تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مهانگائي جو ماريل عام ماڻهو

ملڪ ۾ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڏهاڙي جي پورهيتن کان وٺي هيٺئين درجي جا ملازم ۽ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري پنهنجو گذر ڪندڙ ماڻهو ته اڳ ئي پريشان حال هيا ،هاڻي ته وچولي طبقي ۽ مڇي ماني وارن لاءِ به پنهنجي سفيد پوشي جو ڀرم رکڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. ڪورونا جي ڪري ملڪي معاشي حالتون ۽ ڪاروبار وڌيڪ تباهه ٿيڻ جون اڳڪٿيون آهن خبر ناهي اها مهانگائي ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندي.
وفاقي اداري شماريات جا مهانگائي بابت جاري ڪيل انگ اکر ٻڌائين پيا ته مهانگائي گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.انهن انگ اکرن مطابق پي ٽي آءِ جي هن حڪومت جي پهرين سال جي ڀيٽ ۾ ٻئي سال ۾ مهانگائي گهٽجڻ بدران وڌي آهي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهانگائي جي شرح 3.9 سيڪڙو وڌي 10.74 تي پهتي آهي .جيڪا گذريل سال 6 سيڪڙو تائين هئي. مهانگائي جي اها شرح گذريل 8 سالن ۾ بلند ترين سطح تائين پهتي آهي.جڏهن به مهانگائي وڌيندي آهي يا شين جون قيمتون وڌنديون آهن ته ان جو سڌو سنئون شڪار اهي ڏهاڙي وارا پورهيت ،هيٺئين سطح جا ملازم ۽ ننڍو ننڍو ڪاروبار ڪندڙ يا هارپو ڪندڙ ماڻهو ٿيندا آهن. اهو مهانگائي جو طوفان انهن کانِ ٻن ويلن جي ماني ئي کسي وٺندو آهي ۽ پنهنجي خاندان يا ڀاتين جي پيٽ گذر لاءِ نه صرف وڌيڪ وقت محنت ڪرڻي پوندي آهي يا انهن جي پورت لاءِ پنهنجن ننڍين ننڍين خوشين کي قربان ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پيٽ تي به پٿر ٻڌڻو پوندو آهي.
اسان وٽ مصيبت اها آهي جو عام استعمال جي شين جي قيمتن تي نظر رکڻ وارو نظام ئي ڄڻ موجود ناهي، ڪجهه مافيائون آهن جيڪي پنهنجي مرضي سان انهن جا اگهه هيٺ مٿي ڪنديون رهن ٿيون ڄڻ حڪومت جو انهن سان ڪو واسطو ئي ناهي يا اهي بيوس بڻيل هونديون آهن ،اڳ ۾ مارڪيٽ ڪميٽيون ٺهيل هونديون هيون جيڪي اگهن کي چيڪ ڪرڻ لاءِ متحرڪ هونديون هيون انهي کانسواءِ انتظامي مشينري ضلعي کان وٺي تعلقي سطح تائين فعال هونديون هيون پر هاڻي ته اهي ايئن غائب ۽ غير واسطيدار آهن جو انهن جو ڄڻ انهن شين سان واسطو ئي ناهي.
ڪيئن ممڪن آهي ته 10 کان 15 هزار رپيا مهينو ڪمائيندڙ خاندان جي انهي مهانگائي ۾ گذارو ممڪن ٿي سگهي جڏهن اٽي جي قيمت 2 هزار رپيا مڻ تائين هجي ،سبزي کان وٺي دالين سميت کائڻ پيئڻ جي ڪنهن به شيءَ جون قيمتون وڌڻ کان بچي نه سگهيون هجن ،عام استعمال جي شين جي اگهن ۾ اها واڌ وري ان وقت ۾ هجي جڏهن ڪورونا جي ڪري ماڻهن جي روزگار جا رستا سوڙها ٿيا هجن ۽ حڪومت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بدران سرڪاري ادارن مان ڇانٽيون ڪري ۽ ترقياتي رٿائن ۾ ڪٽ هڻي پنهنجي خساري کي پورو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هجي تڏهن مهانگائي سان گڏ بيروزگاري جو به طوفان وڌي رهيو آهي .
ڪورونا جي ڪري ڀلي معيشت تي ضرب لڳي هجي پر گذريل سال کان ئي مهانگائي ۾ واڌ ٻڌائي پئي ته ان تي قابو ڪرڻ جو حڪومت وٽ ڪوبه مڪينزم نه هو ، عام استعمال جي شين جي قيمتن ۽ عوام کي حڪومت انهن منافعي خورن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو هو.اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جو اها اولين ذميواري آهي ته اها مارڪيٽ ۽ منڊي کي ڪنهن به مافيا جي آسري نه ڇڏي .خاص ڪري عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ گهٽ وڌائي جي نظام کي فعال ۽ سگهارو ڪرڻ گهرجي جيئن عام عوام جي کيسي تي ڪي منافعي خور ڌاڙو نه هڻي سگهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *