تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

مسنگ پرسنس بابت عام سوال ۽ عوامي جواب

“توهان حڪومت تي قابض ٿي سگهو ٿا. توهان آئين ۾ تبديلي ڪري سگهو ٿا. توهان تنظيمن جي انهن شڪلين کي ختم ڪري سگهو ٿا، جن ۾ اُهي اڄ تائين ڪم ڪنديون رهيون آهن پر اوهان معروضي حالتن تي حاوي نه ٿا ٿي سگهو جيڪي خود اوهان جي افعالن جو تعين ڪري رهيون آهن.” اينتونيو گرامچي
رياست يا ڳجها ادارا پنهنجا ماڻهو ڇو کنڀي کڻي گم ٿا ڪن؟
“سن 1843ع دوران اُتر آفريڪا ۾ هڪ عرب، برطانوي سياح سان مخاطب ٿيندي کائنس پُڇيو ته “ توهان پنهنجي گهر کان ايترو ڏور وڃي ماڻهن کان سندن ديس ڇو کسيندا آهيو؟”…………. سنڌ جي فتح مهل، (برطانوي) سلطنت جي هڪ هٽي، مستقل ۽ ناقابلِ شڪست ڀاسندي هئي. تنهنڪري (مٿي ٻڌايل) عرب جي سوال جو سادو جواب اِهو ئي ٿي سگهي ٿو ته برطانيا سنڌ جهڙن ملڪن مٿان قبضو ان ڪري ڪيو ڇوته هو ائين ڪري پئي سگهيو.” (مهاڳ: “جاگيردارن جي طاقت ۽ بيٺڪيتي سنڌ جي ٻهراڙي جو قرض. ليکڪ ڊيوڊ چيزمين” )
رياست (ڳجها ادارا) به ماڻهو ان ڪري پيا کنڀي گم ٿا ڪن ڇاڪاڻ ته هو اِهوڪري سگهن ٿا.
سنڌ تي حملو انگريز اڳ به ڪري سگهيا پئي ۽ سنڌ جا سياسي ڪارڪن اڳ به کنڀي گم ڪري سگهيا پئي، تازي تيزي جو ڪو خاص ڪارڻ؟
سنڌ جي فتح جو انگريزن ۽ خاص طور نيپئر وٽ سبب هو. افغانستان ۾ ناڪامي ۽ سنڌ جي فتح سان سامراجين پنهنجي هڪ ناڪامي جو ازالو ڪرڻ گهريو پئي. ساڳي ريت ملڪ جي حڪمرانن کي آئين ۽ پنهنجي واعدن موجب عوام کي تعيلم، صحت، روزگار، پنهنجي وسيلن تي پنهنجو اختيار ڏيڻو هو، جنهن ۾ هو جڏهن ناڪام ٿين ٿا ته پوءِ ان جي ازالي طور اڀرندڙ تنقيدي آواز کي کڻي کنڀي گم ڪن ٿا.
عام تاثر اِهو آهي ته کنڀي گم ٿيلن ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو تنهن ڪري کنڀيا ٿا وڃن.
مُلڪ جو نظام ئي اهڙو آهي جو ملڪ جي وزيراعظم، سپهه سالار ۽ ڪاموري کان وٺي هڪ ڪائونسلر، سپاهي ۽ پٽيوالي تائين هر ڪنهن (ڪجهه مثال ڇڏي ڪري)ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو آهي پر قانون ڪمزورن کي ۽ نيب رُڳو مخالفن (سويلين) کي پڪڙيندو آهي. نيب درحقيقت وردي پوش حڪمرانن جو صرف سويلين کي سوڙهو ڪرڻ وارو هڪ سويلين ادارو آهي. اهڙي ريت پڪڙڻ وارو اُڪو ڪارو ڇو نه هُجي پر پُڇ ڪاري جو پُڇاڻو ۽ احتساب ڪري سگهي ٿو. ايئن ئي ملڪ کپائيندڙ، ان جي سرحدن ۽ آئين کي ٽوڙيندڙ وڏا غدار ننڍن قومن جي ننڍن سياسي ڪارڪنن کي دهشتگرد ۽ غدار چئي اهو الزام مڙهين ٿا ته انهن ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو. سو سچ اهو آهي ته دهشتگردي جي آڙ ۽ الزام هيٺ، ملڪ جا سمورا چور خان ۽ ادارا عام سياسي سماجي ڪارڪنن مٿان اهڙن الزامن هيٺ پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي کي لڪائين ٿا. سنڌ يونيورسٽي جو مثال سامهون آهي. جنهن ۾ صاف پاڻي گُهرڻ تان شاگردن مٿان دهشتگردي جو الزام لڳايو ويو. تازو قاضي احمد ۾ مسنگ پرسنس لاءِ ٿيل احتجاج ۾ شامل عام ماڻهن مٿان غداري ۽ دشتگردي جا قلم هنيا ويا. جتي نذير عباسي جهڙو سياسي ڪارڪن دهشتگرد ۽ احسان الله احسان کان وٺي حافظ سعيد اثاثو هجي ته پوءِ باقي سمجهائڻ لاءِ ڇا ٿو بچي.
ڇا مسنگ پرسنس منجهه “را“ ۽ “اين ڊي ايس (افغان رياستي ايجنسي)” جا ايجنٽ ناهن جيڪي ٻين ملڪن جي چُرچ تي، پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگردي ڪن ٿا ؟
جواب: ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا. پر اُهي آهن ته ملڪ جا شهري ئي نه. ڇا اُهي ٻي ملڪ جي ۽ را جي ظاهر ظهور ايجنٽ (ڪل ڀوشن) جيتري به قانوني سهائتا نه لهن؟ ٻيو ته ملڪ جا عسڪري توڙي سول حڪمران به آمريڪا، چين، ايران (1971ع) ۽ سعودي جا ايجنٽ ٿي پنهنجي ماڻهن خلاف دهشت جو رڻ ٻاريندا رهيا آهن. ٽيون اِهو ته عوام خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ دهشت جو سمورو سامان پهرين حڪمران گڏ ڪندا آهن، محڪومن جا ڪجهه حصا بعد ۾ ان کي استعمال ڪندا آهن، جيئن فرانس ۾ بادشاهه جو ڪنڌ ڪپيندڙ ڪات (گلوٽين) پهرين بادشاهه ئي عوام جو ڪنڌ لاهڻ لاءِ ٺهرايو هو. چوٿون اِهو ته آخر ملڪ جي معاشي ۽ سياسي ايڏي خراب حالت ڪنهن ڪئي آهي، جو خراب طالبان کي ڪجهه هزار پگهار تي تيار خودڪش بمبار ۽ ملڪ دُشمنن کي ٺلهي آسري يا هلڪي ڦُلڪي مدد تي سياسي همدرد مليو وڃن. جيڪڏهن ملڪ اندر احتساب ڪندڙن جو به احتساب ٿئي، عوام کي ان، اجهو، انصاف ۽ آزادي ميسر هُجي، قومن کي پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي قسمت تي مڪمل اختيار هجي، سرحدن تي امن هُجي ۽ اسانجا حڪمران پاڙيسري ملڪن ۾ هٿ چُراند نه ڪن، سڀ کا اهم ڳالهه ته واڳ ڌڻي، ٻين وڏين عالمي طاقتن جا ايجنٽ بڻجڻ بند ڪن ته ڪهڙي عام شهري کي کُٽي کڻندي ڪنهن ٻي مُلڪ جو ايجنٽ بڻجڻ جي. جيئن آمريڪي جاسوس ۽ تڏهوڪي ايجنٽ جان پرڪنس پنهنجي ڪتاب (Confessions of an Economic Hit Man (2004)) ۾ لکيو هو ته “ مان ڪنهن به اهڙي ماڻهو سان نه مليس، جنهن وٽ دهشتگرد ٿيڻ جو مقصد هو. اُهي سڀ مايوس ماڻهو هُئا.”
ائين ته دهشت گردي ۽ ڪريڪر ڌماڪا ڪري، ذميواريون قبول ڪرڻ وارن جو به بچاءُ (جسٽيفاءِ) ٿو ٿئي؟
نه. ايئن ڪونهي. توڻي جو هڪ انقلابي سياست قانوني توڙي غير قانوني ٻنهي طريقن جي هيڪڙائي هوندي آهي پر اسان ڏٺو آهي ته پُرامن مزاحمتي سياست کي تشدد ڏانهن ڌڪڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار رياست جو ئي هوندو آهي. اسان رياستي توڙي سماجي دهشتگردي جي هر عمل جي خلاف آهيون. تنهن هوندي به جنهن تي به ان قسم جو الزام آهي تنهن کي پڻ ملڪ جي قانون ۽ ڪٽهڙي ۾ آڻي مٿس الزام ثابت ڪري ڀلي کيس سزا ڏني وڃي پر پنهنجن ئي پگهاردارن ذريعي ڪرايل ڪارواين بهاني ۽ سنڌ جي عام سياسي سماجي پُرامن سياست کي کنڀي گم ڪرڻ هر لحاظ کان قوم، عوام ۽ آئين دشمن عمل آهي.
پوءِ آخر ٿيندو ڇا؟
پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو هڪ عالمي رجحان جو ئي هڪ نمونو آهي. ڪورونا وبا کانپوءِ عالمي سياسي معاشي بحران ايترو وڏو ٿيو آهي جو آمريڪا، هندستان ۽ پاڪستان جون رياستون ويتر آمريتي بڻجي پنهنجي عوام ۽ سماج جي رهيل وسيلن تي هٿ ڦيري رهيون آهن. چين ۽ روس جي قيادتن ۽ پاليسين جو ڪنهن قدر مستقل ٿيڻ سان گڏ اسان وٽ به آرمي چيف جي ايڪسٽينشن به ان ساڳي عمل جو حصو آهي. ان جو هاڪاري پاسو اِهو آهي ته صرف اسان سنڌ جو نه پر دنيا جو عوام هاڻ پاسو ورائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وچ اوڀر ۽ خاص طور لبنان اندر مزاحمت هڪ ننڍو مثال آهي جيڪا نظام جي تبديلي جو شرط رکي حڪمرانن جي استعيفيٰ تي به راضي نه ٿي ٿئي. جبري گمشدگين جي حوالي سان جيڪڏهن پاڪستان تي نظر وجهون ته اڃا تائين حڪمرانن پاران ڌار ڪري ڌڪ هڻڻ ۽ نفرت جي سياست جا اڃا به اثر هلندڙ آهن. مثال طور قومپرست سياست جو سڀ کان وڏو الميو به اهو آهي ته بلوچ، پختون ۽ سنڌي قومپرست هڪ ئي وقت عتاب هيٺ آهن. سوشل ميڊيا (فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر) مسنگ پرسنسن جي مامري تي، اڳ جي عليحده ۽ ڌار سچ کي هڪ سچ بڻائي سڀ جي سامهون آڻي رهي آهي. پي ٽي ايم کوڙ سارن حوالن سان ان سوال تي هڪ زبردست تحريڪ آهي پر سنڌ جي سڀاڻ جي امڪاني تحريڪ گهڻو ڪجهه بدلائي سگهي ٿي. رياست ۽ ڳجهن ادارن جي ڪوشش اها آهي ته سنڌ جي نوجوان جي بي چيني کي پڻ پُرتشدد دڳ ڏانهن وٺي وڃي پر سنڌ، نه ته بلوچستان آهي ۽ نه وري پختونخوا. سنڌ جي پرامن عوامي جدوجهد (قومي، طبقاتي ۽ جمهوري) جي تاريخ ايتري وڏي ۽ پيچيده آهي جو اها ڪنهن به اهڙي ٽڪساٽ جي ور ناهي چڙهڻي. سنڌ جي اهڙي سياست رياست ۽ نظام کي اڳي به ڏکيو وقت ڏيندي رهي آهي ۽ هاڻ به ڏيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *