تازا ترين
  • *ڪراچي: عيد تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو: واپاري اڳواڻ عتيق مير * ڪراچي: هن سال عيد جي موقعي تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو * ڪراچي: گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي جهاز حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل ٽن گهريلو ملازم نارين واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو * ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب پورهيت نارين ناهيدان، مائرا ۽ عزيزان جي سهڪار جي خاطري ڪرائي * ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه سڙي زخمي ٿيل ٽن ملازم عورتن جي عيادت ڪري سندن مالي سهائتا ڪندا *
  • *ڪراچي: اوقاف کاتي عيد جي موڪلن کانپوءِ سنڌ جون 3 اهم درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو * ڪراچي: اوقاف کاتي جا ملازم زائرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا * ڪراچي: شاهه عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جون درگاهون زائرين لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو *
  • *اسلام آباد: نيب خودمختيار ادارو آهي ۽ اُن اداري ڪڏهن به پنهنجو ڪم بند ناهي ڪيو: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه * اسلام آباد: جهاز سانحي ۽ ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير * اسلام آباد: لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا سختي جو فيصلو صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو: اعجاز شاهه *
  • *سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪي عورت فوت *52 ورهين جي عورت کي ڪورونا جي شڪ سبب آئسوليٽ ڪيو ويو هو*
  • *عمرڪوٽ ڀرسان چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر نصير ڪلر چيڀاٽجي فوت *هيرآباد اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام*
  • *لاڙڪاڻو: مختلف علائقن ۾ ڪتن 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *لاڙڪاڻو: 6 ڏينهن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو*
  • *پنجاب جي راجنپور واري علائقي مان 3 پوليس اهلڪار اغوا، پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو*
  • *سنڌ ۾ آپگهات وارن واقعن ۾گهٽتائي نه آئي، ٽنڊو باگو ڀرسان 2 عورتن زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *واهي پانڌي: مستوئي پاڙي ۾ پورهيت عيسيٰ سومرو جي گهر کي باهه لڳي وئي *گهر مڪمل طور سڙي ويو، رڳو جانيون بچائي نڪتا آهيون، مالي سهائتا ڪئي وڃي:متاثر*
  • *چڪ: جتوئي برادري ۾ تڪرار تان جهيڙو، ڌنار مرڻينگ *هڪ ڌر ڌنار کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ 12 مينهون ڪاهي وئي*
  • *ڪراچي: برنس روڊ ۾ اي سي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو*
  • *ٺڪراٺو ڀرسان جوڻاس مائينر کي آرڊي 9 وٽان 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل*
  • *ٽنڊو باگو ڀرسان ناري زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *پکو ڀرسان نوجوان سيد خالد حسين فائرنگ ۾ مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *نوجوان تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا *معاملو سيد برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار جو نتيجو آهي: پوليس *

معيشت جو گهوٽالو سنگين ٿي رهيو آهي!

ملڪ ۾ معاشي صورتحال جي سنگيني ان انتها تي وڃي پهتي آهي جو واپارين ۽ ڪاروبارين جي هڪ وفد هڪ ڏينهن فوج جي سربراهه سان ۽ ٻئي ڏينهن تي وزيراعظم عمران خان سان تفصيلي ملاقاتون ڪري کين آگاهه ڪيو آهي ته معاشي معاملا هٿن مان نڪري رهيا آهن ۽ هنن لاءِ معيشت جو گاڏو ڌڪڻ مشڪل ٿي رهيو آهي. فوج جي سربراهه سان ملاقات ۾ ڪاروباري برادريءَ کيس دانهن ڏني ته حڪومت زباني خاطرين کان اڳتي نه ٿي وڌي ۽ سندس لفظ عمل ۾ تبديل نه ٿا ٿين. ٻئي ڏينهن تي واپارين جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن کين خاطري ڪرائي ته سندن شڪايتون ختم ڪيون وينديون ۽ نيب بابت سندن انومان ختم ڪيا ويندا. ساڳئي ڏينهن نيب جي چيئرمين به واپارين کي خاطري ڏيندڙ بيان جاري ڪيو ته هو ڪاروبار کي روڪڻ نه ٿو گهري. اهي سڀ خاطريون پنهنجي جاءِ تي پر تلخ حقيقت اها آهي ته ملڪي معيشت سنئين دڳ کان گهڻو ٿڙي وئي آهي، ان کي واپس دڳ تي رڳو خاطرين وارن بيانن سان نه ٿو آڻي سگهجي. هن وقت معيشت جا سمورا اهڃاڻ خراب حالت ۾ آهن، مهانگائي عوام جو رت سڪائي ڇڏيو آهي، مٿان حڪومت جي صلاحيت تان هر طبقي جو ويساهه کڄي چڪو آهي، ان جا قدم شين کي بهتر ڪرڻ طرف کڄندي نظر نه ٿا اچن. ويجهڙ وارن مهينن ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين جا ڪهڙا نتيجا نڪتا آهن، ان جون ڪجهه جهلڪيون اسان کي اخباري خبرن ۾ نظر اچن ٿيون.
*ملڪ اندر ٽرڪن جي وڪري ۾ اڌو اڌ لاٿ آئي آهي، ٻه سال اڳ ٽرڪن جي سالياني کپت 9331 ٽرڪون هئي، جيڪا مالي سال 2019ع ۾ گهٽجي 5228 وڃي رهي آهي، (روزاني ڊان – پهرين سيپٽمبر 2019)
*ڪارون ٺاهيندڙ صنعت انديشو ظاهر ڪيو آهي ته کپت گهٽجڻ سبب امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ملازم گهر ڀيڙا ڪرڻا پوندا، امڪان آهي ته هن مالي سال ۾ گاڏين جي کپت ۾ 15 کان 20 سيڪڙو لاٿ ايندي . (روزاني ڊان – 25 جولاءِ 2019ع)
* ملڪ اندر ڪارن جي کپت ۾ 41.3 سيڪڙو لاٿ آئي آهي ۽ گذريل سال دوران جولاءِ آگسٽ ۾ 34،264 ڪارن جي ڀيٽ ۾ هن سال ساڳين مهينن ۾ 20094 ڪارون مارڪيٽ ۾ کپايون ويون آهن. (روزاني ڊان – 25 جولاءِ)
*ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپني هونڊا، اٽلس پاران ڏهن ڏينهن لاءِ ڪارخانو بند ڪيو ويو (14 جولاءِ 2019روزاني ڊان)
*پاڪستان معاشي گهوٽالي مان گذري رهيو آهي، گڏيل قومن پاران واپار ۽ ترقي بابت 2019ع جي سالياني رپورٽ ۾ انڪشاف (روزاني ڊان – 27 سيپٽمبر 2019ع)
*ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ مطابق معاشي واڌ، 2018ع جي 5.5 سيڪڙو کان گهٽجي 2019ع ۾ 3.3 سيڪڙو رهجي وئي آهي (روزاني ڊان – 25 سيپٽمبر 2019ع)
* بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب سيپٽمبر مهيني ۾ ملڪ اندر مهانگائي جي شرح 11.4 سيڪڙو رهي، شهري علائقن ۾ ڪُڪڙ 40.75 سيڪڙو، ٽماٽا 37.4 سيڪڙو، بصر 32.31 سيڪڙو، کاڄرو تيل 41.8 سيڪڙو مهانگا ٿيا.
* ملڪ اندر وڏي مينو فيڪچرنگ صنعت ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ پهرين مهيني ۾ 3.28 سيڪڙو لاٿ آئي (روزاني ڊان – 21 سيپٽمبر 2019)
* هلندڙ مالي سال ۾ ملڪ اندر سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ پهرين ٻن مهينن اندر 58.4 سيڪڙو لاٿ آئي آهي (روزاني ڊان – 19 سيپٽمبر 2019)
هي ته رڳو ڪجهه چونڊ خبرون آهن پر صورتحال جي سنگيني رڳو انگن اکرن سان پرکڻ ڏکي آهي، جڏهن ڳالهه کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ چاليهه سيڪڙو واڌ جي ٿئي ٿي ته ان جو مطلب لکين غريب ماڻهن لاءِ ويلا ڪٽڻ جي نوبت آهي، لکين غريب ڪٽنب ڏهاڙي مزدوري تي گذارو ڪن ٿا، جن لاءِ غربت ۾ يارنهن سيڪڙو واڌ جو مطلب زندگي جي بنيادي ضرورتن ۾ ڏهه سيڪڙو وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻ آهي، تصور ڪيو ته جن ماڻهن جي زندگي ۾ ٻن ويلن جي ماني کائڻ مشڪل ٿيل هجي، انهن وٽ زندگي جي ضرورتن ۾ ڏهه سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جي باقي ڪهڙي گنجائش آهي، هي اهو طبقو آهي جنهن لاءِ عملي طور ساهه کڻڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.
خراب معيشت رڳو غريب ماڻهو جي زندگي کي ڊسٽرب نه ٿي ڪري پر وچولي ۽ مٿئين طبقي لاءِ به مختلف نوعيت جا مسئلا آڻي ٿي. وچولي طبقي جي زندگي مان بچت جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو، وچولي طبقي جي بچت دراصل ننڍن ۽ وچولن ڪاروبارن لاءِ سيڙپڪاري جو بنياد بڻجي ٿي، جيئن جيئن ان طبقي جي بچت ختم ٿئي ٿي، ڪاروبارن ۾ جمود اچي ٿو ۽ روزگار جا وسيلا سُسڻ لڳن ٿا. لکين ماڻهن جي روزه مره جي جياپي جو وسيلو اهو ننڍو وچولو ڪاروبار آهي. ٻئي طرف مٿيون طبقو جڏهن وچولي طبقي جي خريداري سگهه ۾ لاٿ کي ڏسي ٿو ته اهو وڏن ڪاروبارن ۾ سيڙپڪاري کان پاسو ڪرڻ لڳي ٿو. ان طبقي جي صنعتن ۽ پرڏيهي واپار ۾ سيڙپڪاري معيشت جي ڦيٿي کي ڦيرائيندي رهي ٿي. جڏهن اهو طبقو مارڪيٽ ۾ وڏي سيڙپڪاري گهٽائي يا بند ڪري ٿو ته معيشت جي مجموعي واڌ رڪجي وڃي ٿي، ان کانپوءِ معيشت جا اهڃاڻ ناڪاري ڏيک ڏيڻ لڳن ٿا ۽ مارڪيٽ ٻاڙائي جو شڪار ٿين ٿا. هڪ پاسي مهانگائي وڌي ٿي ته ٻئي طرف معيشت جي واڌ رڪجي ٿي، ان عمل کي انگريزي ۾ stagnation ۽ inflation جو ميلاپ ۽ هڪ لفظ ۾ stagflation چئبو آهي. معيشت جي خراب صورتحال جي سڀ کان سگهاري عڪاسي ان لفظ سان ٿيندي آهي ۽ ملڪ هن وقت ان صورتحال مان گذري رهيو آهي.
آءِ ايم ايف جي قرض جي عيوض منظور ڪيل شرطن جي پورائي لاءِ رپئي جو ملهه گهٽايو ويو، ٽيڪس وڌايا ويا ۽ بجلي توڙي گيس جا اگهه وڌايا ويا پر ان جي باوجود معيشت ڪر نه پئي کڻي، مثال طور رپئي جي اگهه ۾ هڪ ڌڪ سان 20 کان 30 سيڪڙو لاٿ آئي پر پرڏيهي واپار اڃان به نه پيو وڌي، ايف بي آر کي ٽيڪس اوڳاڙيءَ جا ڳرا حدف ڏنا ويا پر ڪاروبارن ۾ ٻاڙائي سبب اهي ٽيڪس اوڳاڙڻ مشڪل ٿي پيو آهي،
نتيجو اهو نڪتو آهي جو جڏهن اوگرا پاران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ حڪومت کي پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ جي رٿ ڏني وئي ته حڪومت اگهه نه گهٽايا ته جيئن اها ڪمائي به ٽيڪسن جي اوڳاڙي طور سرڪاري ناڻي کي هٿي ڏئي. پرڏيهي سيڙپڪاري ته هن صورتحال ۾ ممڪن ناهي پر هاڻي ته ڏيهي اندروني سيڙپڪاري به ٺپ ٿي رهي آهي، ان جو هڪ وڏو ڪارڻ رشوت روڪڻ جي نالي تي پيدا ڪيل ڏهڪاءُ آهي. شهرن ۾ ملڪيتن جو ڪاروهنوار به ٺپ ٿي ويو آهي، سموري معاشي صورتحال ملڪ جي سياسي ۽ سماجي استحڪام لاءِ انديشا اڀاري ٿي.، حڪومت عوام کي ٻن سالن اندر معيشت مضبوط ٿيڻ جا آسرا ڏئي رهي آهي پر معاشي اؤسر جا اهڃاڻ انهن آسرن تي روز پاڻي ڦيري ڇڏين ٿا.

Bookmark the permalink.

One Response to معيشت جو گهوٽالو سنگين ٿي رهيو آهي!

  1. Ayaz Latif Dayo says:

    بدترين معيشيت کي وڌيڪ عوامي انداز ۾ واضح ڪرڻ گهرجي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *