تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

منتشر سماج ۽ اجتماعي ٻَڌيءَ جو سوال!

اسان جا قومي اڳواڻ، دانشور ۽ ساڃاھ وند يڪراءِ آھن ته سنڌي پاڻ ۾ ڪڏھن به ٻڌي(Unity) نه ڪندا بلڪه ڪڏھن به ھڪ ٿي نه سگھندا. سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ممتاز ڀٽو کان وٺي ھاڻوڪن اڳواڻن، اياز شيخ کان وٺي ھاڻوڪن ادبي مَھاديوَ ۽ دانشوري جي اَن داتائن جو خيال بلڪه متفقه راءِ آھي ته ھي قوم ڪڏھن به نه سُڌرندي. ھن قوم لاءِ سڙڻ، ٻرڻ ۽ سوچڻ ائين آھي جيئن ڊنگھرن تي اَٽو ھارجي.ھن قوم لاءِ اھڙا يا ان سان مماثلت رکندڙ رماڪس لياقت علي خان،جنرل مشرف ۽ ٻيا حڪمران به وقت بوقت ڏيندا رھيا آھن.
سوچڻ جي ڳالھ آھي ته جڏھن ڪو غير سنڌي حڪمران يا دانشور سنڌي قوم کي غير زرخيز قوم سڏي ته ان پويان به ضرور ڪي سبب آھن پر جڏھن قوم جي سرواڻي ڪندڙ رھبر/ اڳواڻ يا نمائنده شاعر، دانشور ۽ اديب مايوس ٿي ان نتيجي تي پھچن ته ھن قوم جي لاءِ راتين جا اوجاڳا نه ڪيو، ھيءَ قوم بي قدري آھي ته پوءِ فڪر جو لمحو ضرور آھي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڏھاڪن کان اسان جي دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن جي جاکوڙ ۽ تَپسيا، جديد ۽ برق رفتار اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا، جديد ڪميونيڪيشن، فون، اي ميل، سوشل ميڊيا، ٽرانسپوٽ، ماڻھن جي ميل ميلاپ، روزانو ھڪ ٻئي سان رابطو ۽ خيالن جي ڏي وٺ يا منتقلي ۽ Awareness جا جديد طريقا ھجڻ يا پوري دنيا ۾ جيڪا حيرت ناڪ سائنسي ۽ سماجي ترقي ٿي آھي، ان مان نٿو پرائجي ۽ ان  باوجود سنڌي قوم ۾ اجتماعي سوچ ۽ ٻڌي پيدا نٿي ٿئي ته پوءِ سائين جي ايم سيد يا ٻين جي قوم لاءِ قائم ڪيل راءِ Perception سچ ئي آھي ڇاڪاڻ ته قوم جي ذھن تي ڪو اثر ٿيڻو نه آھي.
ھن اجتماعي بي حسي ۽ لاتعلقي اسان جي سنڌي سماج کي وڌيڪ گروھن، ٽولن، لشڪرن ۽ جٿن ۾ تبديل ڪري ھيٺين سطح تي ورھائي ڇڏيو آھي. جاگرافيائي طور سنڌ ھڪ آھي پر علائقائي طور سنڌ لاڙ، اتر، ڪوھستان، وچولو ۽ ٿر ۾ ورھايل آھي. ھي حقيقت آھي ته انھن علائقن جا مزاج، ٻوليون ۽ رھڻي ڪھڻي الڳ آھي. مٿان وري ورھاڱي کان پوءِ ڌارين جي يلغار، جنگين کان پوءِ يا مختلف ملڪن ۽ صوبن کان آيل ڌارين جي لوڌ سنڌ اندر ھڪ نئون سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ معاشي بحران پيدا ڪيو. اسان جي سماجي ۽ تھذيبي قدرن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. اڪثريت کي اقليت مٿان برتري رکڻ ۽ اقليت کي پنھنجو تشخص بچائڻ واري سوچ پيدا ٿي. ڌارين، سنڌين جي اڪثريتي بالادستي کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجون سياسي پارٽيون ۽ ويڙھاڪ گروهه وجود ۾ آڻي طاقت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي بلڪه پنھنجي مڪمل خودمختياري لاءِ ڌرتي ڌڻين کان  لساني بنيادن تي حصو گھرڻ شروع ڪيو. ان لاءِ رياست اندر رياست ٺاھي، شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ الڳ الڳ معاشرا قائم ڪيا ويا. سوچن ۾ وڏي وٿي آئي. شھري ماڻھن ۾ برتري جي احساس جنم ورتو. شھري ڌارين ۽ ٻھراڙين ۾ رھندڙ ڌرتي ڌڻين وچ ۾ ڪيترا ڀيرا خوني جنگ ٿي، جيڪا اڃان ختم نٿي ٿئي.
اسان جي سماج جو اونداھو پاسو ھي آھي ته زرعي، جاگيرداراڻو ۽ قبائلي سماج ڏاڍي سُست رفتاري سان ترقي جون منزلون طئي ڪري پيو. صدين جي مُردار ۽ فرسوده ريتن رسمن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل آھي.ھن جديد دور ۾ به جڏھن آصف زرداري، زردارين جي پڳ پائي رئيس مان سردار ٿي فخر محسوس ڪري ته حيرانگي ته ٿيندي ۽ صدين کان سنڌ ۾ رھندي بلوچ سردار سڏائي ته ظاھر آھي ته سنڌي قوم کي قبيلن، ذاتين ۽ برادرين ۾ تقسيم ڪيو پيو وڃي ۽ مردار روايتن کي زندهه ڪيو پيو وڃي. ھي ڇڙوڇڙ ۽ ڀانت ڀانت جي سوچ مذھب، فقہ، مسلڪ، عقيدي، سياست، سماج جي مختلف شعبن قومپرستي، جمھوريت، ادارن، قوم، قوميت، ترقي پسندي، روشن خيالي، قبيلا، ذاتيون، برادريون، راڄَ، نظرين ۽ فلسفن ۾ گھڙي گھر ڪري وئي آھي. مذھب ۾ فقہ ۽ ھر فقہ ۾ سوين عقيدا ۽ مسلڪ…ھڪ نظرئي واريون پارٽيون، انھن جا الڳ الڳ ڌڙا وري ڌڙن ۾ ننڍا ننڍا گروهه ۽ لابيون…قبيلن ۽ ذاتين جون ايسوسيئيشنز، ويلفيئر تنظيمون، صحافين ۽ اديبن  جا سوين گروپ…ھر شھر ۽ ڳوٺ ۾ توڙي پاڙن ۽ برادرين جون چڱ مڙسيون وري انھن وچ ۾ معتبري ۽ مٿڀرائي لاءِ جھيڙا جھٽا.انھن قبيلن جي سردارن پاران پنھنجي ذات ۽ قبيلي جي ماڻھن کي ئي حڪومتي، سياسي، معاشي ۽ مزاحمتي لحاظ سان  مقامي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ، وري ان جي مخالفت ۾ ٻيون برادريون پنھنجا لشڪر تشڪيل ڏين ته پوءِ اجتماعي سوچ ڪيئن جنم وٺندي؟
سنڌ جي نالي ۾ نھال ڀٽائي ۽ موهن دڙي جي وارث سنڌي قوم اجتماعي طور ھر لحاظ سان  پَستي، تغير، زوال ۽ ڀڃ ڊاھ طرف وڃي چڪي آھي پر ڪنھن وڏي ڊزاسٽر جي انتظار ۾ آھي. جھريل عمارتون جيستائين ڪم جھڙيون آھن تيستائين ڪم ھلي پيو. اسين سڀ سمجھون ٿا ته سڀ ڪجھ تبديل ٿيڻ گھرجي پر سوال ھي آھي ته ڪري ڪير؟ ٻيو ته اھو خوف آھي ته روايتن کان ھٽي جيڪو اڳيان ٿيندو اھو ڪافر قرار ڏنو ويندو. فتوائن ۽ الزامن جا پٿر وسندا، تنھن ڪري سڀ ڪو چوي پيو ته جيئن ھلي پيو ھلڻ ڏيو. پر آئون سمجھان ٿو ته ھي سماج ڊھي وري اجتماعي قومي، سماجي، ثقافتي نسلي ۽ لساني انضمام Merger طرف وڃڻ گھرجي. خودرو بنيادن تي ھن سماج جا قدر تبديل نه ٿيندا. ھن ملڪ ۾ ڪوبه سياسي انقلاب نه ايندو نه عوام مان اھا توقع رکو. ھن ملڪ ۽ سماج  ۾ انتظامي، حڪومتي ۽ عدالتي بنيادن تي ڪي تبديليون ئي آڻي سگھجن ٿيون.ڇاڪاڻ ته پوري دنيا تبديل ٿي ترقي جي منزلن طرف آھي، رڳو اسين ئي ڇڙوڇڙ ۽ ورھايل آھيون.پوري دنيا جا ڪيترائي ملڪ گھڻ قومي،گھڻ مذھبي،گھڻ نسلي آھن رڳو اسين نه آھيون پر انھن سڀني وٽ وطن جي ترقي، انسانن جي ترقي ۽ عوام جي اجتماعي خوشحالي واري سوچ آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *