تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

مائنس عمران کانپوءِ معاملاڪيئن هلندا؟

تبديلي سرڪار جي حڪومتي دور ۾ عوام مٿان مهانگائي جي وڄ ڪيرائڻ جهڙا بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن ، پهريان ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ بعد ملڪ ۾ پيدا ٿيل ڪڻڪ جي کوٽ واري بحران ۾ مهانگو اٽو خريد ڪرڻ واري ڦرلٽ مان عوام جي جان ئي آجي نه ٿي هئي ته مٿان کنڊ جو بحران سامهون اچي ويو. حڪومت جي پنهنجي ڳالهين تحت به ملڪ ۾ کنڊ 55 روپيا ڪلو ملڻ گهرجي پر اها هن وقت به 85 کان 90 روپيا وڪامجي رهي آهي، اهو بحران به عوام جي ڳچي ۾ ئي پيل هيو ته حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ 25 روپيا 58 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 25 روپيا واڌ ڪري ڇڏي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن سبب اڳ ئي مهانگائي وارين حالتن کي منهن ڏيندڙ عوام جي زندگي ۾ مهانگائي جو غير معمولي بار اچي ويو آهي ۽ ڪجهه اڃان اچڻ وارو آهي. ڪالهه ئي ناڻي جي صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت ۾ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي يونٽ تي هڪ روپيا 9 پئسن کان 2 روپيا 89 پئسن تائين واڌ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڳالهه رڳو اتي ئي ختم نه ٿي ٿئي،
بجلي اگهن ۾ جون مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ تحت به ايتري ئي غير معمولي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جو فيصلو اڃان اچڻو آهي، جيترو پيٽرول وڌايو ويو آهي. هڪ طرف مهانگائي جو طوفان ته ٻئي طرف بيروزگاري جو طوفان آهي، مٿان انهن حالتن ۾ ملڪ اندر توڙي عالمي سطح تي معاشي بحران به هلي رهيو آهي، ظاهر آهي اهڙين حالتن ۾ ڪا به حڪومت هلڻ انتهائي ڏکيو آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو هي حڪومت نه رڳو بند گهٽي ۾ ڦاسي چڪي آهي پر حڪومت جي گهر ڀيڙو ٿيڻ جون ڳالهيون عام ڪچهرين کان ٿيندي حڪمرانن جي زبانن تائين اچي پهتيون آهن. پر سوال اهو آهي ته هي حڪومت گهر ڀيڙو ڪيئن ٿيندي؟ اهو به سوال آهي ته هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بعد ڪهڙو سيٽ اپ ايندو. لڳي ايئن رهيو آهي ته ملڪ ۾ اقتداري تبديلي وارو مامرو انهن ٻنهي سوالن اندر ڦاٿل آهي. جيڪڏهن مائنس عمران خان ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ مان ئي ڪو وزيراعظم ٿي وڃي ته ڇا هاڻوڪي معاشي، مهانگائي، بيروزگاري جو طوفان گهٽجي ويندو؟
اهو اهڙو سوال آهي جيڪو شايد عمران خان کي مائنس ڪرڻ اڳيان رڪاوٽ ان ڪري لڳي رهيو آهي جو جيڪڏهن عمران خان کي پوئتي ڪرڻ بعد به حالتن ۾ ڦيرو نه اچڻو آهي ته پوءِ عمران خان کي سائيڊ ڪرڻ واري تڪليف ڇو ڪجي؟ ملڪ اندر قومي حڪومت لاءِ مخالف ڌر جون پارٽيون راضي نظر نه اچي رهيون آهن ڇو ته ان سان مخالف ڌر جي انهن ٻنهي پارٽين کي گهڻو سياسي نقصان ٿي سگهي ٿو، جيڪي ٻئي پارٽيون ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار ۾ اچڻ جي اميد ۽ آس لڳايون ويٺيون آهن، اسان وٽ اقتدار ۾ اچڻ جو رستو طاقتور ڌرين جي آشيرواد يا رضامندي کانسواءِ لڳ ڀڳ ناممڪن تصور ڪيو ويندو آهي،
موجوده حڪمران جماعت پي ٽي آءِ 20 سالن جو عرصو گذارڻ باوجود ان وقت تائين اقتداري جماعت نه ٿي سگهي جيستائين ان جي ڦوڪڻي ۾ آشيرواد جي هوا نه ڦوڪي وئي. سياست تي نظر رکندڙ ان خيال جا آهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جو مرڪز ۾ حڪومت اچڻ جو سلسلو تڏهن ختم ٿي ويو، جڏهن طاقتور ڌرين گذريل 10 سالن ۾ اهو محسوس ڪيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت جي بري وقت ۾ پ پ ۽ پ پ حڪومت جي بري وقت ۾ ن ليگ هڪ ٻئي جي ڍال ٿي رهيون هيون ۽ طاقتور ڌريون جيڪي اقتدار جي تبديلي جا پلان ٺاهين ٿيون، انهن جا پلان اي- پلان بي به ان ڪري ناڪام ٿي رهيا هئا، ان ڪري سياست ۾ هڪ نئين مقابلي جي پارٽي ميدان ۾ آئي ۽ ان صورتحال جو فائدو پي ٽي آءِ کي مليو پر موجوده وقت ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ وهنوار هلندي نظر نه ٿو اچي ۽ هر طرف خسارو ئي خسارو ۽ خراب صورتحال آهي. ظاهر آهي اهڙي ڪارڪردگي هوندي چونڊن کان اڳ ٻيهر پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ نه ميڊيا ذريعي ماحول ٺاهي سگهجي ٿو نه ئي موجوده بحران جي اثرن کي منظر تي اچڻ کان روڪي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر هجي ها ته ان ڪارڪردگي کي بنياد بڻائي پي ٽي آءِ لاءِ ايندڙ وقت لاءِ به ماحول ٺاهڻ آسان هيو پر موجوده ڪارڪردگي جي بنيادن تي پي ٽي آءِ جي ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جو امڪان گهڻي ڀاڱي ناممڪن آهي. سوال هي آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ ايندڙ اقتداري پارٽي نه آهي ته مرڪزي حڪومت ۾ اتحادين سان گڏ ڊرائيونگ سيٽ تي اچڻ جهڙيون ٻه پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز ئي نظر اچن ٿيون پر انهن سان طاقتور ڌرين جا مامرا ڪيئن طئه ٿيندا؟
اهو سوال اهم آهي ظاهر آهي اقتدار لاءِ ئي سياسي ڌريون ڏينهن رات محنت ڪنديون ان ڪري هر سياسي ڌر جي اها ڪوشش هوندي آهي ته اقتدار حاصل ڪجي. اقتدار ۾ اچڻ لاءِ مامرن ۾ ڪير ڪيتري لچڪ ڏيکاري ٿو اهو مامرو ئي اهم ۽ نتيجا ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ سياسي ڌرين ۾ ان حوالي سان مقابلو عروج تي رهيو آهي پر هن ڀيري طاقتور ڌرين سان مامرا طئه ٿيڻ ڪنهن به پارٽي لاءِ آسان نه آهي ڇو ته ميان نواز شريف کي سزا ڏيندڙ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي برطرفي وارو فيصلو بنا شق جي نواز ليگ لاءِ تازي هوا ثابت ٿيو آهي پر ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ پاران ڏنل سزا تي ته سوال اٿي سگهن ٿا پر ميان نواز شريف کي سڄي عمر لاءِ نااهل قرار سپريم ڪورٽ ڏنو آهي، جيڪڏهن احتساب عدالت جي سزا ۾ نواز شريف کي رليف ملي به وڃي تڏهن به سپريم ڪورٽ وارو فيصلو ان جي ذاتي طور اقتدار ۾ اچڻ لاءِ رڪاوٽ آهي. احتساب عدالت جي فيصلي مان رليف سان مريم نواز جا ڪيس ختم ٿي سگهن ٿا پر سوال هي آهي ته جنهن مريم نواز تي طاقتور ڌريون ناراض آهن انهن سان ان جا مامرا طئه ٿي ويندا؟
اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ته نواز شريف ڏئي سگهي ٿو يا وري ايندڙ وقت ئي ڏئي سگهي ٿو پر نواز ليگ وٽ ميان شهباز شريف کي اقتدار ۾ آڻڻ وارو آپشن موجود آهي پر ميان نواز شريف ان تي راضي ٿيندو؟ اهو سڀني ڏسي ورتو آهي ته مسلم ليگ نواز جو مطلب نواز شريف ۽ مريم نواز آهي. ن ليگ تي ان جو ئي اثر وڌ ۾ وڌ غالب آهي، شهباز شريف جو اثر هاڻي نواز شريف ته پري جي ڳالهه پر مريم نواز کان به گهٽ آهي. ان صورت ۾ شهباز شريف کي نواز شريف ۽ مريم نواز جي حمايت سان ئي مرڪز ۾ آڻي سگهجي ٿو. ڏسجي ته جيترو طاقتور ڌرين ۽ ن ليگ وچ ۾اعتماد جي کوٽ آهي اها بي اعتمادي پ پ ۽ طاقتور ڌرين ۾ به نظر اچي ٿي پر ن ليگ جيتري شديد نظر نٿي اچي پر پ پ سوڌو انتهائي ٿڌي طبيعت رکندڙ ۽ وڏي تجربيڪار مولانا فضل الرحمان ۽ طاقتور ڌرين وچ ۾به مامرا آهن،
جيستائين طاقتور ڌرين ۽ پارٽين ۾ اهي مامرا طئه نه ٿيندا ته هر چونڊ کان اڳ جيڪي موسمي پکين وانگر هڪ پارٽي کان ٻئي پارٽي ڏي سياسي ماڻهو اچڻ لڳندا آهن ان عمل جي شروعات نه ٿي سگهندي. اهو درست آهي ته سڀ ڪجهه طاقتور ڌرين جي هٿ ۾ نه آهي پر اها به حقيقت آهي ته گهڻو ڪجهه انهن جي هٿن ۾ آهي، اهو به درست آهي عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي کين ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪيو آهي، جنهن ڪري طاقتورن جي طاقت ڪمزور ٿيندي ماڻهن کي محسوس ٿي رهي آهي پر اها به حقيقت آهي ته طاقتور ڌرين کان وڌيڪ ملڪ اندر سياسي ڌريون نه رڳو انتهائي ڪمزور ٿيل آهن پر انهن ۾ نا اتفاقي به چوٽ چڙهيل آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته مخالف ڌر جي ڪنهن به جماعت کي ٻئي تي اعتماد نه آهي، ٻيو خاص طور تي پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز جن بار بار حڪومتون ڪيون انهن جا حڪومتي دور اهڙا نه رهيا آهن جو عوام موجوده صورتحال ۽ انهن حڪومتن ۾ ڪو گهڻو فرق محسوس ڪري پر انهن حڪومتن ۽ هن حڪومت ۾ هڪ فرق ضرور آهي ته ٻنهي پارٽين ۾ سينيئر، تجربيڪار اڳواڻ هجڻ ڪري عوام تي ايترو بار وجهڻ کان پاسو ڪيو ويندو رهيو آهي جيترو بار هي حڪومت عوام تي وجهي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو موجوده حڪومت جي تبديلي بعد حالتن ۾ ڪجهه نه ڪجهه فرق اچڻ کي محسوس ڪندي اقتداري ايوانن ۾ تبديلي جون ڳالهيون گهٽي گهٽي ۾ ٿي رهيون آهن پر تبديلي ايندي ڪيئن جا مامرا طئه ٿيڻا آهن. جيڪڏهن مائنس عمران خان بعد پي ٽي آءِ مان ئي ڪو ماڻهو عمران خان جي جاءِ تي ايندو ته بحران مان ملڪ کي ڪڍڻ جو رستو ۽ پاليسي ڇا هوندي اهو طئه ٿيڻ جي ضرورت آهي، نئين چونڊ ذريعي نئين حڪومت جي قيام جو آپشن استعمال ڪرڻو آهي ته ان لاءِ به سال جو لڳ ڀڳ وقت درڪار هوندو پر لڳي ايئن رهيو آهي ته حڪومت وئي حڪومت وئي واريون ڳالهيون مخالف ڌر جاري ۽ ساري رکندي، ان سان پي ٽي آءِ حڪومت غير مستحڪم ٿيندي. سياسي ۽ معاشي طور غير مستحڪم حڪومت جنهن به پارٽي جي هجي اها صورتحال ان پارٽي جي چڱاين کي به خرابين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. ظاهر آهي اها صورتحال حڪمران جماعت لاءِ نقصان ۽ مخالف ڌر لاءِ فائديمند آهي.
ڏسجي ته ملڪ اندر بحران جي صورتحال وڌيڪ بحراني ٿئي ٿي يا وري ان بحران مان نڪرڻ جو ڪو حل ڳوليو وڃي ٿو، بحرحال حالتون اهڙيون پيدا ٿي رهيون آهن جن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي ڀارتي جارحيت ۾ اضافي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي تي ٿيل حملي حالتن کي سنجيده بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن حملي لاءِ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو بمبئي حملن جهڙو حملو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو، ان کانسواءِ ٻن حملن جون ڪوششون اسلام آباد ڀرسان ناڪام بنايون ويون آهن. ڀارت جي انتهاپسندي ۽ اشتعال انگيزي جي صورتحال ۾ ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ڀارت ۾ انتهاپسند حڪومت جو سربراهه آهي جيڪو مسلسل اشتعال انگيزي ڪري رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ اندر سياسي غير يقيني جي صورتحال نه ملڪ جي مفاد ۾ آهي نه ئي طاقتور ڌريون چاهينديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *