تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

مها ٻوڏ کي شڪست ڏيندڙ شهري پاڻي لاءِ به پراميد

جوھي جو جنون جاڳي پيو آھي پياسي جوھي کي پاڻي ڏيو جي صدا ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ سگھارو آواز بڻجي وئي آھي اڄ وري ثابت ٿيو تـه جوھي ۾ جڏھن جڏھن اجتماعي مسئلو سامھون ھجي ته پوءِ ذات برادري سياسي وابستگي سڀئي پٺتي ڇڏي هر ڪو انهي مسئلي جي حل لاءِ هڪ آواز ٿي وڃي ٿو. ڪير پاڻ کي ان کان الڳ ٿو ڪري سگهي ۽ سڀني جا سياسي لاڳاپا جدا جدا ھجڻ باوجود اهي ھڪ پليٽ فارم تي ھڪ سوچ سان منظم انداز ۾ گڏ بيھي رهيا. جوھي ۾ 1990ع ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪون هليون. 2010ع جي مھاٻوڏ کي شڪست ڏيڻ ۾ جوھي جو جنون ڪامياب ٿيو ان ڪري ڪالهوڪي احتجاج ۾ بـه جوھي جي نوجوانن سميت ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪري ھڪ پيغام ڏنو تـه سندن حقن تي ڌاڙا ھڻڻ بند ڪيا وڃن. پاڻي نج عوامي مسئلو آھي ۽ ان جي جدوجھد بـه تاريخي رھي آھي. گذريل سال به جوھي کانپوءِ دادو، حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد تائين احتجاج ٿيا پوءِ وقت بوقت ڪاميابي بـه حاصل ٿيندي رھي آھي پر مسئلو مستقل طور حل ناهي ٿيو ۽ دلاسن جا دھل وڄائي معصوم آبادگارن جي جذبن سان ويساهه گهاتي ٿيندي ان وقت ۾ چونڊيل نمائندن پاران ڏنل دلاسا آبادگار رڪارڊ تي رکيو ويٺا آھن.ايترا دوکا ۽ ويساهه گهاتيون کائڻ باوجود عوام پنهنجي جياپي سهاري کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اٿي بيهي رهيو آهي جنهن جي اڳواڻي ته آبادگار ڪري رهيا آهن پر شهر جو هر باشعور شهري ڀلي هن وقت ڪٿي به رهندو هجي انهي جدوجهد ۾ گڏ آهي عملي طور شرڪت کان وٺي سوشل ميڊيا ذريعي هو پاڻي لاءِ احتجاج ڪندا رهن ٿا آواز اٿاريندا رهن ٿا. ڪالهوڪي عوامي سگھه ۽ احتجاج ريفرينڊم هيو ته جن به پاڻي جي مسئلي تي جوهي تعلقي سان زيادتي ڪئي آهي انهي خلاف عوام هڪ آواز آهي. جوھي برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن پٽوڙو، چنجاڻي، دڙا، لاکا ۽ ڇني شاخن جي متاثر آبادگارن سميت جوھي ۾ زرعي پاڻي لاءِ جدوجهد جو بنياد وجهندڙ غلام قادر شينھن رند ، ميھر گاڏھي، امام علي رستماڻي، جھنڊو لغاري۽ غلام عباس رودناڻي جي اڳواڻي ۾ اريگيشن بنگلي کان دادو جوھي روڊ ذريعي “پاڻي حق اسان جو” ، “پياسي جوھي کي پاڻي ڏيو ”جي نعرن جي گونج ۾ ريلي ڪڍي ويئي،جنهن ۾ عوامي سٿ جو سربراهه مهر ڊٻائي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ امداد لغاري به شامل هيا.ريلي منظور چونڪ تي پھچي ھڪ وڏي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي جتي سخت گرمي هوندي به ماڻهو جلسي ۾ شامل رهيا. جوھي ۾ احتجاج سان گڏ لاھور، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد ، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ رھندڙ جوھي واسي پنھنجن جي پيڙا درد کي محسوس ڪندي ڪڙو منجھه ڪڙي جيئن گڏجي ويا ۽ سوشل ميڊيا تي ھڪ سوچ ھڪ فڪر ھڪ ذڪر هلندو رهيو ته جوهي کي پاڻي ڏيو. پاڻي تي ڊگھي جدوجھد جو سلسلو مسلسل جاري آھي تنھن ھوندي بـه گذريل سالن جي ڀيٽ ھاڻوڪين حالتن سان ڪجي تـه اڄ شعوري طور جوھي جا آبادگار ھاري سياسي سماجي ادبي ڌريون فھم ادراڪ،۽ وڌيڪ اثرائتي حڪمت عملي سان اڳتي وڌي رھيا آهن. پاڻي چوري ڪير ٿو ڪري ؟ واري سوال تي کليل الزام ثابتي سان ثابت ڪيا وڃن ٿا جنھن ۾ ھڪڙو موقف ھي بـه آھي ته جوھي تعلقي ۾ جنھن جي جيتري سارين جي پيداوار ٿئي ٿي اھو اوترو پاڻي جو چور آھي. انھي منطق ۾ وزن به آھي. آبادگارن موجب ته ساريالي فصل جي پوکائي تي بندش آھي ته پوءِ سارين جي پوکائي لاءِ پاڻي تي ڌاڙا لڳن ٿا. جنھن سان پيداوار ۾ ڪروڙين رپين جو مالي فائدو به کنيو وڃي ٿو. پاڻي جي جدوجھد تي تاريخي ڪردار جي مالڪ غلام قادر شينھن رند موجب ته ھاڻي گڏيل جذبو پيدا ٿيو آھي ،حڪمرانن ۽ آبپاشي عملدارن کي جوھي کي پاڻي ڏيڻو پوندو جوھي جو پاڻي جوھي برانچ ۾ غائب آھي اتي ڪير ڪير پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رهيا آهن اهو تعلقي جي عوام کان ڳجهو ناهي. احتجاج ۾ نعرا هڻڻ جي حوالي سان مشھور ميھر گاڏھي چواڻي ته اسان سان ڪير انصاف ڪندو؟ زميندار ھجڻ باوجود ٻچا بکون ڪاٽين پيا ٻين ڏانھن ڏسڻو پوي ٿو اساب احتجاج تحريڪ کي ختم نه ڪنداسين احتجاج جاري رھندو.
جوھي ۾برسات پوڻ سبب شھر ۾گند ڪچري سبب روڊ رستن تي پاڻي جا تلاءُ بيٺل ھئا جتي شھرين سماجي ورڪرن ته ڪمال ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت منظور چونڪ جي صفائي جو ڪم شروع ڪيو اتي ميونسپل ۾ وارڊ اٺين جي ڪائونسلر محمد حنيف عرف گھوٽ لغاري سميت دڪاندارن آبادگارن صفائي جو ڪم ڪيو جتي شھر کان ٻاھران ايندڙ ماڻھو ساڃاھه وند جوھي جي شهرين ۽ نوجوانن جي جذبي جي ساراھه ڪندا رھيا ۽ پر اميد نظر آيا ته اهو جذبو رهيو ته جوھي کي پاڻي ڏيڻ حڪمرانن چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي ڪامورن جي مجبوري بڻجي ويندو. آبادگارن موجب ته احتجاج جي اعلان بعد آبپاشي ڪامورن، ضلعي انتظاميا۽ چونڊيل نمائندن چوري ٿيل پاڻي کي ڳولي ورتو آھي تـ پاڻي چور ڪير آھن.هنن چيو ته سرڪاري سطح تي پڌرائي ڪئي وڃي ته پاڻي چوري ۾ ڪير ملوث آهي ٻيو ته پاڻي چوري ٿيڻ باوجود قانوني رستو اختيار نه ڪرڻ جو مطلب ته اهي عملدار به پاڻي چورن سان ٻٽ بڻيل آھن.
جوھي واري احتجاج ۾ شھري اڳواڻ پاڻ کي زنجير سان ٻڌي احتجاج ۾ حصو ورتو. پڇڙي جي ھارين سڪل سارين جو ٻيجارو کڻي فصل سڙڻ جي منظر ڪشي ڪئي. شاعر ھارون پنھور پاڻي بابت گيت ڳائي ماڻهن جي جوش کي وڌايو. آبادگارن، سياسي سماجي شھرين جي ٻڌي اتحاد وري هڪ نئون اتساهه ۽ حوصلو ڏنو آهي ته جوھي جا ماڻھو ناانصافي، ڏاڍ، جبر برداشت نه ڪندا. مھا ٻوڏکي شڪست ڏيندڙ جوهي واسين ۾ ماڻهن جيهن احتجاج واري جذبي اها اميد ۽ اتساهه پيدا ڪيو آهي ته هو پنهنجي پاڻي جو حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *