تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

مخالف ڌر وري به منجهيل

آل پارٽيز ڪانفرنس ته 20 سيپٽمبر تي ٿيڻي آهي پر اهڙي اي پي سي کان اڳ حڪومت ۽ مخالف ڌر جو دنگل پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ته, سينيٽ ۾ مخالف ڌر ڪاميابي حاصل ڪندي رهي آهي. هينئر وارو دنگل ايف اي ٽي ايف جي بلن جي منظوري جي صورت ۾ سامهون آيو آهي جن بلن جي منظوري لاءِ حڪومتي ۽ مخالف ڌر وارن گڏجي ڪم به ڪيو ترميمون به حاصل ڪيون ويون پر حڪومتي ميمبرن ٻاهر اچي چيو ته مخالف ڌر وارا نيب معاملي تي اين آر او گهري رهيا آهن. هينئر به پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان نڪرندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ساڳيون ترميمون جيڪي مخالف ڌر طرفان پيش ڪيون ويون اهي شامل ڪري بل کي پاس ڪرايو ويو ته پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ايئن ڇو نه ڪيو ويو. عمران خان بار بار چوي ٿو ته احتساب جو عمل هر صورت جاري رهندو جڏهن ته مخالف ڌر سان به ساڳيو مسئلو رهيو آهي ته هڪ طرف حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف بلن تي ڳالهيون به هلن پيون تنهن ڪري گڊ ڪاپ بيڊ ڪاپ واري صورتحال به ٻنهي طرفن کان جاري رهي آهي پر تنهن هوندي به ٻنهي طرفن کان ايف اي ٽي ايف جي معاملي کي قومي معاملو قرار ڏئي گڏ ويهڻ جا جواز به تلاش ڪيا ويا تنهن ڪري جيڪي مني لانڊرنگ وارا بل قومي اسيمبلي پاس ڪري پئي ساڳيا بل سينيٽ رد ڪري ڇڏي پئي.
سينيٽ اندر جڏهن ساڳيا بل آيا هئا تڏهن به اهي سوال اٿيا هئا بل منظور ڇو نه ٿيو، ڇو ته سينيٽ اجلاس دوران پهريون سوال ميان رضا رباني قانوني نقطي وارو اٿاريو ته جيڪو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ ۾ اچي ته سينيٽ جي چيئرمين کي گهڻن ڏينهن اندر سينيٽ اندر پيش ڪرڻ گهرجي. ميان رضا رباني جي خيال ۾ سينيٽ جي ڪارروائي وارو عمل قانوني نه پيو هلي جڏهن ته بابر اعواڻ ۽ فروغ نسيم جي تقررين تي مخالف ڌر حڪومت ڏانهن هٿ وڌائيندي نظر آئي پر پي پي پي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر بابر اعواڻ کي پنهنجو سينيئر قرار ڏيندي چيو ته توهان اسان جي ساٿ جي ڳالهه کي تسليم ڪيو ٿا پر سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم هينئر اسان جي قيادت جي خلاف ڳالهائي آيو آهي تنهن ڪري اهو طئي ڪريو ته اسان جي ساٿ جي ضرورت آهي يا نه آهي، جڏهن ته سينيٽ اندر قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم جي اهڙي جملي ته“ منهنجي مني لانڊرنگ جي جملي تي مخالف ڌر کي ڪاوڙ ڇو ٿي لڳي” کانپوءِ معاملو مفاهمت کان تڪرار تائين وڃي پهتو. ن ليگ سينيٽر راجا ظفرالاحق چيئرمين سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر شهزاد وسيم پنهنجا لفظ واپس وٺي ته معاملو اڳتي وڌي سگهي ٿو پر صورتحال اهڙي جڙي نه سگهي. ظاهر آهي ته مخالف ڌر وٽ اهو موقف هيو ته اسان ملڪي مفاد ۾ گڏ آهيون پر حڪومتي رويي تي شديد اختلاف رهيو آهي انهيءَ ڪري جيڪا ڪاميابي حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ ملي پئي سگهي ساڳئي مسئلي تي سينيٽ ۾ مخالف ڌر سوڀاري ٿي رهي هئي، اهڙي صورتحال کانپوءِ معاملو اچي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس تائين پهتو، ساڳيا بل منظور ٿي ويا حڪومت به پنهنجي موقف ۾ ڪامياب وئي ته مخالف ڌر به پنهنجي بيانيي کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي. پر هنن بلن جي منظوري کانسواءِ ڪيترائي معاملا هڪ ڀيرو ٻيهر مرڪزي نقطي طور سامهون آيا آهن،
مثال طور ساڳيو قانوني نقطو ميان رضا رباني اٿاريو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ هڪ ايڊوائيزر بل ڪيئن ٿو پيش ڪري سگهي. ميان رضا رباني بابر اعواڻ ۽ فروغ نسيم وچ ۾ قانون جي اها جنگ به پارليامينٽ اندر جاري رهي فروغ نسيم تسليم ڪيو ته ايڊوائزر بل پيش ڪري سگهي ٿو پر ووٽ نه ٿو ڏئي سگهي. تحريڪ پيش ٿيڻ کانپوءِ زباني طريقي سان تحريڪ جي حق يا مخالفت ۾ ووٽ ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر چيو ته ڳڻپ ڪرائي وڃي ڳڻپ جي طريقيڪار تي به احتجاج ٿيو جڏهن اهو سوال ڪنهن به نه ڪيو ته بابر اعواڻ کي ڳڻيو ويو يا نه، فروغ نسيم مطابق ايڊوائيزر ووٽ نه ٿو ڏئي سگهي پر هو به ته حڪومتي ميمبرن سان گڏ بيٺل هو، اهو سوال به بحث هيٺ آيو ته بل تي بحث ڪرائڻ بجاءِ بل جي منظوري ڪيئن شروع ڪئي وئي آهي جيئن ئي بلاول ڀٽو کي اسپيڪر ڳالهائڻ لاءِ چيو ته شاهه محمود قريشي اعتراض واريندي چيو ته جنهن جي ترميم ئي بل ۾ شامل ناهي اهو ڪيئن ڳالهائي سگهي ٿو.
شاهه محمود قريشي جي اعتراض تي بلاول ڀٽو کي اسپيڪر ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو. سمجهه ۾ نه آيو ته اسپيڪر آئين جي مطابق فلور هلائي رهيو هو يا شاهه محمود قريشي جي اعتراض تي هلائي رهيو هو. اسيمبلي جي قانون ۾ اهو شامل آهي ته جڏهن به مخالف ڌر جو اڳواڻ ڳالهائڻ چاهي ته اهو ڳالهائي سگهي ٿو پر شهباز شريف کي به ڳالهائڻ جو آئيني حق نه ڏنو ويو، ايتري قدر جو جنهن سينيٽر مشتاق احمد جون ترميمون بل ۾ شامل هيون سو به فلور تي واڪا ڪندي نظر آيو. بلاول ڀٽو پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سواءِ عدم اعتماد جي تحريڪ جي اسپيڪر خلاف ٻيو ڪوبه حل ناهي. هن صورتحال ۾ مخالف ڌر تي دٻاءُ واري صورتحال به برقرار رهي هڪ طرف مولانا فضل الرحمان جي پارٽي استعيفائن جي ڳالهه ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف بلاول ڀٽو به عدم اعتماد جي تحريڪ جو ذڪر ڪيو . هن سڄي صورتحال ۾ مخالف ڌر جي ايجنڊا تي گڏيل پارليامينٽ اندر حڪومت کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻ جو معاملو نظر نه پئي آيو ڇو جو ايف اي ٽي ايف جي بلن جو معاملو ملڪي مفاد سان جڙيل هو جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري کان وٺي مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ مولانا عطاءُ الرحمان تائين غير حاضر نه هجن ها. هڪڙن ٻڌايو پئي ته ن ليگ جا 11 ميمبر غير حاضر هئا ته خورشيد شاهه جي گرفتاري جو به ذڪر نڪتو. اسحاق ڊار جي ميمبر شپ معطل هجڻ جو حوالو به سامهون آيو ته سينيٽر چوڌري تنوير جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو سوال به هو. صحافين ۾ اهي سوال هئا ته 31 مخالف ڌر جا ميمبر غير حاضر آهن. جڏهن ته مير حاصل بزنجو جي وفات جي ڪري مخالف ڌر جو نه رڳو هڪڙو ووٽ گهٽ ٿيو پر سندس جاءِ تي آيل خالد بزنجو حڪومت جي پاسي تي رهيو، ساڳئي وقت سينيٽر طاهر بزنجو پنهنجي ڀاءُ جي وفات جي ڪري موجود نه هو تنهن باوجود به خواجه آصف چواڻي ته اڪثريت مخالف ڌر جي هئي ٻيهر ڳڻپ ڇو نه ڪرائي وئي.
هن سڄي صورتحال ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر پنهنجي پوري طاقت لڳائي ها ته حڪومت کي بري شڪست اچي وڃي ها ڇو جو حڪومت جي پاسي 2 سئو ۽ مخالف ڌر جي پاسي 190 ووٽ آيا آهن. فرق صرف 10 ووٽن جو آيو آهي. هاڻي اهو اندازو لڳايو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري کان ويندي مولانا عطاءُ الرحمان تائين سڀ اچن ها ته حڪومت جي آئيني صورتحال ڇا هجي ها جڏهن شهباز شريف سندس پارٽي جي غير حاضر ميمبرن جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته شهباز شريف وراڻيو اهو پڇاڻو ڪريون ٿا پر حقيقت اها آهي ته عمران خان جي حڪومت آڏو اهو سوال به پيدا ٿي چڪو هوندو ته آخر ڪيستائين ايڊوائزرن جي ووٽن جي سهاري هلبو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *