تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

ملھائي جو نه ٿڃ جيجل جي لوڪو !

ھي سنڌو جي تاريخ گواھه آھي ته جڏھن به ھتي غير ۽ غاضب اچي ڪڙڪندا ھيا ۽ سنڌ واسين  مٿان پنھنجي  ظلمن جا پھاڙ ڪيرائيندا ھيا، ان وقت ان ڌارين ڌاڙيلن سان پنھنجا ڌاڙيل به ڌرتي ڌڻين سان وقت ۽ ويل ڪندي گھٽ ڪونه ڪندا ھيا .
سر ۽ نواب جا لقب ملڻ جي چڪر ۾ يا زمينون مراعتون ملڻ واري حوس ۾ سدائين لٽيرن ۽ ڦورن سان گڏجي پنھنجي ڌرتي ماءُ جو سينو پروڻ ڪري فاتحاڻي مرڪ مرڪندا  رھياآھن .
سنڌ مٿان ارغونن جون ارھه زوراريون ھجن يا مغلن جون من مانيون ھجن ترخانن جي ترم خانن جا ظلم ھجن يا ارغونن جا غضب ۽بربريت وارا قصا ھجن، عربن جي گھوڙن جي سنبن ھيٺان لتاڙجندڙ معصوم ٻارڙا ھجن يا انگريز سرڪار جون سنڌ جي باغي ۽ بھادر ماڻھن سان سنڌ تي قابض ٿيڻ لاءِ مياڻي بڻيل سڀ ميدان ھجن،  انھن سڀني ڌارين جي ڪاھن ظلمن زيادتين ننگن ۽ دنگن تي ھلائون ڪرڻ ۾ ضرور ڪٿي نه ڪٿي مير جعفر مير صادق ۽ نائومل جو ھٿ ملي ٿو!
ديس سان غداري  ان ڪراچي کان شروع ٿي آھي  جيڪا ڪراچي اسان سنڌ واسين لاءِ سج جي مترادف آھي ۽ اسين سڀ سورج مکي جيان ان جا عاشق آھيون.
اھا ڪراچي جيڪا دنيا جي ھزارين نه لکين به نه پر ڪروڙين بکين جي پالڻھار آھي، ان ڪراچي کي ڪيڪ جيان اھا پ پ پ ڪٽي رھي آھي جنھن پ پ پ لاءِ سنڌ جي ماڻھن پنھنجو صرف پگھر ۽ ست نه پر رستن تي رت به  ھاريو آھي، ھي ڪو پھريون ڀيرو ناھي ته اھا پ پ پ صرف سنڌ جي ووٽن تي سنڌ جي حڪمران ٿيندي اچي ٿي تنھن سنڌ جي سيني ۾ خنجر کوڙيو آھي ۽ سنڌ جا وسيلا سنڌ جي معدنيات سنڌ جا بندر سنڌ جا ٻيٽ درياءَ جا پيٽ وفاق حوالي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي دل ڪراچي کي به وفاق آڏو وڪرو ڪري تاريخ ۾ خوار ڪيو آهي. جڏهن وڏو وزير اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ وفاق کي ڀائيوار ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو عين ان وقت ان ئي پارٽي جا ماڻھو سنڌ۾ ڪراچي جي ورھاست خلاف احتجاج ڪري رھيا ھيا.
استاد بخاري به شايد اھڙن ئي ماڻهن لاءِ لکيو ھو ته 
“واھرو ويري ٿئي ته پو ڇاڪجي 
روشني ميري ٿئي ته پو ڇا ڪجي 
جو ڪري چوري سو وري زوري 
اچي پيري ٿئي ته  پو ڇا ڪجي. ”
انھن لٽيرن انھن ڦورن صرف پنھنجي ڪرسي بچائڻ خاطر سنڌ سان سدائين ڪلور ڪيا آھن ڪڏھن ٻٽي نظام جي نالي ۾ ڪڏھن ملڪ رياض جي بحريا ٽائون جي نالي سنڌ جي زمينن کي تين وال ڪرڻ واري عمل ۾ ته ڪڏھن سمنڊ جا ٻيٽ وڪرو ڪري ڪڏھن ڊيمن جي حمايت ڪري ته ڪڏھن ذوالفقار آباد رٿا تحت سنڌ ڌارين جي حوالي ڪرڻ واري سازش ڪري ڪڏھن بھارين بنگالين سميت ڌارين کي ڪارڊ ٺاھي ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڪم ۾ پ پ پ سدائين سنڌ جي پٺي ۾ خنجر ھنيو آھي. ھن وقت پ پ پ  سنڌ جي دل ڪراچي کي ان وفاق حوالي ڪري رھي آھي جنھن وفاق پ پ پ کي سدائين ونگارو طور استعمال ڪيو آھي ۽ ڪم ڪڍڻ کان پوءِ انھن کي رستي تان هٽايو ويوآھي. وفاق وفاق ڪندڙ ڀٽو کي ان وفاق ڦاسي جي ڦندي تي پھچايو ان وفاق محترما جو لاش سنڌ کي تحفي ۾ ڏنو پوري ملڪ جي ٽن صوبن پ پ کي پاڻ وٽان نيڪالي ڏني پر سنڌ وري به اوھان کي عزت ڏني ڪرسي ڏني پر اوھان ان ڪرسي پويان ايترو ڪري پوندا اھو ڪڏھن سنڌ سوچيو به نه ھو !
اھا ڪرسي اچڻي وڃڻي آھي پر سنڌ سدا رھڻي آھي، اوھان عوام کي بار بار ٻڌايو ته اسان ارڙھين ترميم ۾ سنڌ جا اڪيلا والي وارث آھيون پر اوھان جي اھا دعوا ان وقت ڌوڙ ٿي وئي جڏھن اوھان ڪراچي جا سڀ اختيار وفاق حوالي ڪري پنھنجي ڪرسي کي ڊيگهه ڏيڻ واري تاريخي غلطي ڪئي آھي. اوھان پنھنجي ارڙھين ترميم کي پاڻ اورانگھي ڪراچي جو سودو ڪيو آھي ھاڻ اوھان وٽ سنڌ جي ماڻھو کي ٻڌائڻ لا ڪوبه ڪوڙ ناھي بچيو!
جڏھن ديس ۽ ديس واسين تي ڏکيو وقت ايندو آھي ته سڀ کان پھريان اتان جا ليکڪ اديب شاعر ۽ صحافي مزاحمت شروع ڪندا آھن پر افسوس جو اسان وٽ اسان جي ادب جا چڱا مڙس سنڌ جي ورھاست تي ته ماٺ آھن پر مالڪن جي شان ۾ لڳاتار لکي رھيا آھن. استاد بخاري لکيو هو ته
ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو 
بخاري کان ڌوڪو نه  ٿيندو نه  ٿيندو 
ملھائي جو نه ٿڃ جيجل جي لو ڪو 
اھڙو  ڪو به   ٿو ڪو نه  ٿيندو نه  ٿيندو ”
ان ڪري اسان کي ھن مھل فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان ڪھڙي پاسي بيھون امڙ جي ٿڃ ملھائڻ وارن سان يا امڙ جي ٿڃ جو سودو ڪرڻ وارن سان. 
مونکي حيرت آھي ته سنڌ جي ھن ورھاست واري پ پ پ جي عمل تي اسان جا قومپرست به ڄڻ  ڪوما ۾ ھليا ويا آھن.
مونکي پ پ پ جي اندر ويٺل ڪجھه ھمراھه به ياد اچن ٿا جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ صفا قومپرست بنجي سنڌي قوم کي جذباتي ڪندا آھن پر ھن وقت انھن جي وات ۾ مڱ ڇو پيل آھن. ڪٿي آھي سردار شاھه جيڪو شاعر به آھي جنهن هي شاعري ڪئي ته  
اسان لاءِ سنڌ وطن آھي 
اسان کي روح تي پاتل 
اسان لاءِ ڄڻ بدن آھي 
بدن منھنجو ورھائيندي 
ڪندي ٽڪرا محبت جا 
نوان نقشا بنائيندي.
ان سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ ڪنھن ڌارئي جي وس ناھي پر ان سنڌ کي ٽڪرا پ پ جي سرڪار ڪري رهي آھي.
مان پ پ پ جي سموري قيادت کي عرض ڪندس ته ان پ پ پ ۾ سنڌ جي ھزارين شھيدن جو رت شامل آھي ان ڪري ان رت سان غداري ڪري سنڌ امڙ کي ٽڪرا ڪرڻ واري سازش جو حصو نه ٿيو ، اوھان کي وري به  سنڌ ۾ رھڻو آھي سنڌ ۾ مرڻو آھي ۽ سنڌ جي مٽي ۾ دفن ٿيڻو آھي ان ڪري اڃان به وقت ناھي ويو پنھنجي امڙ سنڌ کي تڪرا ڪرڻ جي سازش ۾ شامل نه ٿيو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *