تازا ترين
  • * واهي پانڌي: پي ايس 86 جوهي: پي ٽي آءِ پاران امداد لغاري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو *
  • *ٺٽو: ٺٽي ۾ معشوق خاصخيلي جي 4 سالن جي نياڻي مھرالنساءَ جون ڄنگهون ڦري ويون، پوليو جو شڪ ظاهر*
  • *داد لغاري: ريگستان مان عورت جو ڳريل ۽ سڙيل لاش زمين ۾ اڌ پوريل حالت ۾ هٿ*
  • *پنوعاقل: عدالت مان 2 قيدي ڀائر قيدين اياز ۽ صدام حسين ڀڄي ويا: اي ايس آءِ ممتاز بلو سميت 3 اهلڪار گرفتار * پنوعاقل: ناري جي ڪيس ۾ سندس مڙس ۽ ڏير گرفتار هئا، ٻنهي جي ٻيهر گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي *
  • *ڪنڊيارو: ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: 22 ورهين جو نوجوان زنوار صديق ڀٽي حياتي وڃائي ويٺو*
  • *ڏهرڪي ۾ سيپڪو جي ڪارروائي: بجلي چوري جي الزام ۾ ٽائون چيئرمين ۽ سندس ڀائرن جي گهرن جي بجلي ڪاٽا: 10 لک رپيا وصول * ڏهرڪي: ٽائون چيئرمين ڏهرڪي رهتن جي مد ۾ 6 لک رپيا ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ ڀريو * ڏهرڪي: بجلي چوري ناهي ڪئي، ناجائز ڏنڊ وڌو ويو آهي: ٽائون چيئرمين منير مهر *
  • * ميرپورماٿيلو:اسان جي نياڻي اقراء کي اغوا ڪري ميرپورماٿيلو ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي: پنجاب واسي جوڙو *
  • *ملير: موٽروي تي ڊرائيورز ۽ ايف ڊبليو او عملي ۾ چڪريون: 3 قتل * ملير: اوور لوڊ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ڊرائيورز احتجاج ڪيو، فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • *سجاول: هاڻي پوليس به جرڳا ڪرڻ لڳي: ايس ايس پي سجاول جي آفيس ۾ جرڳي دوران قيدي جي خون بها 7 لک رُپيا مقرر: جوابدارن اهلڪارن به معافي وٺي ڇڏي * سجاول: سجاول پوليس ڪجهه عرصو اڳ قيدي عبدالله عرف ابو اوٺو کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو، ڪيس ۾ 5 اهلڪارن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو * سجاول: جرڳو ناهي ڪيو، متاثر ڌُر اهلڪارن کي معاف ڪيو ته امداد طور 7 لک رُپيا ڏنا آهن، معافي نامو عدالت ۾ پيش ٿيندو: ايس ايس پي جي عجيب منطق *
  • ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي انتظاميا خلاف جاچ جي منظوري*نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ انور مجيد خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، آءِ اين جي اوز خلاف انڪوائري بند*
  • ڇا هاڻي ڪُتا پڪڙڻ وارو ڪم به رينجرز کان ڪرايون، چونڊيل نمائندن جو ڪهڙو فائدو؟ (سنڌ هاءِ ڪورٽ ) سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي شوڪاز*عدالت سيڪريٽري صحت، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪمشنر ڊي ايم سيز کي به طلب ڪري ورتو، ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ کان پُڇاڻو*چونڊيل نمائندا نه ڪچرو کڻن ٿا، نه رستا ٺاهي سگهن ٿا ۽ نه ئي پاڻي مهيا ڪن ٿا: عدالت جا ائنٽي ريبيز وئڪسين نه هجڻ واري معاملي تي ريمارڪس *
  • خورشيد شاهه جي گهروارين ۽ ٻن پُٽن سوڌو 16 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • فيض گنج ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو: نوجوان مرڻينگ: سندس زال اغوا: 4 شڪي گرفتار*نظام الدين ۽ ڪراچي جي رهواسڻ ناري نورجهان خاصخيلي جون مهيني ۾ پسند جي شادي ڪئي، سندن گهر تي رات حملو ٿيو *عالم شير خاصخيلي ساٿين سان گڏجي حملو ڪيو (نوجوان جو ڀاءُ) 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، زخمي نوجوان جي حالت نازڪ*
  • خوراڪ کاتي جا ٽن فلور ملز ڏانهن ساڍا 14 ڪروڙ رهتون هجڻ جو انڪشاف: عدالت طرفان فوري رهتون جمع ڪرائڻ جو حڪم*غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺاهيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ جمع ڪرائڻ مسئلو نه آهي: عدالت*
  • خانپور مهر ڀرسان ناري جو 3 ڏينهن پُراڻو لاش هٿ: پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو*

محرابپور کي مٺو پاڻي ڪير پيئاريندو ؟

نوشهرو فيروز لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکندڙ شهر محرابپور مڪاني سرڪار جي بي ڌياني سبب اجڙي رهيو آهي. ماضي جو ڪاروباري، علمي، ادبي شهر اڄ سرڪاري ادارن جي لاپرواهي سبب بيمارين ۽ لاشن جو شهر بڻجي رهيو آهي. هن شهر جو اهم مسئلو صاف پاڻي آهي جنهن کان هن شهر جو عوام محروم آهي. صاف پاڻي نه ملڻ ڪري هر روز شهر اندر 2 ماڻهو فوت ٿين ٿا. هت عالمي اداري اداري يونيسيف پاران سافڪو جي پليٽ فارم تان شهر اندر ساڍا سترهن ڪروڙ رپين جي لاڳت واري مٺي پاڻي جي اسڪيم ڏني وئي. سافڪو پاران ان اسڪيم جي ڪم جي نگراني پبلڪ هيلٿ کاتي تعلقي محرابپور کي سونپي وئي جنهن جي عملدارن حسبِ روايت پئسن بچائڻ خاطر غير معياري پائيپ وٺي شهر اندر سياسي مداخلت تي من پسند علائقن ۾ وڇائي فرض پورو ڪيو. جڏهن ته شهر جي اڌ کان وڌيڪ غريب آبادي وارا علائقا پائيپ لائين جي سهولت کان محروم آهن. پبلڪ هيلٿ کاتي وارن کي پاڻي زمين جي جَر مان کڻي نوان واٽر بيگ ٺاهي پاڻي فلٽر ڪري شهرين کي ڏيڻو هو پر ڪرپٽ عملدارن ڳوڌو شاخ مان پاڻي حاصل ڪندڙ پراڻن تلائن مان حاصل ڪري بدبودار ٽانڪي وسيلي صاف ڪري اهو به صرف شهر جي مخصوص علائقن تائين پهچايو. ٽائون ڪاميٽي محرابپور پاران واٽر سپلاءِ جا ڪنيڪشن ڏيڻ لاءِ اعلان ڪرايا ويا پر شهرين دلچسپي نه ڏيکاريندي هن وقت تائين اٽڪل 50 ڪنيڪشن ڪرايا آهن. شهرين جي عدم دلچسپي جو ڪارڻ بدبودار پاڻي آهي، جنهن جي ڪري شهرين جو اعتماد مٺي پاڻي واري اسڪيم تان کڄي ويو آهي. واٽر سپلاءِ اسڪيم جي هلندڙ ڪم دوران پاڻي ڪميشن جي سربراھ رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم محرابپور واٽر سپلاءِ جو تفصيلي معائنو ڪيو هو ۽ واٽر سپلاءِ جي پاڻي کي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي پبلڪ هيلٿ کاتي جي اعليٰ توڙي تعلقي عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي سختي سان تاڪيد ڪيو هو ته شهرين کي مٺو ۽ صاف پاڻي هر حال ۾ فراهم ڪيو وڃي. پر عملدارن سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ مٺي پاڻي واري اسڪيم کي سرزمين تي اڻ پورو ۽ ڪاغذن ۾ مڪمل ڄاڻائي اسڪيم کي رولڙي جو شڪار بڻائي يونيسيف جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا. محرابپور واسين کي سن 2008ع ۾ پ پ جي ايم اين اي سيد ظفر علي شاھ وفاقي حڪومت جي پروگرام ديرا ٽو تحت مٺي پاڻي جي اسڪيم وٺي ڏني. ان اسڪيم کي به پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن ناڪام بڻائي، وفاقي سرڪار جا ڪروڙين رپيا ضايع ڪري ڇڏيا. ڪرپٽ عملدارن هڪ ڪمرو روهڙي ڪئنال تي ٺاهيو ۽ ٻيو ڪمرو واٽر سپلاءِ ۾ ٺاهيو ۽ اتي لڳل افتتاحي بورڊ پٽي پاسي تي رکي ڇڏيو. هن وقت جيڪو پاڻي پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار صاف ڪري شهر جي مخصوص علائقن ۾ پهچائي رهيا آهن اهو پاڻي ٽيھ سال پراڻن تلائن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. تلائن ۾ پاڻي روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ ڳوڌو شاخ مان ورتو وڃي ٿو. ياد رهي ته واھن ۽ شاخن جي پاڻي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ پيئڻ جي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته شهري آبادي جو گندو پاڻي واهن ۽ شاخن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي. پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن عدالتي حڪم جي انحرافي ڪندي شاخن جو پاڻي شهرين کي پيئاري بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هت ساڍا سترهن ڪروڙ رپين جي لاڳت واري مٺي پاڻي جي هن ميگا اسڪيم ۾ پبلڪ هيلٿ عملدارن ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. انهن جي ڪرپشن بابت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ خبرون شايع ٿي چڪيون آهن. پر افسوس آهي جو قومي خزاني کي لٽيندڙن خلاف نيب ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن سميت ڪنهن به اداري هن مهل تائين ڪابه قانوني ڪاروائي نه ڪئي آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته ساهتيءَ جي هن اهم شهر کي جراثيمن کان پاڪ صاف مٺو پاڻي ڪير ۽ ڪڏهن پيئاريندو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *