تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لاڪ ڊائون کانپوءِ بي لغام بڻيل منافعي خور مافيا

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا سبب اٽڪل پنج مهينا لاڪ ڊائون رهيو، هر قسم جي ڪاروبار کي شروعاتي ڏينهن ۾ بند ڪيو ويو ۽ پوءِ جزوي طور ڪاروبار کليو پر اڪثر عام ماڻهو جي روزگار وارا وسيلا بند رهيا، جنهن سبب سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به نه رڳو پورهيت طبقو پر سفيد پوش وچولي طبقي جو ماڻهو به مالي طور مشڪلاتن ۾ وڪوڙيل رهيو. انهي صورتحال مان گذريل هفتي ڇوٽڪارو مليو ۽ وفاقي حڪومت جي فيصلي تحت سنڌ سرڪار به ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني. مڪمل طور تي ڪاروبار کلي ويو. ڪيترن ئي ڏينهن کان معاشي بدحالي ۾ گذاريندڙ ماڻهو روزگار سان لڳي ويا ۽ زندگي جو ڦيٿو معمول ڏانهن وڌڻ لڳو، پر معمول طرف وڌندڙ زندگي جا اهي ڏينهن لاڪ ڊائون ۾ گذاريل ڏينهن کان به وڌيڪ ڏکيا ڏينهن محسوس ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته لاڪ ڊائون کانپوءِ جيئن ئي ڪاروبار کليو آهي تيئن ئي مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عام واهپي جون شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويون، لاڪ ڊائون ۾ ته انهن عام واهپي جي شين جا اگهه وڌڻ جو سبب اهو سمجهه ۾ آيو پئي ته شايد ٽرانسپورٽيشن جو مسئلو هوندو، يا وري فئڪٽرين مان ايندڙ سامان مهانگو ملندو هوندو، ڀاڄيون توڙي ميوا مهانگا ملندا هوندا ۽ کير جي واپارين به پاڻمرادو اگهه وڌايا هوندا، انهي ڪري اهي شيون مارڪيٽ ۾ به مقرر ٿيل اگهه کان پنج ڏهه روپيا اضافي اگهه سان وڪرو ٿين پيون. پر هاڻي جڏهن لاڪ ڊائون ختم ٿي چڪو آهي، تڏهن به سنڌ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مارڪيٽ جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهن بدران ويتر آسمان تي پهچي چڪا آهن.
ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان اٽي، دال، چانور، کير، ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن ۾ هٿراڌو ٿيل واڌ کي روڪڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪا به حڪمت عملي ناهي جوڙي وئي. جيئن ئي ڪاروبار معمول تي اچڻ شروع ٿيو آهي، تيئن ئي نه رڳو عام واهپي جي شين جا اگهه وڌايا ويا آهن، پر ساڳي ريت ٽرانسپورٽرن ڀاڙا پڻ وڌائي ڇڏيا آهن، هوٽلن وارن کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، گوشت ۽ مرغي کائڻ جو ته وچولي طبقي جو شهري رڳو هاڻي تصور ئي ڪري سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جي رٽ ڪٿي آهي؟ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سرڪار جي مقرر ڪيل اگهن تي عمل ۽ اضافي اگهه وٺڻ وارن خلاف ڪارروائي لاءِ الڳ سان کاتو قائم ٿيل آهي، سنڌ جي وڏي وزير پاران بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز ڪنٽرول لاءِ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ کي خاص معاون پڻ مقرر ڪيو ويو آهي پر عملي طور انهي جو ڪٿي به ڪم نظر نٿو اچي، هر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ مارڪيٽن جا دورا ڪري، منافعي خورن تي ڏنڊ وجهڻ سميت قانوني ڪارروائي جا اختيار رکي ٿو، پر سمورا ڊپٽي ڪمشنر هن عوامي مسئلي سان مڪمل طور لاتعلق نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اٽي جو اگهه وڌي ويو آهي، ڀاڄيون عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. ايئن ٿو لڳي ڄڻ منافعي خورن پاران گذريل پنجن مهينن دوران ڪاروبار بند هجڻ يا لاڪ ڊائون سبب سندن متاثر ٿيل ڪاروبار جو سمورو حساب عام ماڻهو کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو سنڌ سرڪار ڪاروبار کولڻ کان اڳ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ضلعي سطح تي گڏجاڻيون ڪري، سمورن ڊپٽي ڪمشنرن معرفت عام واهپي جي شين بابت سرڪاري مقرر ٿيل اگهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ها ۽ کير توڙي اٽي جي مقرر ڪيل من پسند اگهه ختم ڪري، سرڪاري سطح تي هڪ ئي اگهه مقرر ڪيو وڃي ها ۽ عوام کي اضافي اگهه وٺندڙن خلاف شڪايت لاءِ ڪمپلينٽ نمبر ڏنا وڃن ها، انهن شڪايتي نمبرن کي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ اهم چوراهن تي بينر جي صورت ۾ لڳايو وڃي ها ۽ سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن کي روزاني هڪ اڌ ڪلاڪ مارڪيٽن جي دوري جو پابند ڪري، مارڪيٽن جو جائزو وٺڻ لاءِ چيو وڃي ها، پر سرڪار پاران اهڙي ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي هئي، جنهن سبب منافعي خور مافيا پنهنجي مرضي سان عوام کي ڦري رهي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪا اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ منافعي خورن خلاف آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو پيٽ ڀري ماني کائي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *