تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ملڪ جون حالتون ۽ ماڻهن کان لاپرواهه بڻيل حڪمران

گذريل پنجن مهينن کان شاگرد، مزدور، هاري ۽ خانگي ادارن ۾ نوڪريون ڪندڙ ماڻهو تمام گهڻي تڪليفن ۽ مشڪل حالتن ۾ زندگي کي ڌڪي رهيا آهن  پر زندگي بهتر ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن بدتر  ٿيندي پئي وڃي حالتون سڄي دنيا ۾ خراب ٿيون پر وري وڏن منصوبن تحت واپسي ڏانهن سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي، حالتن کي معمول مطابق هلائڻ جون ڪوششون ورتيون پيون وڃن پر پاڪستان جي حڪومت جي حالت به پاڪستان جي روڊن ۽ رستن جهڙي آهي جتي مينهن وسڻ کان پوءِ پاڻي روڊن رستن تي  بيٺو نظر ايندو آهي ان جي نيڪالي لاءِ ڪنهن قسم جو ڪو انتظام ناهي ڪيو ويندو ۽ ڪجهه ڏينهن  بعد اهو پاڻي سڪي ويندو آهي يا وري مهينن تائين روڊن جي زينت بڻيل هوندو آهي بلڪل ساڳي طرح ٻين مسئلن جي حل لاءِ به ڪنھن قسم جو ڪوبه انتظام ناهي ڪيو ويندو ۽ نه وري مستقبل لاءِ ڪا منصوبابندي ڪئي ويندي آهي .
جيئن ئي ڪورونا وائرس سبب حالتون پيچيدگين جو شڪار ٿينديون ويون ماڻهن مٿان تڪليفون برساتن جيان وسڻ لڳيون غريب طبقي لاءِ پريشانين پر کولي ڇڏيا ۽ وڏي آبادي جو ساھه گهٽجڻ لڳو بيشمار ادارن پيٽرول پمپن، تعليمي ادارن، ميڊيا جي ادارن ۽ فيڪٽرين مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. حڪومت جي ذميواري هئي ته پنهنجن ماڻهن جي ان صورتحال ۾ مدد ڪري پر حڪومت جا صرف  بيان ٻڌڻ لاءِ مليا ۽ ڪو به عملي ڪم نظر نه آيو. ان صورتحال ۾ عوام جي معاشي مدد ڪرڻ بجاءِ حڪومت پاڻ به ماڻهن کان روزگار کسڻ ۾ ڀائيوار ٿي وئي جنهن جو وڏو مثال اسٽيل مل جي ملازمن جو آهي. 
سائنس مطابق وڻن مان آڪسيجن مهيا ٿيندي آهي پر جڏهن مسئلا وڌي وڻ ٿين ته انهن جو واڍپو ضروري ٿي پوندو آهي هن وقت اسان جا حڪمران به ڪونوڪارپس ۽ بيد جهڙن غير ملڪي وڻن جهڙو ڪردار نڀائي رهيا آهن جيڪي هڪڙي هاري جي زمين تي فضول ۾ لڳايا ويندا آهن جن مان هاري کي نه ڪو ڦل ملڻ جي اميد هوندي آهي نه نم واري ٿڌي ڇانو بلڪه ان جي ابتڙ هو هاري جي زمين جو سڄو پاڻي پي ويندا آهن. ادارن مان نيڪالي مليل ملازم بيوسي ۽  مجبورين جا مجسما نظر آيا ڇو ته هنن جي نه ڪير مدد ڪرڻ وارو هو ۽ نه وري دانهن ٻڌڻ وارو، حڪومت عوام کي ڪجهه ڏئي ته نه سگهي پر هن حالت ۾ ڦر لٽ جو ڪم تمام تيزي سان وڌايو ويو. کاڌي پيتي واريون سڀ شيون ٻيڻي قيمت ۾ ملڻ لڳيون جنهن ڪري عوام جو حڪومت تان اعتماد به وڏي تيزي سان ختم ٿيندي  نظر آيو.
اهڙين حالتن ۾ ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ مزدورن کي سڀني کان وڌيڪ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ڏهاڙي جي ڪمائي تي هو صرف هڪڙي ڏينهن جي کاڌي جون شيون اٽو کنڊ ۽ چانھه جي پتي خريد ڪرڻ جي قابل هئا پر لاڪ ڊائون سبب بک انهن جي گهرن ۾ خطرناڪ گهيرو ڪيو. جڏهن عوام ھر طرف ڏکيائين ۽ تڪليفن جي وچ ۾ بيٺي نظر آئي تڏهن حڪمران پري کان تماشائي ٿي سڀڪجهه ڏسندا رهيا. مزدور روڊن رستن تي ڪوڏر ۽ بيلچا پنهنجن ڪلهن تي رکي مٿي تي هٿ ڏئي مسلسل پنجن مهينن تائين مايوس ويٺا رهيا پر انهن پنجن مهينن ۾ حڪومت رڳو سڄي ملڪ ۾ ڪجهه غريب ماڻهن لاءِ ٻارنهن هزار رپيا ڏنا اهو به ايئن جو ڪورونا خلاف ايس او پيز تي عمل بدران پئسا ورهائڻ لاءِ وڏا ميڙ ڪري بيماري کي ڦهلجڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي.
ھڪڙي طرف ڪورونا وائرس مزدور طبقي کي متاثر ڪيو ته ٻئي طرف ماڪڙ ھاري طبقي کي آسمان کان زمين تي اڇلائڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ اھو نه صرف ھن سال جو نقصان آهي پر کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ ته اڃا ھاڻي ڏسڻي پوندي ۽ اھا کوٽ مزدور طبقي لاءِ ھڪڙو ٻيو عذاب ھوندو. اٽي چانور ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ۽ مهانگائي ھڪڙي بم جي صورت ۾غريبن تي ڪرندي.
ان سڄي صورتحال ۾ تعليم جو ٻيڙو به ٻڏندي نظر اچي رهيو آهي شاگردن جي حالت تمام ڏکوئيندڙ آهي ايڪيهين صدي ۾ رهندي اسان جا شاگرد ارڙهين اڻويهين صدي جي نظام تحت تعليم پرائي رهيا آهن. دنيا ۾ شايد ئي ايتريون تڪليفون ٻين شاگردن کي سھڻيون پيون هونديون. جيتريون پاڪستان ۾ شاگردن کي سھڻيون پيون هن مشڪل وقت ۾ شاگردن سان ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي وئي. نوجوان شاگردن جڏهن ڏٺو ته غربت انهن کي گهٽا ڏئي رهي آهي جتي پيٽ پالڻ مشڪل ٿي ويو اتي تعليم لاءِ فيس طور پيسن جي ادائگي جو تصور ڪرڻ به  محال ٿي ويو. هنن مطالبو ڪيو ته هن سال جي فيس معاف ڪئي وڃي. شاگردن جو چوڻ هو ته فيس جا پئسا يونيورسٽي جي عمارت، ڪتابن، پاڻي، آمدرفت وغيره لاءِ ورتي ويندي آهي پر جڏهن هن سال جي شروعات کان وٺي يونيورسٽي بند رهي ته فيس جي ادائگي جي ڳالھه بلڪل بي بنياد آهي پر حڪومت نه صرف مزدورن ننڍن ملازمن ۽ هارين جو استحصال ڪيو پر مشڪل حالتن کي وڌيڪ  مشڪل بڻائيندي شاگردن جو به بنا ڪنهن هٻڪ جي استحصال ڪيو ويو، شاگردن کان نه صرف فيس ورتي وئي پر آن لائن ڪلاسن جي نالي شاگردن کي 4 مهينن تائين نه مفت انٽرنيٽ فراهم ڪئي وئي نه وري ڪجهه پڙهايو ويو رهندو شاگردن مٿان انٽرنيٽ جو اضافي خرچ به مڙهيو ويو شاگردن فيس جي معافي لاءِ احتجاج ڪيا پر وقت جي حڪمرانن تي ڪو فرق نه پيو.
ان سڄي ماحول ۾ گذارو ڪندي غريب طبقو زندگي جي گاڏي کي گهلي رهيو آهي پر ٻارن جي تعليم ھاڻي انھن جي اکين ۾ هڪ خواب جو روپ ڌاري چڪي آهي اهڙين حالتن ۾ پڙهائي جو نقصان به مزدور،، ھاري خانگي ادارن ۽ ننڍن سرڪاري ملازمن جي ٻارن جو ٿيو آهي ڇو ته ھتي جي تعليمي انفرااسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي بيوروڪريٽ ۽ سرمائيدار چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته هي ادارا ان لائق ناهن جو اهي پنهنجن ٻارن کي انهن ادارن ۾ داخل ڪن. هي گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول ته فقط غريب طبقي جي حصي ۾ ايندو آهي ان سڄي صورتحال ۾ حڪمران طبقي عوام جي ڪا   مدد  نه ڪئي پر نوجوانن کي ملڪ جو مستقبل، مستقبل جو معمار ۽ سرمايو چوندڙن ملڪ جي مستقبل جو گھڻو ڀاڱو هينئر ئي اونداهين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *