تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ملڪي معيشت ۾ سياحت جي اهميت

دنيا جي نقشي تي قائم سڀني ملڪن لاءِ سياحت ڪرنگهي جي حيثيت رکندڙ شعبو آهي.
سياحت جو شعبو نه صرف ڪنهن ملڪ جي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پر سڄي دنيا جي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. سياحت جي اهميت جا تمام گهڻا سبب آهن، خاص طور تي معاشيات ان جو وڏو سبب آهي، سياحت ڪنهن به ملڪ ۾ دولت، توڙي نوڪريون يا ٻيا ترقياتي ڪم آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. اڄ ڪلهه جي جديد دنيا ۾ سياحت کي موجوده دور جي قدرن مطابق سمجهڻ انتهائي ضروري آهي.
1. دولت جي ڏي وٺ: ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ سياحت جو شعبو ملڪ ۾پرڏيهي ناڻو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. خاص طور تي اهو ملڪ جنهن جي معاشيات يا ته اڀرندڙ آهي يا وري بلڪل ئي ڪمزور آهي. اهڙن ملڪن ۾ آفريقا هڪڙو زبردست مثال آهي جن ٻيا مختلف معاشي ذريعا نه هئڻ باوجود سياحت کي هٿي ڏئي پنهنجن ملڪن کي پيرن تي بيهارڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو. جيڪڏهن اسان ترقي يافتا ملڪن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته انهن ملڪن ۾ سياحت ذريعي ايندڙ ٻاهرين ڪرنسي مقامي ڪرنسي کان وڌيڪ طاقتور هوندي آهي. صرف انهيءَ ڪري اهي ملڪ پنهنجي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو پئسو خرچ ڪندا آهن ۽ جنهن جا تمام گهڻا فائدا آهن. اهڙن ملڪن ۾ سياحت ذريعي ايندڙ پئسو اهي نه صرف سياحتي سرگرمين تي خرچ ڪن ٿا گڏوگڏ جيڪي مقامي ٽوئر آپريٽرز يا ٻيا سپلائرز اهي به هن مان ڀرپور فائدو وٺن ٿا. سياحت ذريعي ايندڙ پئسو پاڻ ئي هوٽلون، کاڌو توڙي ٽرانسپورٽ يا ٻين مقامي ڪاروبارن کي هٿي ڏيڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو. 2019ع ۾ سڄي دنيا جي معيشت ۾ سياحت ذريعي ايندڙ ڪرنسي 2892 بلين ڊالر هئي ۽ پوري پوئين ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ اهو سڀني کان وڏو چاڙهه هيو جيڪو رڳو 2018ع جي ڀيٽ ۾ 5.2سيڪڙو جي اضافي سان اڳتي وڌيو. هاڻي اسان هن جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن ٻين شعبن تي نظر وجهون ٿا ته سڀني کان طاقتور ترين معاشي چاڙهه صرف سياحت ذريعي ئي آيو.
2. گهڻ قسمي آمدني: دنيا جا ڪيترائي ملڪ آهن جن جي انڊسٽري توڙي معاشيات اڳتي نه وڌڻ ڪري اهي ملڪ معاشي طور صفا هيٺ ويهي رهيا. انهيءَ ڪري اهڙن ملڪن کان سبق سکندي سياحت کي هٿي ڏيڻ وڌيڪ ضروري آهي ڇاڪاڻ جو هي واحد شعبو آهي جنهن ۾ گهٽ سيڙپ ۽ وڌيڪ آمدني جو رجحان هر وقت رهندو آهي ۽ اهو ئي شعبو سڌو سنئون عام ماڻهوءَ جي معاشي حالت کي بدلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.
پاڪستان دنيا جي نقشي تي قائم ملڪن ۾ اهو واحد ملڪ آهي جنهن وٽ سمنڊ، درياءَ، ميدان، ريگستان، نديون، برفباري توڙي برساتون يعني هر مند، هر فصل، هر ميوو، هر وقت تي، هر طريقي سان دستياب هوندو آهي. انهيءَ ڪري اسان جهڙي ملڪ لاءِ سياحت جا رستا سال جي 12 مهينن ۾ ۽ هر ڏينهن جي 24 ڪلاڪن ۾ هر لمحي کليل رهن ٿا، صرف سياحتي ماهرن ذريعي جديد وقت جي تقاضائن آڌار هن سڄي عمل کي بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
3. ملازمتون:سياحت جي شعبي ۾ سٺي آمدني سان گڏ ملازمتن جو نڪرڻ هڪڙو فطري عمل آهي اهو عمل اسانجي ملڪ جي جهاز اڏائيندڙ پائلٽن کان وٺي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿانو ڌوئڻ جو ڪم ڪندڙ اسانجي شهرين ذريعي اڳتي وڌندو پيو آهي، اهي ماڻهو انهن ملڪن جا گهمندڙ ڦرندڙ نمائندا آهن. سياحت جي ذريعي ڪيتريون ئي نوڪريون پيدا ڪري سگهجن ٿيون گڏوگڏ ڪيترائي ماڻهو هر وڏي شهر کان وٺي ننڍڙي ڳوٺڙي تائين پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا۽ هن جو سڌو اثر ملڪ جي ٻين صنعتن تي پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو ٻاهران ايندڙ سياحن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ انڊسٽري، فوڊ انڊسٽري توڙي هوٽل انڊسٽري کي تمام وڏي هٿي ملندي. انهن ٽنهي صنعتن کي ضرورت آهر شين جي پورت لاءِ ٻين صنعتن کي پڻ پنهنجو پاڻ کي تيزي سان Mobilize ڪرڻو پوندو.
2019ع ۾ دنيا جي نقشي تي 10 اهڙا ملڪ آهن جن صرف سياحت جي شعبي ذريعي 87.5 ملين نوڪريون هن شعبي ۾ پيدا ڪري ڏيکاريون اهو ئي سبب آهي جو اهي 10 ئي ملڪ سياحت جي ڪري وڌندڙ آمدني سبب معاشي ترقي ۾ سڀ کان اڳتي رهيا. دنيا جي نقشي تي لکين هزارين نوڪريون هن شعبي جي ڪري نڪرن ٿيون ۽ ان جي ڪري ئي ٻين صنعتن جي ترقي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون.
4. بنيادي ڍانچي جي ضرورت: سياحت دنيا ۾ اهو واحد شعبو آهي، جنهن جي ڪري مقامي معيشت جو بنيادي ڍانچو ٺاهڻ ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ملندي آهي. مثال طور جڏهن توهان وٽ ٻاهريان ماڻهو گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندا ته يقيني طور تي اهي توهانجي ملڪ جي مختلف حصن ۾ گهمندا ڦرندا، نتيجي ۾ توهان کي روڊ رستا، عوامي جڳهيون، پارڪ، اسپتال توڙي مقامي آبادي لاءِ سٺا اسڪول ٺاهڻ ضروري ٿي پوندا. سياحت جو شعبو ڪنهن به ملڪ جي بنيادي ڍانچي کي ٺاهي ملڪ کي سٺي نموني هلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. مثال طور جيڪڏهن ڪو سياح اسانجي هڪڙي شهر ۾ ترسيو اهي ۽ هو ڪنهن پري جي علائقي ۾ وڃڻ چاهي ٿو ته يقيني طور تي توهان کي انهي جي سهولت لاءِ سٺي ٽرانسپورٽ، سٺا روڊ رستا توڙي سٺا هوٽل ٺاهڻ ضروري هوندا.
5. سماجي فائدا:سياحت جو شعبو سماجي فائدا ڏيڻ ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. مقامي ثقافت کي ترقي ڏيڻ ۾ سياحت جي شعبي جو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي، اهو ئي سبب آهي جو اهي قومون انتهائي تيزي سان ترقي ڪري ويون جن جي ثقافت کي سياحت ذريعي مناسب ترقي ڏني وئي. سياح هميشه ڪنهن به ملڪ جي حقيقي تصوير ڏسڻ جو تجربو ڪرڻ ايندو آهي ۽ اهو ئي هن ملڪ مان گهمي ڦري وڃڻ کانپوءِ سڄي دنيا جي نقشي تي انهي ثقافت جي ترقي جو سفير هوندو آهي. انهيءَ ڪري مقامي ثقافت کي دنيا جي سطح تي وڏي ترقي ملندي آهي ۽ اسانجي ثقافتي شين جي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ تڪڙي ۽ فائديمند ڏي وٺ پڻ ٿيندي آهي اها ئي ترقي اسانجي ثقافت، سياحت توڙي صنعت کي گهڻي حد تائين تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي.
6. ماحولياتي فائدا:سڄي دنيا پنهنجي سياحت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پنهنجن ملڪن کي ماحولياتي گدلاڻ ۽ آلودگي کان صاف رکڻ لاءِ تمام گهڻا قدم کڻي رهي آهي، جيتوڻيڪ انهن جو مقصد صرف سياحن جو ڌيان ڇڪائڻ هوندو آهي پر انهن جي ڌيان ڇڪائڻ سبب صفائي سٿرائي ۽ صحت جو نظام توڙي بنيادي تعليم جو نظام مضبوط ٿيندو آهي ۽ مقامي سطح تي پنهنجي ڪميونٽي کي سک ۽ سهولتون ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملندي آهي. انهيءَ ڪري مقامي ڪاروباري ماڻهو جڏهن پنهنجو ڪاروبار مضبوط ٿيندي ڏسندا ته اهو فطري عمل آهي ته هو پنهنجو پئسو توڙي ٻيا ذريعا لوڪل ڪميونٽي کي سهولتون ڏيڻ تي ضرور خرچ ڪندا ۽ اهو ئي عمل ٻاهران گهمڻ ايندڙ ماڻهن کي همٿ ڏيندو آهي.
7. ڪاروباري موقعا:سياحت، اڀرندڙ ملڪن ۾ معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي همٿ ۽ يقين ڏياريو آهي ته انهن جو ٿورڙو لڳايل پئسو انهن کي گهڻو منافعو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. عام طور تي مقامي صنعتون اڪيلي سر هن سطح جي معاشي هٿي ڏئي ڪونه ٿيون سگهن. اهو پئسو جيڪو ٻاهريون سياح گهمڻ ڦرڻ لاءِ کڻي ٿو اچي اهو اسانجي مقامي صنعتڪارن توڙي سيڙپڪارن کي ترقي ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. خاص طور تي تڏهن جڏهن توهان پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ سياحن کي ڪا منفرد سهولت يا فائدو ڏيو جيڪو هن جي هتي اچڻ جي مقصد کي سٺي نموني سان پورو ڪري سگهي.
اسانجو ملڪ هر موسم، هر ڀاڄي، هر اناج توڙي هر ميوي سميت هر موسم سان مالامال آهي ۽ اسين انهن سڀني شين جو فائدو وٺندي سياحت جي شعبي جو استعمال ڪيون ۽ ملڪي صنعت کي هٿي ڏيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *