تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

مخالف ڌر مائنس فارمولي تي ورهايل

صورتحال اتي اچي پهتي آهي جو ان هائوس تبديلي اچڻ گهرجي، نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن يا عمران خان جو متبادل سندس پارٽي مان هجي يا مخالف ڌر قومي حڪومت جهڙي روپ ۾ هڪ نئين وزيراعظم جي نالي جي چونڊ ۾ سهڪار ڪري، مطلب ته معاملو وڃي متبادل جي ڳولا تي اچي پهتو آهي، شبلي فراز جهڙا حڪومت جا ترجمان اهو چون ٿا ته پي ٽي آءِ عمران خان سان آهي ۽ عمران خان پي ٽي آءِ سان آهي، عمران خان کان علاوه سندن پارٽي اندر ڪو به وزيراعظم نه ٿيندو ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو.
هي اها ئي پارٽي آهي جنهن جو سربراهه عمران خان هميشه اها ڳالهه ڪندو رهيو آهي ته ادارن کي قائم ڪجي ادارا مضبوط هوندا ته قيادت پاڻ ئي اڀري ايندي. تحريڪ انصاف جو مثال ڏيندي عمران خان پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته تحريڪ انصاف جي سياست جي نتيجي ۾ مراد سعيد جهڙا اڳواڻ پيدا ٿيندا آهن، مطلب ته ادارا جڏهن مضبوط هوندا آهن تڏهن ڪنهن هڪ شخص جي بنياد تي هلڻ بجاءِ پنهنجي نظام جي مضبوطي جي بنياد تي هلندا آهن. پر اڄ سندس پارٽي جي ترجمانن کي اهڙيون وضاحتون ڪرڻيون پون ٿيون ته عمران خان ئي سڀ ڪجهه آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙي سڄي صورتحال عمران خان جي پنهنجي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل خطاب جي نتيجي ۾ پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان پاڻ مائنس ون فارمولا جو ذڪر ڪري ويٺو، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مان هليو به وڃان ته منهنجي پارٽي مان ڪو ٻيو به ايندو تڏهن به احتساب جو عمل جاري رهندو. هاڻي هڪ پاسي وزيراعظم عمران خان پاڻ چوي ٿو ته منهنجي پارٽي مان ڪو ٻيو به ايندو ته احتساب جو عمل جاري رهندو، پر سندس ترجمان چون ٿا ته تحريڪ انصاف مان ٻيو ڪو به عمران خان جي جڳهه تي وزيراعظم جو اميدوار آهي نه ئي ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف مخالف ڌر جي صورتحال اهڙي آهي جو اهي عمران خان جي مائنس ٿيڻ واري ڳالهه تي حيران ۽ پريشان آهن ته مخالف ڌر جي مطالبي جي بجاءِ حڪومت جو اڳواڻ وزيراعظم پاڻ مائنس ون جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر اهڙي ڳالهه کي تسليم نٿي ڪري. مخالف ڌر جو پهرين ڏينهن کان اهو نظريو رهيو آهي ته وزيراعظم کي 5 سال پورا ڪرڻ گهرجن ته جيئن جمهوريت جو نطام هن ملڪ ۾ مضبوط ٿئي، انهي ڪري ڪيترن ئي مرحلن تي مائنس ون واري فارمولي تي مخالف ڌر گڏجي هڪ جڳهه تي ويهڻ واري معاملي تي به اتفاق ناهي ڪيو.
مولانا فضل الرحمان جي ڪنٽينر تي به مخالف ڌر مڪمل طور تي متحرڪ ڪردار ۾ نظر اچڻ بجاءِ رڳو تصويري نمائش جي صورت ۾ ڪنٽينر تي نظر آئي، انهي ڪري مخالف ڌر جي اندر عمران خان کي هٽائڻ بجاءِ هميشه اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن ته عمران خان پنج سال پورا ڪري ته جيئن نظر اچي وڃي ته تحريڪ انصاف ڇا ڪري سگهي. مخالف ڌر عمران خان کي چونڊيل وزيراعظم تسليم ڪرڻ جي بجاءِ سليڪٽرن جي پيداوار سمجهندي رهي آهي، انهي ڪري مخالف ڌر جي ذهن ۾ عمران خان نه پر اهي سليڪٽر آهن جن کي مخالف ڌر ٻڌائڻ چاهي ٿي ته اصلي قيادت کي هٽائي پنهنجي سليڪشن ڪرڻ جا نتيجا ڇا ٿي سگهن ٿا، انهي ڪري آصف زرداري جڏهن به اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو آهي، تڏهن سندس چوڻ هوندو آهي ته عمران خان کي اسان نه ڪيرائينداسين پر هو پاڻ ئي ڪري پوندو.
هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ وڃي پئي پر ڪانفرنس کان اڳ وزيراعظم جي مائنس ون فارمولا تي اتفاق ڪندي نظر اچڻ بجاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف نظر اچي ٿي، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته مولانا فضل الرحمان جي آل پارٽيز ڪانفرنس هجي يا هاڻي پيپلز پارٽي پاران ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس، ٻنهي صورتن ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ وارين ڳالهين بجاءِ سينيٽ جي چيئرمين يا وري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ئي نشانو ڇو ٿو بڻايو وڃي. اهو ذڪر به ڪندو هلجي ته انهي کان اڳ گذريل بجيٽ ۾ بلاول ڀٽو اهڙي ڪوشش ورتي ته عمران سرڪار کي بجيٽ پاس ڪرڻ نه ڏجي ته جيئن سڄي دنيا کي خبر پئجي وڃي ته قومي اسيمبلي ۾ عمران سرڪار جي ڪيتري اڪثريت آهي، هينئر واري پاس ٿيل بجيٽ عمران خان کي پنهنجي انگ ۾ وائکو ڪري چڪي آهي. وفاقي حڪومت مٺايون ورهائيندي نظر اچي ٿي ته انهن اهڙي ڏکئي وقت ۾ بجيٽ پاس ڪرائي ڇڏي پر ٻئي پاسي مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته عمران خان سمورين ڪوششن جي باوجود رڳو 160 ميمبر قومي اسيمبلي ۾ آڻي سگهيو، جنهن جو مقصد آهي ته عمران خان پنهنجي حڪومت عملي طور تي وڃائي چڪو آهي، اهڙي ماحول اندر مخالف ڌر آل پارٽيز ڪانفرنس کي شهباز شريف جي صحت سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته جڏهن شهباز شريف صحتمند ٿي ڪورونا کي شڪست ڏئي واپس اسيمبلي ايندو تڏهن مخالف ڌر آل پارٽيز ڪانفرنس جو اعلان ڪندي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ايندڙ هفتي نه رڳو طلب ٿيندي نظر ايندي پر شهباز شريف جي صورت ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ به مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس جو بلاول ڀٽو سان گڏ مرڪزي ڪردار هوندو، جڏهن ته ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان جون مختلف شهرن اندر ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنسن جو سلسلو به جاري آهي، جنهن جو مرڪزي نقطو عمران خان کي هٽائڻ رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو شهباز شريف واري گڏيل مخالف ڌر واري آل پارٽيز ڪانفرنس هينئر ڇا ان نقطي تي اتفاق ڪندي ته معاملي کي سينيٽ جي چيئرمين يا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هٽائڻ بجاءِ سڌو عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ تي اتفاق ڪجي. اهي معاملا ته مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنسن جي نتيجي ۾ سامهون ايندا پر في الحال ملڪ جي سياسي منظر جي حالت اها آهي جو وزيراعظم کان ويندي هوا بازي جي وفاقي وزير تائين جي پريس ڪانفرنسن ۽ خطابن جي نتيجي ۾ حڪومت مڪمل طور تي پاڻ هڪ بحران جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي، رڳو معاملو عمران خان جي پنهنجي مائنس ٿيڻ جو نه آهي پر غلام سرور خان جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ دنيا اندر جيڪا پي آءِ اي جي پائليٽس سان صورتحال پيش اچي رهي آهي، يورپ اندر قومي ايئر لائين کي ڇهن مهينن لاءِ بند ڪيو ويو آهي، انهي تي ئي حڪومت جا ترجمان مسلسل پريس ڪانفرنس ڪري صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر باوجود اهڙي ڪوشش جي حڪومت جا ترجمان ڪامياب ٿيندي نظر نه پيا اچن. گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ۾ شبلي فراز ٻاهرين دنيا کي مخاطب ٿيڻ جي لاءِ رڳو پي آءِ اي واري اشو تي انگريزي ۾ لکيل پيغام پڙهي ٻڌايو. شبلي فراز، شهزاد اڪبر ۽ علي زيدي جهڙا وفاقي وزير ۽ ترجمان جڏهن پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا تڏهن هڪ صحافي کانئن سوال ڪيو ته اوهان پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو اهي سڀ ڳالهيون ته وفاقي وزير غلام سرور خان ڪري چڪو آهي، توهان جي ڳالهه ۾ ڪا نئين ڳالهه ته ناهي، جنهن تي شهزاد اڪبر صحافي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي شڪايت جائز آهي جيڪڏهن اسان جي پريس ڪانفرنس ۾ مزو ناهي ته اوهان صحيح آهيو، سوال اهو آهي ته جنهن کي حڪومت ڪارڪردگي سڏي رهي آهي مخالف ڌر جي نظر ۾ حڪومت پاڻ اهڙي ڪارڪردگي جي ڌٻڻ ۾ پاڻ ئي ڦاسي رهي آهي، شگر ڪميشن واري رپورٽ هجي جنهن جي نتيجي ۾ کنڊ 70 روپيا في ڪلو ڇو نه ٿي کان وٺي جهانگير ترين ملڪ کان ٻاهر ڪيئن هليو ويو جهڙن سوالن ۾ حڪومت ڦاٿل نظر اچي ٿي ته ٻئي پاسي مخالف ڌر جي انهي سوال کان حڪومت هينئر تائين آجي ناهي ٿي سگهي ته ڪراچي ۾ جهاز ڪرڻ جي نتيجي ۾ حڪومت پنهنجي ذميواري قبول ڪندي وفاقي وزير کان استعيفيٰ وٺڻ بجاءِ معاملي کي پائليٽ کي ذميوار قرار ڏيڻ کان وٺي گذريل حڪومت جي ڀرتين جي نتيجي ۾ جعلي ڊگرين وارا پائليٽ وارو بيان ڏئي پاڻ ئي ڏچي ۾ اچي چڪي آهي. گذريل ڏينهن واري خطاب ۾ عمران خان پنهنجي پارٽي کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو هو ته پنهنجي نظريي تي قائم رهو ته ٻئي پاسي عمران خان جون يوٽرن واريون ڳالهيون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون هيون، ٻيو ته ٺهيو پر مخالف ڌر سان گڏجي بجيٽ پاس ڪرائڻ کان ويندي ٻين معاملن تائين رابطا وڌائڻ بجاءِ وفاقي حڪومت جا وزير شهباز شريف واري سيٽ تي خواجا آصف جي ويهڻ تي به اعتراض واري رهيا هئا، مطلب هڪ پاسي عمران خان پنهنجي سيٽ تي پاڻ مائنس ون فارمولا جو ذڪر ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي سيٽ تي به سندس پارٽي اعتراض واريندي خواجا آصف کي نه ويهارڻ وارو معاملو اٿاري رهي هئي. اهڙي سڄي عمل ۾ عمران خان پنهنجن ٽائيگرز جهڙن ترجمانن کي وڌيڪ اهميت ڏيندي گرائونڊ تي مراد سعيد، علي زيدي جهڙن کي لاهڻ ۾ وڌيڪ پاڻ کي پرسڪون تصور ڪري ٿو جيڪو ٻڌائي ٿو ته ايندڙ ڇهه مهينا عمران خان حڪومت جهيڙي واري پوزيشن ۾ وڃڻ چاهي ٿي، جڏهن ته سندس اتحادي نه رڳو مخالف ڌر جو حصو ٿيندي نظر اچي رهيا آهن پر شهباز شريف صحتياب ٿي قومي اسيمبلي ۾ واپس ايندي نظر اچي رهيو آهي ته ساڳئي وقت مخالف ڌر متحرڪ ٿيڻ کان وٺي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ وارن مامرن تائين پهتي آهي، صرف معاملو اهو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اهو طئه ٿئي ٿو يا نه ته عدم اعتماد جي تحريڪ وزيراعظم جي خلاف آڻجي يا اسپيڪر جي خلاف؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *