تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

مخالف ڌر مقصد ماڻڻ لاءِواضح پوزيشن وٺندي؟

مخالف ڌر جي پارٽين جي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حڪومتي اتحاد جي مقابلي ۾ واضح اڪثريت هجڻ باوجود بلن جي منظوري کي روڪرائڻ ۾ مخالف ڌر کي مليل ناڪامي تي ماڻهو حيراني جو اظهار ڪري رهيا هئا ته تڏهن ئي محلاتي سازشن واري شهر طور مشهور اسلام آباد ۾ اهي سرگوشيون شروع ٿي ويون هيون ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کان اڳ رات جو پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽين سوڌو مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جا پارلياماني ليڊر آرمي چيف وٽ وڃي ان سان ملاقات ڪري آيا آهن، ماڻهو ان ملاقات جو حوالو ڏئي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي پارٽين کي مليل شڪست کي طئي ٿيل مامرو قرار ڏيڻ وارو ايئن ئي بحث ڪري رهيا هئا جيئن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ سينيٽ ۾ واضح اڪثريت هجڻ باوجود شڪست کائڻ کان پوءِ مخالف ڌر لاءِ ماڻهو چئي رهيا هئا ته ايتري اڪثريت هجڻ باوجود مخالف ڌر کي شڪست پارٽي قيادت جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ڪيئن ممڪن آهي؟
خير گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي شڪست ۽ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کان اڳ آرمي چيف سان مخالف ڌر جي پارلياماني ليڊرن جي ملاقات سرگوشين تائين محدود رهي، ڪنهن به ميڊيا جي ملڪي توڙي غير ملڪي اداري ان ملاقات جي تفصيلن کي سامهون نه آندو، ايئن لڳ ڀڳ 5 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ مخالف ڌر جي پارٽين جي اسلام آباد ۾ اي پي سي ٿي جنهن ۾ گهڻي وقت کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف زبان خاموشي ٽوڙيندي پنهنجي زندگي جي اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت ترين تقرير ڪئي، لڳ ڀڳ 50 منٽن جي ميان نواز شريف جي خطاب تي ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر ماڻهو سوشل ميڊيا تي به بحث ڪري رهيا هئا ۽ اسٽيبلشمينٽ سخت تنقيد هيٺ اچي رهي هئي، نه رڳو ايترو پر مخالف ڌر جي پارٽين پاران متفق طور تي منظور ڪيل 26 نڪاتي قرارداد جي ڪيترن ئي نڪتن تي به بحث جاري هيو، جن مان خاص طور تي مخالف ڌر جي پارٽين جو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي نالي سان اتحاد قائم ڪرڻ، ميثاق جمهوريت جي طرز تي مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي به شامل آهي پر ان کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ وڌندڙ عمل دخل تي مخالف ڌر جي پارٽين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي ملڪ جي سلامتي ۽ قومي ادارن لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ هر قسم جي مداخلت فوري طور تي بند ڪري، اسٽيبلشمينٽ جا تمام ادارا آئين تحت ورتل حلف ۽ آئين ۾ طئي ڪيل حدن جي پابندي ۽ پاسداري ڪندي سياست ۾ مداخلت کان پاسو ڪن. اسٽيبلشمينٽ لاءِ 26 نڪاتي قرارداد ۾ اهو نڪتو ٻئي نمبر تي رکيو ويو هو ۽ ٽئين نمبر تي اهو مطالبو ڪيو ويو ته صاف، شفاف ، آزاد ۽ غير جانبدار چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙا فوري چونڊ سڌارا ڪيا وڃن، جنهن ۾ فوج ۽ ايجنسين جو ڪو عمل دخل نه هجي، نه رڳو ايترو پر چوڏهين نمبر تي ڪيل مطالبي ۾ به گلگت بلتستان ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ايجنسين جي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ 19هين نمبر تي وزيراعظم جي خصوصي معاون جنرل (ر) عاصم سليم باجوا جي ملڪيتن بابت آيل تفصيلن جي جاچ ڪرائڻ ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ان کي عهدي تان برطرف ڪرڻ جو به مطالبو ڪندي 20هين نمبر تي پاڪستاني شهرين کي مسنگ پرسن بڻائڻ جو سلسلو بند ڪرڻ ۽ اڳ مسنگ پرسن بڻيل ماڻهن کي قانون مطابق عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ منظور ٿيل مٿيان مطالبا ڏسجي ته سڌي ريت نالو وٺي اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي سامهون آڻڻ لاءِ ڪيا ويا هئا، مٿان ميان نواز شريف جي ڊگهي تقرير جو سڄو محور به اسٽيبلشمينٽ کي ئي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هو، نه رڳو ايترو پر ميان نواز شريف ان حد تائين به کلي ڳالهايو ته ملڪ اندر جيڪڏهن ڪا جمهوري حڪومت اچي به وڃي ٿي ته ان جي متوازي هڪ ٻي حڪومت قائم ٿي وڃي ٿي، جمهوري حڪومت کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، هاڻي رياست اندر رياست وارو مامرو وڌي رياست کان مٿانهين رياست تائين پهچي ويو آهي، ميان نواز شريف اهو به واضح ڪيو ته اسان جي تحريڪ عمران خان خلاف ناهي پر ان کي آڻيندڙن خلاف آهي. هي سموريون ڳالهيون ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي جي گڏيل قرارداد کان وٺي ميان نواز شريف ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن جي تقريرن تائين اسٽيبلشمينٽ کي سخت تنقيد جو حدف بڻايو ويو ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ پارلياماني ليڊرن جي آرمي چيف سان ٿيل ملاقات واري خبر وفاقي وزير شيخ رشيد ميڊيا تي آڻي ڇڏي.
شيخ رشيد جنهن کي طاقتور ڌرين جو خودساخته ترجمان سمجهيو وڃي ٿو ان پاران مخالف ڌر جي اڳواڻن جي اي پي سي کان پهريان آرمي چيف سان ملاقات جي خبر عوام سامهون آڻڻ جو مقصد اهو هو ته مخالف ڌر ظاهري طور تي جنهن اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت تقريرون ۽ مطالبا ڪري رهي آهي اها مخالف ڌر اصل ۾ هڪ فون ڪال جو شڪار آهي. ظاهر آهي ته پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين جي پارلياماني ليڊرن سميت مخالف ڌر جي پارلياماني ليڊرن به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان جو پٽ مولانا اسعد محمود ۽ ٻيا مخالف ڌر جا پارلياماني ليڊر موجود ٻڌايا ويا، ڇو ته اها ملاقات ٿيڻ حقيقت هئي. ظاهر آهي ته مخالف ڌر جي ڪنهن به پارٽي لاءِ ان ملاقات کان انڪار ڪرڻ ممڪن نه هو، ندامت سان ئي سهي پر مخالف ڌر جي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ ٻين ان ملاقات ٿيڻ جي تصديق ڪئي، سوال هي آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي پارٽين جي ملاقات آرمي چيف سان ٿي هئي ته ان ڏينهن ئي پاڪ فوج جي ترجمان ان ملاقات جي خبر عوام لاءِ جاري ڇو نه ڪئي، ان کان به وڏو ۽ اهم سوال هي آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي دل ۾ ڪو چور نه هو ته انهن ان ملاقات جي خبر ميڊيا کان ڳجهي ڇو رکي؟
بلاول ڀٽو زرداري اي پي سي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته سياسي مامرن ۾ فوج سان آئيني طور تي نه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون نه ڪرڻ گهرجن، پر سوال هي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري اهي ڳالهيون 4 کان 5 ڏينهن اڳ آرمي چيف سان ملاقات ڪرڻ باوجود ڇو ڪيون؟ مخالف ڌر پاران آرمي چيف سان ٿيل ملاقات جو جيڪو مقصد ٻڌايو پيو وڃي اهو گلگت بلتستان جي صورتحال ٻڌائي پئي وڃي، ظاهر آهي ته هن وقت گلگت بلتستان ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ اهو سڌو سنئون سياسي مامرو بڻجي ٿو، ظاهر آهي ته ملاقات ڪرڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهيون ڪرڻ قول ۽ فعل ۾ تضاد جي واضح نشاندهي آهي، مخالف ڌر جي پارٽين کي ان ئي قول ۽ فعل جي تضاد ئي هن وقت تائين وڌ ۾ وڌ نقصان پهچايو آهي. اسان جي ملڪي سياسي تاريخ ۾ لڳ ڀڳ هر پارٽي اها شڪايت ڪندي رهي آهي ته ملڪ ۾ صاف شفاف اليڪشن نه ٿي ٿئي ۽ ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي ان ۾ به اسٽيبلشمينٽ جو عمل دخل رهندو پيو اچي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ پارٽين ۾ موجوده حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان به شامل آهي جنهن جا بيان موجود آهن ته ميان نواز شريف ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن جا به اسٽيبلشمينٽ خلاف بيان موجود آهن، پر ان سمورين پارٽين تي اسٽيبلشمينٽ سان مامرا طئي ڪرڻ جا به الزام لڳندا رهيا آهن. اسان وٽ ٿيندو ايئن رهيو آهي ته جيڪا پارٽي حڪومت ۾ ايندي آهي اها ماضي ۾ ڀلي اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪيترا به وڏا بيان ڇو نه ڏيندي هجي اها حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کان سئو سيڪڙو مطمئن ٿيڻ جو تاثر ڏيندي انهن جو دفاع ڪندي آهي ۽ حڪومت مان وڃڻ کان فوري بعد ئي ساڳيا پراڻا اسٽيبلشمينٽ خلاف بيان جاري ٿيندا رهيا آهن، سياسي پارٽين جو اهو ٻٽو معيار لڳ ڀڳ تاريخ جي هر دور ۾ نظر ايندو جيڪو هن ڀيري اسٽيبلشمينٽ تي ٿيل تنقيد کي بي اثر ڪرڻ لاءِ شيخ رشيد فوري طور سامهون آندو آهي، جنهن مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ ٿيل وڏن فيصلن ۽ وڏين تقريرن کي بي اثر ڪرڻ ۽ مخالف ڌر کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مخالف ڌر جيڪا حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي اها آڪٽوبر کان ملڪ اندر ڪيئن ريلين کي ڪامياب بڻائي ٿي ۽ ڊسمبر ۾ ملڪ اندر احتجاج ڪيترا موثر ٿين ٿا ۽ جنوري ۾ اسلام آباد طرف فيصلا ڪن مارچ ڪيترو اثرائتو ٿي سگهي ٿو، حڪومت مخالف تحريڪ جي ڪاميابي ناڪامي مخالف ڌر جي هٿن ۾ آهي، جيڪڏهن ڪن ڌرين وٽ پاڻ وڻائڻ جي ڊوڙ ڇڏي سچائي سان جنهن مقصد جو اي پي سي ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ان تي سموريون پارٽيون اٽل رهن ٿيون ته هن حڪومت لاءِ مشڪل وقت ۽ پريشانيون يقينن شروع ٿي وينديون، نه رڳو ايترو پر جيڪڏهن مخالف ڌر واقعي عمران خان جي حڪومت جو خاتمو چاهي ٿي ته اهو به مخالف ڌر جي فيصلي تي ٻڌل آهي، مخالف ڌر واقعي قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ان صورت ۾ عمران خان جي وفاق ۾ موجود حڪومت توڙي صوبن ۾ موجود حڪومتون برقرار رکڻ مشڪل ان ڪري ٿي ويندو جو قومي اسيمبلي جي 342 سيٽن مان ڪجهه انگ گهٽ لڳ ڀڳ اڌ ايوان خالي ٿي ويندو،
ايئن پنجاب اسيمبلي جو به اڌ ايوان استعيفائن جي صورت ۾ خالي ٿي ويندو، نه رڳو ايترو پر سنڌ ۾ جتي پيپلز پارٽي کي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت آهي ان جو مطلب سنڌ اسيمبلي جون اڌ کان وڌيڪ سيٽون خالي ٿي وينديون، ايئن بلوچستان ۾ مخالف ڌر جا وڏي تعداد ۾ ميمبر موجود آهن، ايئن بلوچستان جي اسيمبلي به خالي خالي محسوس ٿيندي، جڏهن ايوان اڻ مڪمل هوندا ته صوبن جون حڪومتون يا وفاق جي حڪومت اخلاقي طور تي ته ممڪن نه ٿيندو پر قانوني طور تي به وڏا سوال پيدا ٿي ويندا ۽ اهو ئي رستو مخالف ڌر وٽ اهڙو آهي جنهن کي اختيار ڪري مخالف ڌر مڊ ٽرم چونڊون ڪرائي سگهي ٿي ۽ ايندڙ سال مارچ ۾ جيڪي سينيٽ جون چونڊون آهن اهي به ايئن رولڙي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ اليڪٽرول صوبائي اسيمبليون آهن، جڏهن اهي مڪمل نه هونديون ته سينيٽ اليڪشن ٿيڻ تي به قانوني سوال ٿيندا ۽ ايئن مارچ 2021ع ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪا عمران خان جي سينيٽ ۾ عددي برتري ٿيڻي آهي اها ٿيڻ کان به رڪجي ويندي، پر اهو سڀ تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن مخالف ڌر ظاهري طور تي هڪ چهرو ۽ اندروني طور تي ٻيو روپ اختيار ڪرڻ واري روش ڇڏي پنهنجي مقصدن لاءِ سڌي ٿي بيهندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *