئي جن جو گذر سفر صرف ماهيگيري تي هو. ڪراچي جو 130 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ سامونڊي ڪنارو هاڻي ذري گھٽ ماهيگيرن لاءِ اوپرو ٿي چڪو آهي صرف ابراهيم حيدري ۽ لٺ بستي کان 2 گس اهڙا بچيا آهن جتان هن شهر جا اصلي ڌڻي پنهنجي گذر سفر لاءِ گهري سمنڊ ۾ وڃي مڇي جو شڪار ڪري سگھن ٿا ۽ اهي ٻئي گس انهن ئي ٻيٽن وٽان گذرن ٿا. ماهيگيرن کي نه ڪراچي پورٽ وٽان سمنڊ ۾ داخل ٿي مڇي جي شڪار جي اجازت آهي نه ئي ڊي ايڇ اي وٽان کين گذرڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي پورٽ قاسم انتظاميا کين سمنڊ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏيندي آهي. هي ماهيگير ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن وٽان ٻيڙيون ڪاهي سمنڊ ۾ ويندا آهن ماهيگيرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهن ٻيٽن تي به نوان شهر اڏيا ويا ته مورڙي ميربحر جا هي وارث سمنڊ کان هميشه لاءِ پري ٿي ويندا. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ به انهن ئي ٻيٽن مٿان شهر اڏڻ جا اعلان ٿيا پر ڪراچي جي لکين ماهيگيرن ڪراچي جي روڊ رستن تي احتجاج ڪري لٺيون کائي، جيل ۽ تشدد برداشت ڪري آخرڪار وفاقي سرڪار کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو، ان دور ۾ ته هيءَ ٻيٽ قبضي کان بچي ويا پر هڪ ڀيرو ٻيهر وري موجوده وفاقي سرڪار انهن ٻيٽن مٿان قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، توڙي جو سنڌ سرڪار جو صرف مٿاڇرو اهو موقف سامهون آيو آهي ته اها ٻيٽن واري زمين وفاق جي نه پر سنڌ سرڪار جي آهي ۽ سنڌ سرڪار اڃان تائين وفاق کي ان ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي اجازت ناهي ڏني. ماهيگيرن جو چوڻ آهي ته هو پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن ۽ سمورن ڳوٺن ۽ شهرن مان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿئي ٿي ان ڪري پيپلز پارٽي کي رڳو خالي بيان جاري ڪرڻ بجاءِ اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ گھرجي. بلڪل اهڙي ريت جيئن شهر جي مرڪزي علائقن مان چونڊيل نمائندا برساتي پاڻي ڏسي به پنهنجن ماڻهن سان بيهن ٿا.
سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ماهيگير اڳواڻن سان ملاقات ڪري انهن ئي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوششن خلاف پنهنجو موقف چٽو رکڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو به هنن تاريخي ٻيٽن تي شهر اڏجي ويا ۽ قبضا ٿي ويا ته اهي خالي نه ٿي سگھندا. جهڙي ريت سماج جي ٻين طبقن جي روزگار جي تحفظ جي ذميواري رياست ۽ وقت جي حڪومتن مٿان اچي ٿي اهڙي ريت ڪراچي جي لکين ماهيگيرن جي روزگار جي ضمانت به وقت جي حڪومت مٿان آهي. هي ماهيگير جيڪي صدين کان مڇيءَ جو شڪار ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا انهن کي ترقي جي نالي تي دربدر ڪرڻ هڪ وڏو انساني ڏوھه هوندو.اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو وفاقي حڪومت جو فيصلو هڪ ڀيرو وري ان تڪرار کي جنم ڏيندو جيڪو اڳ ئي ڪراچي ڪميٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي سنڌ حڪومت ڀلي کڻي انهي ڪميٽي کي قبول ڪري ورتو آهي پر سنڌ جو عوام ان ڪميٽي کي پنهنجي ووٽ ۽ آئين ذريعي سنڌ حڪومت کي ڏنل اختيارن ۾ مداخلت ۽ قبضو سمجهي ٿو جن اختيارن جو دفاع ڪرڻ سنڌ حڪومت جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي پر بدقسمتي سان اها پنهنجي ڏنل مينڊيٽ جو به بچاءُ ڪرڻ ۾ الائي ڪهڙي مصلحت تحت ناڪام نظر اچي رهي آهي،جڏهن سنڌ حڪومت ۽ روينيو بورڊ جو سينئر ميمبر چئي رهيا آهن ته اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ته وفاق ڪيئن سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ انهن ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو،؟ اهڙي ڪوشش کي سنڌ جو عوام پنهنجي ملڪيت تي نه رڳو غير قانوني قبضو سمجهي ٿو پر ان سان گڏ ڪراچي جي اصل مالڪن ۽ مورڙي جي لکين وارث مهاڻن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ ڌرتي ڌڪاڻا بڻائڻ جي سازش سمجهي ٿو جيڪا ڪنهن به ريت قبول نه ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جو اهوآئيني فرض آهي ته اها سنڌ جي عوام جي ملڪيت ۽ مهاڻن جي روزگار جو هر حال ۾ تحفظ ڪري ۽ وفاقي سرڪار کي به بلڊر مافيا جي سفارشن بدران مقامي ماڻهن جي راءِ ٻڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ملڪيتن تي غير آئيني طور قبضي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *