تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

مخالف ڌر حڪومت جي ئي غلطي جي انتظار ۾

حڪومت جي وزيراعظم عمران وڌيڪ پراعتماد لڳو پيو آهي. هو گذريل ٻن اڍائي مهينن کان جارحاڻي سياست ڪري رهيو آهي. آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ٿي رهيا آهن. نواز شريف کي اشتهاري جوابدار قرار ڏنو پيو وڃي، جيئن ته هن کي سزا آيل آهي، ان ڪري کيس انٽرپول ذريعي گهرائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم ۾ تبديلي پارليامينٽ ۾ آڻڻ بدران انتظامي حڪمن ۽ پاليسي ۾ تبديلي آڻي اهو ڪم ڪيو پيو وڃي. جيڪو بظاهر آئين ۽ قانون کان مٿڀرو لڳي ٿو. سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهي، پيپلزپارٽي کي ماٺ ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪراچيءَ جي معاملن ۾ وفاق جي مداخلت کي عملي شڪل ڏني پئي وڃي. وفاق جي انهن اپائن کي عدليه وٽان ڪور ملي رهيو آهي. هاڻي ته اها ڳالهه وڃي بيٺي آهي جو سنڌ جا پئسا وفاق پنهنجي مرضيءَ سان خرچ ڪرڻ ڏي وڃي رهيو آهي. رڳو ايترو ئي نه، اهو به چيو پيو وڃي ته سنڌ لاءِ اهي ڪم وفاق ڪري رهيو آهي. ڳالهه اڃان به اڳتي وڃي رهي آهي ته هاڻي گيس جو معاملو اٿاريو پيو وڃي. ملڪ ۾ گهڻي ۾ گهڻي گيس پيدا ڪندڙ صوبي سنڌ کي چيو پيو وڃي ته اهو پنهنجي زمين مان نڪتل گيس جي بدران امپورٽ ٿيل گيس مهانگي اگهه تي خريد ڪري. لڳي ٿو ته جهڙي نموني هٿ وٺي کنڊ، ڪڻڪ جا بحران پيدا ڪيا ويا تيئن هاڻي گيس جي بحران پيدا ٿيڻ جا اشارا ملي رهيا آهن. نه پارلياميٽ ۽ اپوزيشن کي نه وري ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.
ڇا ان جو سبب حڪومت ۽ اهم اداري جي هڪ پيج تي هجڻ واري ڳالهه آهي؟ بظاهر اهو ئي لڳي ٿو. مٿي چند ئي اپاءَ ڄاڻايا آهن جڏهن ته ڊزن ڏيڍ ٻيا به اپاءَ ٿي سگهن ٿا. جن تي عوام جي طرفان حمايت يا اتفاق راءِ موجود ناهي. ملڪ کي درپيش جيڪي به مسئلا آهن انهن بابت نه رڳو هڪ کان وڌيڪ آپشن، بلڪه هڪ کان وڌيڪ مضبوط رايا موجود آهن. تحريڪ انصاف بطور سياسي پارٽي جي سمجهي ٿي ته اهم ادارو ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن ته حڪومت باقي اڍائي ٽي سال ڪڍي ويندي. جيڪڏهن هڪ ڀيرو تحريڪ انصاف پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري ٿي وڃي، ته پوءِ ايندڙ وقت لاءِ سندس شمار ملڪ جي مکيه پارٽين ۾ ٿيندو ۽ سدائين حڪومت سنڀالڻ لاءِ سگهاري اميدوار طور موجود هوندي.
پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ نيب جي دٻاءَ ۽ ادارن طرفان حڪومت کي مليل پٺ سبب سمجهي ورتو ته حڪومت کي هٽائي نه پيو سگهجي. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به لڳو پئي ته انهن پارٽين وضاحتون پئي ڏنيون ته اهي حڪومت کي هٽائڻ نٿيون چاهين. کين ڊپ هو ته ڪٿي اهي “آڻيندڙن” جي ڏمر جو نه شڪار ٿي وڃن. هونئن سياسي طور اها ڳالهه درست به لڳي ٿي ته ڪيئن به، هڪ دفعو ڪا پارٽي چونڊجي آئي آهي، ان کي پنهنجي آئيني مدت پوري ڪرڻ ڏني وڃي. ها، اهو به ڊپ هو ته اڌ مدت ۾ جيڪڏهن سياسي پارٽين لاٿو ته ڪپتان وري ڪنٽينر تي چڙهي بيهي رهندو. ان ڪري وچ مدي واري چونڊ ممڪن ناهي.
بهر حال اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، جيئن مٿي چئي آيا آهيون ته هڪ کان وڌيڪ آپشن ۽ مضبوط رايا موجود آهن. اهي رايا رڳو ماهرن ۽ سياسي جماعتن وٽ ئي نه پر خود اسٽيبلشمينٽ ۾ به آهن. اهو ان ڪري به لڳي ٿو ته وقفي وقفي سان پيپلزپارتي، نواز ليگ ۽ خود جي يو آءِ متحرڪ ٿئي ٿي. پر وري ماٺ ٿي وڃي ٿي. مطلب معاملو ميچوئر نه پيو ٿئي. ان ڪري آل پارٽيز ڪانفرنس به ڪا ٺوس حڪمت عملي نه پئي جوڙي سگهي. بس سنگت رابطي ۾ آهي.
نواز ليگ وٽ سڀ کان سگهارو هٿيار اهو آهي ته ان وٽ ملڪ جي اقتدار جي اصل بنياد واري صوبي پنجاب ۾ اڃان تائين مقبوليت آهي. ٻيو وڏو هٿيار اهو ته وٽس وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ڇاڪاڻ جو اها ڪٿي به اقتدار ۾ ناهي جيئن پيپلزپارتي وٽ سنڌ حڪومت آهي. وڌ ۾ وڌ اهو ته ڪيس هلندا، پڇائون ٿينديون، سزائون اينديون. سو ته هونئن به ٿئي پيو پر پوءِ به اها واضح حڪمت عملي ۽ مطالبي تي نه پئي بيهي.
ڪالهه ٽن اڳواڻن جا آيل بيان وڏي معنيٰ رکن ٿا. آصف زرداري چيو ته “نواز شريف پنهنجي افعالن جي ڪري اشتهاري جوابدار ٿيو آهي”. شاهد خاقان عباسي چوي ٿو ته “نواز شريف کي طبي بنياد تي رليف ملندو”. شهباز شريف چوي ته “سندس فيصلن جي ڪري خاندان کي نقصان پهتو آهي”. شهباز شريف جو بيان بظاهر شگر مل جي حوالي سان آهي پر سياسي پنڊت ان کي سياسي معنائن ۾ وٺي رهيا آهن. زرداري مضبوط بنيادن تي اتحاد جي حق ۾ آهي ۽ هو نواز ليگ جي غير يقيني ڪيفيت جي ميار ڏئي رهيو آهي. هن جو خيال آهي ته پنجاب مان ٿيل مخالفت يا اٿيل تحريڪ ئي لاڀ ڏئي ٿي سگهي. لڳي ٿو ته شاهد خاقان عباسي جا رابطا موثر ۽ ڪارائتا آهن. شهباز شريف هن کان اڳ ٽڪراءُ ۾ نه اچڻ واري پاليسي تي هليو پئي ۽ سندس حڪمت عملي توڙي بيانيو نواز شريف ۽ مريم نواز جي ابتڙ هو، تنهن کي احساس ٿيو آهي ته سندس پاليسي غلط هئي. شاهد خاقان عباسي گذريل ڪجهه دور کان نواز شريف جي موقف تي بيٺل هو. تنهن ڪا ٽئين واٽ ڳولي ڪڍي آهي. بهرحال شاهد خاقان عباسي لڳي ٿو ته پارليامينٽ اندر ئي اپوزيشن جي ڪردار ادا ڪرڻ تي بيٺل هجي. ڳالهه اها آهي ته اتي به اپوزيشن کي پڇيو نٿو وڃي ته ڪهڙو رول ادا ڪري سگهي ٿي؟ شاهد خاقان عباسي ڪنهن به صورت ۾ نٿو لڳي ته اپوزيشن جي پارليامينٽ کان ٻاهر به ڪردار ادا ڪرڻ تي اچي. اها ڳالهه پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان چاهين پيا پر پيپلزپارتي تيستائين ڪنهن به وڏي تحريڪ ۾ نه ويندي جيستائين پنجاب ساٿ نٿو ڏئي. سو بهرحال نٿو لڳي ته آل پارٽيز ڪانفرنس هن مرحلي تي ڪو ٻوٽو ٻاريندي.
هاڻي اپوزيشن ٽن ڳالهين جي انتظار ۾ آهي. هڪ اهو ته پنجاب کي جهڙي نموني سان حڪومت هلائي رهي آهي اتي ڪو ڦات کائي ۽ پنجاب حڪومت جي هٿن مان کسڪڻ شروع ٿئي. ٻيو اهو ته نيب جي ذريعي احتساب جو عمل جيئن هلي رهيو آهي سو ابتڙ نتيجا ڏيڻ شروع ڪري، ايئن احتساب جو نعرو جنهن جي بنياد تي عمران خان وزيراعظم ٿيو آهي، سو ٺڪاءُ ڏيئي ڊهي پوي. ٽيون اهو ته وزيراعظم عمران خان جيئن معاملا هلائي رهيو آهي، انتظامي طور توڙي پنهنجي طور تي فيصلا وٺندي، سو پاڻ ٿڪجي پوي ۽ ڪا وڏي غلطي ڪري ويهي ۽ سڀني کي اهو ئي آسرو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ضرور ڳڙ ٻڙ ٿيندي. ڪا مس هينڊلنگ ضرور ٿيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *