تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ماڪڙ کانپوءِ ڪمند تي فيوزرم ويلٽ وائرس جو حملو: زراعت جو ڇاٿيندو؟؟؟

سنڌ ۾ ڪمند تي هڪ خاص وائرس جو حملو رپورٽ ٿيو آهي، ان وائرس کي فيوزرم ويلٽ جو نالو ڏنو ويو آهي ، زرعي ماهرن موجب ڪمند جي فصل تي اها بيماري پهريون ڀيرو ظاهر ٿي آهي جنهن ۾ ڪمند سڪڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ اهو کنڊ ڪڍڻ جي قابل نٿو رهي نه ئي ان کي گاهه طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ اهو وائرس اڃا رڳو ضلعي ٽنڊو الهيار جي يو سي ڌڱاڻو بوزدار ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو وائرس ٻين علائقن تائين به ڦهلجي سگهي ٿو، جنهن علائقي ۾ اهو وائرس ظاهر ٿيو آهي اتان جي متاثر زمين پڻ خراب ٿي چڪي آهي. سنڌ هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر صوبو آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ لاڪ ڊائون به سنڌ ۾ ڪيو ويو جنهن سبب اڳ۾ ئي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي بي يارو مددگار آهن، لاڪ جي ڪري سنڌ جو روزگار وڏو عرصو بند رهڻ سبب معاشي تنگي ۾ ورتل سنڌ جي آبادگارن ان کان اڳ ماڪڙ جي حملن کي پڻ منهن ڏنو اڃا اهي ڦٽ سڪا ئي ناهن ته مٿان وري هي نئين آفت، جيڪڏهن هي آفت ٻين علائقن تائين ڦهلجي ٿي ته پوءِ سنڌ جي زراعت ڊگهي عرصي تائين پاڻ سنڀالي نه سگهندي.
فيوزرم ويلٽ وائرس جي خوف سنڌ جي آبادگارن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جڏهن ڪيلي جي فصل کي پاناما وائرس لڳو هو ته ان وقت به ڪنهن کي خبر نه هئي ته اهو وائرس ڪيلي جي فصل کي پوري سنڌ ۾ متاثر ڪندو ان وقت به سنڌ سرڪار توڙي وفاقي حڪومت تڪڙا اپاءُ نه ورتا ۽ پوءِ سموري سنڌ ان خطرناڪ وائرس جو شڪار ٿي وئي ۽ آبادگارن کي نه رڳو اربين رپين جو نقصان پهتو پر ڊگهي عرصي تائين ڪيلي جي فصل کي آبادگارن مڪمل وساري ڇڏيو. هن وقت به جڏهن فيوزرم ويلٽ وائرس اڃا رڳو هڪ علائقي ۾ ظاهر ٿيو آهي ته ان تي تڪڙو ضابطو آڻي سگهجي ٿو، زرعي ماهرن موجب جنهن به زمين تي پوکيل ڪمند جي فصل کي فيورزم ويلٽ وائرس لڳو آهي، اتي ٻيهر ڪمند نٿو پوکي سگهجي، ڪمند جي فصل ۾ لڳل فيورزم ويلٽ وائرس تيزي سان ڪمند کي تباھ ڪري رهيو آهي ۽ اهو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن وائرس تي تڪڙو ضابطو نه آندو ويو ته ايندڙ سال کنڊ جو وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.سنڌ ۾ شگر انڊسٽري وڏي پئماني تي هجڻ سبب ڪمند وافر مقدار ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ اهو آبادگارن جو مک فصل پڻ هوندو آهي جيڪڏهن اهو وائرس وڌيڪ علائقن تائين ڦهلجي ويو ته پوءِ ان کي روڪڻ مشڪل ٿي پوندو بلڪل ائين جيئن ماڪڙ تي ضابطو نه اچي سگهيو جيئن پاناما وائرس کي سنڌ سرڪار ضابطي هيٺ نه آڻي سگهي، سنڌ سرڪار وڏيون وڏيون دعوائون ڪندي آهي پر پاناما وائرس ۽ ماڪڙ جو حملو ٻه تجربا ثابت ڪن ٿا ته جيڪڏهن فيوزرم ويلٽ وائرس ٿورو به اڳتي وڌيو ته پوءِ اهو به ماڪڙ ۽ پاناما وائرس وانگر سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيندو. سنڌ حڪومت زراعت لاءِ اربين رپين جا فنڊ ته رکيا آهن پر انهن جو استعمال الائي ڪٿي ٿي رهيو آهي هن وقت اهو ضروري آهي ته زراعت لاءِ اربين رپين جا فنڊ رکندڙ سنڌ سرڪار نه رڳو هن نئين آفت کي سنجيدا وٺي پر ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي، سنڌ جي وڏي وزير کي گهرجي ته هو فوري طور فيوزرم ويلٽ وائرس جو نوٽيس وٺي ۽ ان حوالي سان هنگامي اجلاس سڏائي زرعي ماهرن کان ان حوالي سان آگاهي وٺي ۽ پوءِ ان وائرس جي خاتمي لاءِ هنگامي فنڊ رکي تڪڙا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري. سنڌ جي زراعت کاتي جي به ذميواري آهي ته هو پنهنجي خاص ٽيم متاثر علائقي ڏانهن اماڻي ۽ وائرس بابت ماهرن کي جاچ ڪرائي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *