تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

لياري!

لياريءَ تي صرف ٽن ڪلاڪن جي نه پر ٽيھن قسطن جي ڊراما سيريل ٿي سگھي ٿي. اھا ڊراما سيريل صرف جي آءِ ٽيءَ جر گرد ڇو گھمي؟ يا اھا ڊراما سيريل صرف عزير بلوچ جي ڪردار تائين محدود ڇو ھجي؟ اھا ڊراما سيريل جنھن جي ابتدا ان منظر کان ٿي سگھي ٿي، جڏھن لياريءَ واسي آفريڪي رقص ڪندي منگھي پير جي پوڙھن واڳن جي گلن ۽ گوشت جي ٽڪرن سان سلامي ڀرين ٿا.
ان دور جو سيٽ شايد گھٽ بجيٽ جي ڪري تخليق نه ڪري سگھجي جڏھن ڪراچيءَ ۾ لياريءَ جي نالي سان ان وسنديءَ جنم ورتو ھو، جنھن جي آغوش ۾ اھا ڪراچي آئي، جيڪا وڻن ٽڻن ۽ پکين جي مڌر شور سان گھٽ ماڻھن، وڏن گھرن ۽ صاف سٿرن سامونڊي ڪنارن سبب بمبئيءَ تائين مشھور ھئي. ڪراچي ان دور ۾ انگريزن، يھودين، پارسين ۽ ھندو سيٺين توڙي ڪجھه مسلمان وڏيرن جو اھو ڳڙھه ھئي، جنھن کي محنت ۽ مشقت جو ڪلهو ڏيندڙ اھا لياري ھئي، جيڪا نه صرف پورٽ جي ڀرسان آباد ھئي پر پنھنجي مخصوص ڪلچر ۽ ٻوليءَ سبب ان جا بلوچستان سان گھرا رشتا قائم ٿيا. اھي رشتا جيڪي وقت سان گڏ ڪمزور ٿيڻ بدران سگھارا ٿيندا رھيا آھن. اھا لياري موجودھه پاڪستان جو پھريون غريباڻو شھر ھئي. جھڙي طرح چوندا آھن ته “شھر ڪڏھن به ننڊ نه ڪندو آھي” تھڙي طرح لياري جي اڌ آبادي ڏينھن جو ۽ اڌ آبادي رات جو جاڳندي ھئي. اھو سلسلو ھن وقت تائين زخمي سپ وانگر سرندو نظر اچي ٿو. جنھن لياريءَ جي اسان ڳالھه ڪري رھيا آھيون، اھا لياري اھڙي نه ھئي، جھڙي اڄ آھي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ به اھا لياري نه ڊٿي. جڏھن ھندو پنھنجيون حويليون ڇڏي ھليا ويا ھئا ته ڪراچيءَ جي اصلوڪن رھواسين لاءِ اھو امير ٿيڻ جو وڏو موقعو ھو پر لياريءَ واسين ورھاڱي جي ويڙھه ۾ ڪنھن به مال غنيمت تي ھٿ نه وڌا. ھو ڪلفٽن ۽ صدر طرف به نه مڙيا. ڇو ته انھن کي پنھنجي لياريءَ سان تمام گھڻو پيار ھو.
”گڏ جت گذران ھو، جڙ لڳي تنھن جاءِ“
لياريءَ جا پراڻا رھاڪو اڄ به دل جي اٿاھه اُڪير سان چوندا آھن ته ان دور جي لياري اچڻ وارن جا پير پڪڙي وٺندي ھئي ۽ انھن کي ڪيڏانھن به وڃڻ نه ڏيندي ھئي. ان وقت لياريءَ ۾ رھڻ فخر جي علامت ھو. ھڪ آزاد ۽ محفوظ ماحول وارو اھو لياري جنھن ۾ محنت ڪش ماڻھو پنھنجي زندگيءَ ۾ مسرت جا ڪجھه گل پوکي انھن جو واس وٺندا ھئا.
لياريءَ جا اھي ڪردار وقت جي واءُ ۾ لٽجي ويا آھن، جيڪي شام جو وليز جيپ تي ويھي سير ڪرڻ نڪرندا ھئا. انھن ڪردارن حق حلال جي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ٽرانسپورٽ جھڙا ڪاروبار شروع ڪيا. لياري ته ھونئن به پوري ڪراچيءَ جو بار ڍوئيندڙ محنت ڪش وسندي ھئي. اھا صرف لياري ئي ھئي، جنھن ۾ جانورن سان محبت ڪئي ويندي ھئي. اھا لياري ئي ھئي، جنھن ۾ گڏھن سان دوستي رکي، ان جي خدمت ڪري ۽ ھن جي جسم تي وارن جي ڪٽنگ ذريعي نقش نگار ٺاھي، انھن جا نالا “ھيرو…..جاني….راڪيٽ ۽ موتي” رکيا ويندا ھئا. لياريءَ ۾ گڏھن جي ريس به ھڪ وڏو ايونٽ ھئي. اھا لياري ئي ھئي، جنھن ۾ ٻار محفوظ ۽ عورتون آزاد ھيون. اھا لياري ھئي، جنھن ۾ صرف بلوچ ۽ سنڌي ئي نه پر ڪڇي ميمڻ پنھنجين روايتن سان رھندا ھئا. اھا لياري ئي ھئي، جيڪا امن ۽ وفا جي علامت ھئي.
ان لياريءَ ۾ جرم جا جيوڙا ڪنھن آندا؟ اھو اڄ به ھڪ تحقيق طلب سوال آھي. ان لياريءَ اندر اڳ ۾ پستول آيو يا اڳ ۾ منشيات داخل ٿي؟ ان سوال جو جواب به تلاش ڪرڻ گھرجي. اھو ڪجھه ڇو ٿيو؟ ڪنھن لياريءَ جي لاکيڻي ڪلچر کي تباھه ڪيو. ڪنھن فٽ بال جي ميدانن تي قبضا ڪيا ۽ ڪنھن باڪسنگ جون رنگون ختم ڪري اتي منشيات جا اڏا قائم ڪيا؟ ڪنھن لياريءَ جي ڪک ۾ خنجر ھنيو؟ ڪنھن لياريءَ جي ادبي ۽ سياسي شعور کي ختم ڪري اتي گينگ وار جا گناھه شروع ڪيا. اھو لياري جيڪو تمام گھڻو پراعتماد ۽ نھايت لڄارو ھو. اھو لياري جيڪو ھارون فيمليءَ جي رويي سبب دل ھاري ويٺو ھو. ان لياريءَ پنھنجو پورو پيار ان ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪيو، جنھن سان لياريءَ جي پٽن، ڌيئرن ۽ ڀيڻن ڀائرن، ٽن نسلن تائين غيرمشروط ساٿ نڀايو. اھو لياري ھو، جيڪو ڀٽي جي ڦاسيءَ تي اھي لڙڪ لاڙيندو رھيو، جيڪي محنت سبب ميرا چولا چھي وٺندا ھئا. اھو لياري ئي ھو جنھن بينظير ڀٽو جا نچي استقبال ڪيا. اھا لياري ھئي، جنھن پنھنجا لال مرتضيٰ ڀٽو جي انقلابي تحريڪ حوالي ڪيا. اھو لياري ئي ھو، جنھن آمريت جي پوري دور ۾ ھڪ ڏينھن لاءِ به جنرل ضياءَ سان سمجھوتو نه ڪيو ھو. اھو لياري ئي ھو، جيڪو پيپلز پارٽيءَ جو قلعو سمجھيو ويندو ھو. ان قلعي کي ڪرپشن جو ڪلر ڪيئن لڳو؟ ڇا ان تي به ڪنھن تحقيق جي ضرورت آھي؟ اھو لياري جيڪو اشراف ۽ محنتي ماڻھن جي وسندي ھئي، ان کي گينگ وار جي غنڊن حوالي ڪنھن ڪيو؟ ڪنھن لياري جي تعليم تباھه ڪئي؟ ڪنھن معصوم ٻارن جي ھٿن ۾ ٽي ٽيون ڏنيون؟ ڪنھن نوجوان نسل کي نشي جو ھيراڪ بڻايو؟ ڪنھن لياريءَ کي اغوا ۽ ڀتي جي علامت ۾ تبديل ڪيو؟ ڪنھن ھن خوبصورت ۽ کليل وسنديءَ کي گندي نالي ۽ اٻڙڪا ڏيندڙ گٽر ۾ تبديل ڪيو؟ ڪنھن لياريءَ کان ھن جو سمورو حسن ۽ سموري معصوميت کسي ورتي؟ ڪنھن لياري جي جمھوري لاڙي کي لٽيو؟ اھا سموري ڪھاڻي ايتري پراڻي ناھي جو ڪنھن کي ياد نه اچي سگھي. اڄ به اڇن وارن وارو لياري جو آفريڪي لعل پوري پنھنجي وسنديءَ جي برباديءَ جي پوري ڪھاڻي بيان ڪري سگھي ٿو. اھو سستي سگريٽ جو سوٽو ھڻي لياريءَ جي عروج جو قصو ۽ سندس زوال جو داستان بيان ڪري سگھي ٿو.
لياريءَ جي درد جو داستان ٻڌائڻ وارو حبيب جان ڪير ٿيندو آھي؟ لياريءَ جي تباھيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ عزير بلوچ جي ڪھڙي ڳالھه تي اعتبار ڪجي ۽ ڪھڙيءَ تي نه؟ لياريءَ جي اڀرڻ ۽ الھڻ جي پوري ڪھاڻي بيان ڪري سگھي ٿو، اھو پوڙھو مڪراني، جنھن جي لاءِ شيخ اياز لکيو ھو:
”ھو ڏس ھڪ ھزارن جھڙو
نانءُ ٻٽيرو، ٽيرو آھي
ھڪ دنيا جو حاڪم آ پر
تو وٽ پوءِ به فقيرو آھي“
اھو ٻيڙيءَ جي ڦوڪ ھڻي کڻي سگھي ٿو ان وقت جو قصو جڏھن ڪلاڪوٽ جي افشاني گھٽيءَ ۾ شير محمد شيرو ۽ داد محمد دادل نالي ٻه ڀائر سڀ کان اڳ ۾ منشيات جو منظم ڪاروبار ڪرڻ لڳا ھئا ۽ انھن جو ٽڪراءُ اقبال عرف بابو ڊڪيت سان ٿيو ھو ۽ ساڳئي وقت حاجي لالو نالي ھڪ شخص پنھنجن ستن پٽن سميت منشيات جي ڌنڌي کي ھلائي رھيو ھو. لياريءَ جي ڪھڙي پاڙي جي ڪھڙي گھٽيءَ ۾ ڪنھن جو ڌنڌو ھلي؟ اھا ڪشمڪش ابتدائي طور تي بابو ڊڪيت ۽ انھن ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ھلڻ لڳي، جن مان ھڪ نالو شيرو ۽ ٻئي نالو دادل ھو. ان جھيڙي ۾ دادل، بابو ڊڪيت جي ھٿان قتل ٿي ويو. اھو دادل ساڳيو ئي ھو، جيڪو لياريءَ جي جڳ مشھور ڪردار رحمان ڊڪيت جو پيءُ ھو. جنھن وقت دادل قتل ٿيو، ان مھل رحمان نوجوان ھو ۽ ھن کي حاجيءَ لالو نالي منشيات فروش پنھنجو اٺون پٽ بڻايو. حاجي لالوءَ جي سرپرستيءَ ۾ رحمان ان ڏينهن ڏوھن جي دنيا جو سفر شروع ڪيو، جڏھن ھن پنھنجي سڳي ماءُ کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ۽ پوءِ ھن پنھنجي پستول کي ڪڏھن به ٿڌو ٿيڻ نه ڏنو. ان کان پوءِ رحمان ڊڪيت پيءُ جي قاتل بابو ڊڪيت کي قتل ڪيو. ان وقت حاجي لالو رحمان ڊڪيت ۽ پنھنجن پٽن ۾ ڪو فرق نه رکندو ھو. اھو ئي سبب ھو ته ھن پنھنجي پٽ ارشد پپوءَ ۽ رحمان ڊڪيت جي شادي پنھنجن ھٿن سان پاڻ ڪرائي.
اھو سڀ ڪجھه انڊين فلم “ڪمپني” جھڙو ھو. اھو “گندو ھو پر ڌنڌو ھو” ان ڌنڌي ۾ اھو ئي ڪجھه ٿيو، جيڪو ٿيندو رھندو آھي. رحمان ڊڪيت کي جڏھن اھو احساس ٿيو ته حاجي لالوءَ جي گينگ ۾ ھوندي ھو پنھنجو قد نه ٿو ٺاھي سگھي ته ھن حاجي لالوءَ جي سرعام مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ حاجي لالوءَ جو پٽ ارشد پپو ھن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري اٿيو. ارشد پپو رحمان ڊڪيت جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھن جي نه ملڻ جي صورت ۾ ھو رحمان ڊڪيت جي مائٽن کي قتل ڪرڻ لڳو. ان دوران لياريءَ جي ماڻھن کي اھو فلمي سين به ٻڌڻ ۾ آيو، جڏھن انڊرگرائونڊ فلمن جي ڀائيءَ وانگر ارشد پپو رحمان ڊڪيت جي چاچي کي حب چوڪيءَ تي مارڻ ويو ۽ ان مھل ھن رحمان ڊڪيت کي فون ڪري چيو ھو ته، “ھي تنھنجو چاچو آھي ۽ مان ھن کي قتل ڪري رھيو آھيان. ھي فائر جو آواز ٻڌ!” اھڙي طرح ارشد پپوءَ نه صرف لياري پر پوري ڪراچيءَ جي سرزمين رحمان ڊڪيت جي لاءِ تنگ ڪري ڇڏي ھئي. ان مھل رحمان ڊڪيت جي لاءِ ٻيو ڪو رستو نه رھيو، سواءِ ان جي ته ھو لياريءَ کي ڇڏي بلوچستان ھليو وڃي. اھڙي ريت پنھنجو سر بچائڻ جي لاءِ رحمان ڊڪيت بلوچستان ھليو ويو ۽ سمورو لياري ارشد پپوءَ جي ھٿ ۾ اچي ويو. ارشد پپو لياريءَ جو مالڪ بڻجي ويو ھو. ارشد پپوءَ جو لياريءَ تي تيستائين مڪمل داٻو ھو، جيستائين ھو پوليس ھٿان گرفتار نه ٿيو. ارشد پپوءَ جي گرفتاري ان رحمان ڊڪيت جي واپسيءَ جو رستو صاف ڪري وئي، جيڪو ارشد پپوءَ جي آزار سبب بلوچستان ۾ پاڻمرادو جلاوطن ھو.
(هلندڙ)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *