تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مضبوط دماغ جي ماڻھن جون عادتون

اڄ جي دور جو وڏو سوال سڪون واري زندگي گذارڻ آھي ھر ماڻھو اھا شڪايت ڪندي ملندو آهي ته سڪون ناھي، مزو ناھي ياسوشل ميڊيا تي feeling upset جو اسٽيٽيس رکي ٿا ڇڏين. مطلب زندگي ۾سواد ناھي، بيچيني آھي .پر ڇو؟ اھو انھي ڪري جو اسان ماڻھو پنھنجو گھڻو وقت پنھنجي ذھن ۾ فضول ڳالھيون پاليندارهندا آھيون ۽ پنھنجي دماغ کي پاڻ ڪمزور ڪندا رهندا آھيون.
مضبوط دماغ جا ماڻھو تمام خوش زندگي گذارين ٿا. انھن ماڻھن جا خيال، سوچ، نظريا ۽ عقيدا انھن جي ڪنٽرول ۾ ھوندا آھن. جنھن انسان جي ڪاوڙ ان جي اختيار ۾ ناھي اھو ذھني طور ڪمزور ماڻھو آھي. ذھني مضبوط ماڻھو جون عادتون ان کي ذھني مضبوط ڪنديون آھن ھو ڪڏھن به ماضي ۾ ناھي جيئندو، ھو صرف ماضي مان سکندو آھي ۽ ماضي جا تجربا حال ۾ استعمال ڪري ان کي خوبصورت بڻائيندو آھي. ذھني ڪمزور ماڻھو ھر وقت پيو پاڻ تي ملامت ڪندو آھي هي ڪريان ھا، ھو نه ڪريان ھا، ھي نه ٿيو ھو نه ٿيو ھو پنھنجي مسئلي کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسئلو سڏيندو آهي. جيڪڏهن کانئس پڇبو ته ادا ڇا مسئلو آھي چوندو، بس ادا تباھي ٿي وئي. ادا ٿيو ڇا؟ چوندو بس نه پڇ ڏھه رپيا گم ٿي ويا آھن ڏاڍو پريشان آھيان. جڏهن ته مضبوط ماڻھو تي مسئلن جا پھاڙ ڪري پون پر ڪڏھن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندورهندو ان مسئلي تي سوچيندو ته انهي کي حل ڪيئن ڪجي ۽ ٻيو مسئلو حل ڪرڻ جا رستا ڳوليندو، ٻين کي ڪڏھن پھنجا ڦٽ نه ڏيکاريندو پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪندو پھنجو گهڻو وقت مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گذاريندو نه ڪي فضول قسم جي هاءِ گهوڙا ۾ وقت پاس ڪندو. مضبوط دماغ جي ماڻھو جو ريموٽ ڪنٽرول ھن جي پنهنجي ھٿ ۾ ھوندو آھي. جيڪڏھن ڪو چوي ته ھن منھنجو خيال مٽائي ڇڏيو، ھن مون کي پريشان ڪري ڇڏيو ته پڪ سان سمجھو ته اهو ھمراھه ذھني طور ڪمزور آھي ڇو جو مضبوط دماغ جي ماڻھن جو focus ڪڏھن به ناھي مٽبو ھنن جو ڌيان ھميشه پنھنجي مقصد طرف ھوندو آھي.
ذھني طور مضبوط ماڻھو ھر ماڻھو کي خو ش ڪرڻ جي چڪر ۾ نه ھوندا آھن ڇو جو ھو چڱي نموني سمجھندو آھي ته ھر ماڻھو کي خوش نٿو ڪري سگھجي .ڪمزور دماغ جا ماڻھو تحفا ڏيندا آھن پوءِ وري وري پيا پڇندا ته ڪيئن لڳو؟ جڏھن توھان اھو سوچڻ ۾ وقت وڃائيندا ته ماڻھو ڇا پيا سوچين ته پڪ سمجھجو ته اوهان پنهنجي طاقت زيان ڪري رھيا آهيو ۽ ڪمزور دماغ جا مالڪ آھيو. جنھن ماڻھو جي زندگي ۾ challenge ناھي ھوندو اھو وقت سا گڏو گڏ ذ ھني طور ڪمزور ٿيندو ويندو آھي. ذھني مضبوط ماڻھو ھميشه calculated risk کڻندو آھي اھو ھر روز نوان نوان risk کڻندو آھي نوان نوان ڪم ڪندو آھي مضبوط دماغ جا ماڻھو تبديلي کان ناھي ڊڄندو پر ڪمزور دماغ واري ماڻھو جي جيڪڏهن کٽ به تبديل ٿيندي آھي ته به پيو چوندو آرام ڦٽي ويو گھر تبديل ڪندو ته پريشان ٿي ويندو. ڪمزور دماغ جو ماڻھو ھر شيءَ تبديل ڪرڻ چاھيندو آھي پر پاڻ کي تبديل نه ڪري سگهندو آهي نه ئي پاڻ کي تبديلي ڪرڻ چاهيندو آهي . جيڪڏھن ڪو ماڻھو اھي خواب ڏسي جيڪي پورا نه ٿي سگھن اھي ڪم ڪري جنھن جو حاصل ڪجھه نه ھجي ته پوءِ ھو ذ ھني ڪمزور ٿيندو ويندو آھي. ذھني طور مضبوط ماڻھو ساڳيون غلطيون وري وري ناھي ڪندو، ھو ھر غلطي مان ڪو نه ڪو سبق سکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ڪمزور ذھن جو ماڻھو ھميشه پنھنجو وقت ۽ طاقت ٻين ماڻھن سان حسد ۽ ساڙ ۾ ختم ڪندا آھن پر مضبوط دماغ وارا ٻين ماڻھن جي ڪاميابي ۾ خوش ٿيندا آھن انھن جي زندگي کي پڙھي سمجھي ان کي رول ماڊل بڻائي اڳتي وڌندا آھن. مضبوط دماغ جا ماڻھو پھرين غلطي کي آخري غلطي نه سمجھندا آھن غلطي مان سبق سکي اڳتي وڌندا آھن. ذھني مضبوط ڪا به شيءِ لڪائي نه ڪندا آھن ھو کليل زندگي گذاريندا آھن ڇو جو ھو ڄاڻندا آھن ته دنيا ھنن کان ڪابه شيءَ نٿي کسي سگھي ۽ ذھني ڪمزور ماڻھو کي ايئن لڳندو آھي ڄڻ سڄي دنيا انھن جي دشمن آھي ھو پنھنجا ideas لڪائيندو رهندو آھي. ڪامياب ماڻھو ذھني مضبوط ماڻھو ھميشه پاڻ کي وقت ڏيندو آھي ھو جلدي ۾ نه ھوندو آھي ھو سمجھندو آھي ھميشه وڏو نتيجو وقت کائيندو آھي . ذھني مضبوط ماڻھو ڪڏھن به پوئتي مُڙي ناھي ڏسندو جيڪو ڪندو آھي بس ڪندو ويندو آھي ھو پنھنجو وقت ۽ طاقت ان ۾ ختم نه ڪندو آھي ته واھ واھ ٿئي، ھو ته بس جيڪو ڪندو آھي پنهنجي سڪون لاءِ ڪندو آھي ۽ اھو ئي ان جي ڪاميابي جو راز ھوندو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *