تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مصيبت جي ماريل ماڻهن سان ضلعي انتظاميا جي مشڪري

ڪاڇي ۾ اڃان ماڻهو پاڻ کي ٻوڏ کان بچائي ئي نه سگهيا آهن ته انهن ماڻهن سان ضلعي انتظاميا مشڪريون شروع ڪري ڇڏيون آهن،هڪڙو ڪو هنڌ هجي جتي اتظاميا جي غفلت تي اکيون پورجن ،ڪا هڪڙي لاپرواهي ٿئي ته ماڻهو کڻي ماٺ ڪري هتي ته هنڌ هنڌ ،وک وک تي انتظامي غفلت ماڻهن جي مصيبتن ۾ واڌ ڪري رهي آهي. ٻوڏ جو پاڻي سڄي ڪاڇي کي لوڙهڻ کانپوءِ ايف پي بند ٽوڙي جوهي جي بئراجي علائقن ۾ جتي جتي پهتوآهي اتي انتظاميا نالي ڪا شيءَ نظر نه ٿي اچي،ماڻهو پاڻمرادو ٻوڏ کان بچڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر انتظاميا ايئن لاتعلق آهي ڄڻ اهي علائقا سندن ذميوارين ۾ اچن ئي نه ٿا،ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ، انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ ته ٿي پري جي ڳالهه پر ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ ۽ لنگهه ڏيڻ تان مختلف هنڌن تي جهيڙا شروع ٿي ويا آهن ۽ آبپاشي کان وٺي ضلعي انتظاميا مان ڪير به نظر نه پيو اچي.
هن وقت به ڪاڇي توڙي ٻوڏ واري بئراجي علائقن ۾ ڪيترائي ئي ماڻهو ڦاٿل آهن انهن وٽ کاڌ خوراڪ کٽي وئي آهي،پر سنڌ حڪومت،ضلعي انتظاميا ،پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي انهن کي بي يار ۽ مددگار ڇڏي ڏنو آهي، ڪٿان به ڦاٿل ماڻهن کي ڪو آسرو نظر نه ٿو اچي ته ڪير کين انهي حالتن ۾ اچي ريسڪيو ڪندو يا ٻن ويلن جي ماني پهچائڻ جو بندوبست ڪندو؟ انهي کان وڌيڪ مصيبت جي ماريل ماڻهن سان مشڪري يا ٺٺول ضلعي انتظاميا ڪهڙي ڪري سگهي ٿي جو انهن متاثرن جي نالي تي ٺهرايل برياني جا پيڪيٽ سون هزارن جي تعداد ۾ متاثرن تائين پهچائڻ بدران جوهي باءِ پاس وٽ ڦٽي ڪيا ويا جيڪي سڄو ڏينهن ٽائيم نيوز چيئنل پنهنجي اسڪرين تي ڏيکاريندو رهيو. انهي کان اڳ ۾ وڏي وزير سان گڏ آندل امدادي سامان وڏي وزير جي وڃڻ کانپوءِ پوليس گاڏين ۾ ئي کڻي واپس روانو ڪيو ويو ۽ متاثرن ۾ نه ورهايو ويو.خبر ناهي ضلعي انتظامي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن سان ڇو اهڙي قسم جون مشڪريون ڪري رهي آهي.ڪاڇي ۾نئين گاج جي تيز وهڪري جتي ماڻهن جا اجها لوڙهي ڇڏيا آهن اتي انهن جي اناج ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان به لوڙهي ويو آهي مٿان وري روڊ ۽ رستا بند هجڻ ڪري سمورا متاثر ڳوٺاڻا جتي هيا اتي ئي ڦاٿل آهن ۽ جيڪڏهن ڪجهه پڪي تي اچي پهتا آهن ته انهن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ناهي، اهڙي صورت ۾ ضلعي انتظاميا جو اهڙو رويو انهن جي تڪليفن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي.
هن وقت جيڪا سڀني کان وڌيڪ اهم ضرورت آهي اها اها ته ماڻهن کي پاڻي لهڻ تائين ڪجهه ڏينهن جي کاڌ خوراڪ پهچائي وڃي ۽ انهي سان گڏوگڏ جيڪي رستا لڙهي ويا آهن انهن تي هنگامي بنيادن تي مٽي وجهرائي رستا کولرايا وڃن .انهي سان هڪ طرف انتظاميا تان ماڻهن تائين کاڌ خوراڪ پهچائڻ جو بار گهٽ ٿيندو ته ٻئي طرف ماڻهو پاڻمرادو هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين پهچي پنهنجي ضرورت جي شين جو پوراءُ ڪري سگهندا. هونئن به لڳي ايئن ٿو ته انتظاميا ماڻهن کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ جي بار کي پاڻ تي فرض نه ٿي سمجهي. ماڻهن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو ازالو ڪرڻ ته شايد هن حڪومت ،انتظاميا جي ذهن ۾ ئي نه هجي ڇو ته جيڪا انتظاميا متاثر ڳوٺاڻن جي ٺهيل ماني ئي روڊن تي ڦٽي ڪري ڇڏي اها انهن ڳوٺاڻن جي بحالي لاءِ ڇا سوچيندي هوندي اهو سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي.
اسان سمجهون ٿا سنڌ حڪومت کي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ضلعي جي ذميوار عملدارن کان انهي بابت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته اهي مصيبت جي ماريل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ، کاڌ خوراڪ جو سامان پهچائڻ بدران اهڙيون مشڪريون ڇو ڪري رهيا آهن.؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *