تازا ترين
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

معصوم ٻارڙن سان ٿيل ظلم جو انصاف ڪير ڪندو؟

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٻارن کي بهتر معياري تعليم ڏيڻ لاءِ سرڪار پاران بهترين قدم کنيا ويندا آھن پر اسانجي ملڪ ۾ سڀ ڪجھه ان جي ابتڙ آھي. ٺري ميرواھ ۾ انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائڻ جو هڪ واقعو سامهون آيو آھي جتي پيغمبري پيشي طور سڃاتو ويندڙ استاد انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آھي. 2 ڏينهن اڳ ۾ سوشل ميڊيا گروپس تي ڪجھه اهڙيون وڊيوز وائرل ٿيون آھن جنهن جي وائرل ٿيڻ بعد پوري دنيا جي ماڻھن پاران اهڙي واقعي جي نه صرف مذمت ڪئي پئي وڃي پر جوابدار جي گرفتاري لاءِ سخت مطالبا ڪيا پيا وڃن. ضلعي خيرپور جي تعلقي هيڊڪوارٽر شھر ٺري ميرواھ جي نيباهوشاھ پاڙي ۾ ايڇ ايس ٽي استاد سارنگ خان شر هڪ سال اڳ نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد علائقي جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته علائقي واسين پاران ان استاد جي ان عمل جي واکاڻ ڪندي پنهنجي گلن جهڙن ٻارن کي استاد سارنگ شر وٽ ٽيوشن وٺڻ لاءِ موڪليندا رهيا آھن. لاڪڊائون سبب اسڪول بند ٿي ويا جنهن بعد ڪيترن ئي ماڻھن پنهنجي گلن جهڙي ٻارن کي سارنگ شر جي ٽيوشن سينٽر ۾ داخل ڪرايو 2 ڏينهن اڳ ٺري ميرواھ جي سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيو وائرل ٿيون جنهن کي ڏسڻ بعد انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو هر ڪنهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي 2 ڏينهن پهريان ٺري ميرواھ جي استاد سارنگ شر جون ٽيوشن وٺڻ لاءِ نينگرن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون جنهن ۾ هو ٽيوشن وٺڻ لاءِ ايندڙ معصوم نينگرن سان بدفعلي ڪري رهيو آھي. هڪ استاد جي اهڙي عمل تي سمورن استادن جا به سر شرم سان جهڪي ويا. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي فوري طور جوابدار سارنگ شر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو ميرواھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم ڪيو ويو جنهن بعد ٺري ميرواھ ٿاڻي تي ماستر هٿان زيادتي جو نشانو بڻيل نينگر ساحل مڱڻھار جي والد زاهد مڱڻھار جي فرياد تي ميرواھ ٿاڻي تي جوابدار سارنگ شر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سارنگ شر گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو جڏھن ته 12 ڪلاڪن بعد هڪ وڌيڪ وڊيو منظرعام تي آئي آھي جنهن ۾ سارنگ شرٽيوشن وٺڻ لاءِ آيل ٽن نينگرن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري انهن کي هڪ ٻئي سان زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪرائي رهيو آھي. اهڙي وڊيو نينگر وقار جانوري جي والد سڪندر جانوري پاران ڏسڻ بعد ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ جانوري برادري جي سوين ماڻھن سان گڏ ميرواھه ٿاڻي تي پهچي ويو. ٺري ميرواھه پوليس نينگر وقار جانوري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته سياسي سماجي ڌرين توڙي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ صارفين پاران پيغمبري پيشو رکندڙ استاد جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدار سارنگ شر جي گرفتاري ۽ کيس عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ٺري ميرواھ پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ضلعي خيرپور جي مختلف علائقن ۾ چڙھايون ڪيون آھن پر سارنگ شر جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي معصوم ٻارن سان جنسي ڏاڍي.ڪندڙ جوابدار سارنگ شر کي گرفتار ڪري سندس مٿان داخل ڪيسن ۾ کيس عبرتناڪ سزا ڏئي معصوم ٻارن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.پوليس جو اهو ڪم آهي ته پهرين ته ان جوابدار کي گرفتار ڪري جنهن اهڙي مقدس پيشي جي آڙ وٺي ٻارڙن سان ظلم ڪيو آهي ۽ انهن جي ذهنن تي استاد جي پيشي بابت هڪڙا غلط تصور ويهاري ڇڏيا آهن ،پوءِ اها جاچ ڪئي وڃي ته جوابدار اهي رڪارڊنگ ڇا جي ڪري ڪندو هو ڇا هو اهڙو جنسي مريض آهي جيڪو ٻارڙن سان اهڙو ظلم ڪري رهيو هو يا ان جو اهو ڌنڌو هو ۽ اهي وڊيوز ڪٿي وڪرو ڪري پئسا ڪمائيندو هو.چيو وڃي ٿو ته اهو استاد اصل فيض گنج جو رهواسي هو جتي به هن تي ڪجهه الزام لڳا جنهن ڪري هو اهو علائقو ڇڏي اچي ٺري ميرواهه ويٺو .جيڪڏهن جوابدار گرفتار ڪري پيرائتي جاچ ڪئي وئي ته شايد پوليس کي اڃا به وڌيڪ وڊيوز ملي وڃن.

جن ذريعي هو ٻارڙن کي بليڪ ميل ڪندو هو يا انهن وڊيوز ذريعي پئسا ڪمائيندو هو.بهرحال هاڻي اهو سڄو معاملو پوليس جي هٿ ۾ آهي ته انهي ڪيس تي ڪيتري سنجيدگي سان ڪم ٿي ڪري ۽ معصوم ٻارڙن سان ٿيل ظلم جو ازالو ڪري ڇو ته هي ڪو عام رواجي ڪيس ناهي هن ڪيس سڄي سنڌ جي سڃاڻپ کي خراب ڪري ڇڏيو آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *