تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

مافياز جي گھيري ۾ آيل تبديلي سرڪار !

احتساب جي تيز رفتار گھوڙي تي سوار ٿي وزيراعظم بڻيل عمران خان کي شايد گمان ۾ نه هو ته پاڪستان جي حڪومت ھلائڻ سندس لاءِ ڪو ايڏو ڏکيو ڪم ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ وٽ ڪنٽينر ۾ بيھي عوام کي سنھري خواب ڏيکارڻ ۽ پاڪستان جھڙي گھڻ طرفي بحرانن کي منھن ڏيندڙ رياست جو ڪاروھنوار ھلائڻ ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي. عمران خان ۽ سندس ٽيم حڪومت ۾ اچڻ کان پھرين جنھن قسم جون ھوائي ڳالھيون ڪيون ھيون، انھي ذريعي ھو نوجوان برگر ڪلاس کي ته پنھنجن سياسي جلسن ۾ ڇڪي آيا، جيڪي اڃ لڳڻ تي اسٽنگ بوتل ۽ بک لڳڻ تي زنگر کائي سموري ملڪ کي ڊفينس پيا سمجھندا آھن پر سندس ڳالھين ۾ پاڪستان جي انھي پيڙھيل طبقي لاءِ نجات جو ڪوبه سبق شامل نه ھو جيڪو ڄڻ ته ڄائو ئي بک، ڏک ۽ سور سھڻ لاءِ ھجي. تبديلي سرڪار کي ھن وقت ڪجھ اھڙا مسئلا پڻ درپيش آھن جن کي وزير اعظم چاھيندي به حل نٿو ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته انھن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کيس پنھنجي پارٽي اندر موجود انھن مافياز سان ٽڪرائڻو ٿو پوي جيڪي تمام گھڻيون طاقتور  ھئڻ سان گڏ چالاڪ پڻ آھن. اھي مافياز ھن وقت حڪومت کي جنھن نموني ڊڪٽيٽ ڪن پيون ان مان سندن طاقت جو اندازو بھتر نموني لڳائي سگھجي ٿو. مثال طور ڪجھ ڏينھن خان صاحب ڀاڻ ڪمپنين کي ھڪ حڪومتي آرڊيننس ذريعي 208 ارب رپين جو قرض معاف ڪيو پر بعد ۾ جڏھن اھا ڳالھ ميڊيا جي گرم بازار جي رونق بڻي ته وزيراعظم انھي آرڊيننس کي اهڙي ريت واپس ورتو ڄڻ اھا ڳالھ سندس ڄاڻ ۾ ئي نه آئي هئي. اھو ته صرف ھڪ مثال ھو پر منھنجي ڪيس اسٽڊي مطابق سگريٽ جي غير قانوني ڪمپنين کان ويندي سموري ملڪ ۾ شگر ملز جي طاقتور مافياز تائين ھر وڏي ڪاروبار ۾ تبديلي سرڪار اندر موجود ماڻھو اھڙي ريت ملوث نظر ٿا اچن ڄڻ کين انھن ڪمن جي ڇوٽ مليل ھجي. ڪجھ ڏينھن پھرين ئي وزيراعظم سان مليل اھو صحافي ٻڌائي ٿو ته خان صاحب سان ٿيل سندس  انھي ملاقات ۾ وزير اعظم ڪيترن ئي اھم معاملن کان اھڙي ريت لاتعلقي ظاھر ڪئي ڄڻ انھن اھم ۽ حساس معاملن کي ھلائڻ جون چاٻيون خان صاحب وٽ نه بلڪ انھن ڌرين وٽ ھجن جن عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ تي پئسو لڳايو آھي. بهرحال جھانگير ترين کان ويندي اعظم سواتي تائين ھر سرمائيدار جنھن نموني پي ٽي آءِ سرڪار جي پاليسين جو رخ موڙي رھيو آھي انھي مان پاڪستان جو عوام ٻه ڳالھيون ته بھتر نموني محسوس ڪري سگھي ٿو، ھڪ ته پاڻ انھن فردن جي طاقت جو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته اھي ڌريون ڪيئن موجودھ حڪومت کي ڪنٽرول ھيٺ رکي ذاتي ۽ گروھي مفاد حاصل ڪن ٿيون ۽ ٻيو تبديلي سرڪار ۽ خاص طور تي عمران خان جي انھن طاقتور ڌرين آڏو بيوسي کي پڻ محسوس ڪري سگھجي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *