تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

قومپرستي شائونزم جو هٿيار

نظرئي موٽ کاڌي آهي پر هن ڀيري اهو سرمائيدار – سوشلسٽ، لبرل-ڪنزرويٽو يا گرين بمقابلا ريڊ اڪانامي ناهي. هي دراصل مقبول قومپرست نظرئي جو نئون جنم آهي جيڪو پاڻ فاشزم ۽ نازي ازم جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيون، جنهن ۾ ماڻهن کي باور ڪرايو ويو هو ته سندن مسئلن جو سبب اندريان ۽ ٻاهريان دشمن آهن. پر انهي نظرئي جي انسانذات کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي، جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ ۾ لکين ماڻهو ماريا ويا ۽ يورپ لڳ ڀڳ تباهه ٿي ويو هو.
تاريخي طور تي نظرئي جي سڃاڻپ مذهب، قومي تشخص ۽ طبقاتي ويڙهه سان ٿيندي آهي پر جيئن يووال نوح هراري چيو آهي ته، “مذهب ۽ نظرئي جي وچ ۾ سوال اختيار جو آهي ته اهو اختيار ڪٿان ٿو اچي.” حقيقت ۾ مذهب ۽ قومپرستي، نظرئي جي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. اولهه ۾ جڏهن 1648 ۾ ويسٽ فيلين واري معاهدي بعد مذهب کي رياست کان الڳ ڪيو ويو، جنهن سان 30 ساله مذهبي جنگين جو خاتمو ٿيو ۽ جنهن سان هڪ قوم- هڪ رياست جي اصول تي جديد رياستن جو بنياد پيو، تنهن ۾ قومپرستي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. انهي معاهدي سان پوپ جي اثر جي به پڄاڻي ٿي، جيڪو ڪيٿولڪ چرچ جو سربراه هجڻ جي ناتي بادشاهن جي مقرري کي نام نهاد “آفاقي حق” هيٺ جائز پڻو فراهم ڪندو هو. مذهب کي رياست کان ڌار ڪرڻ، 18هين صدي ۽ ان کانپوءِ پهرين يورپ ۽ بعد م امريڪا ۾ جاڳرتا، صنعت سازي ۽ جمهوريت ڏانهن اهم وک هئي.
1789ع واري فرينچ انقلاب جا سبب به بادشاهت سميت ٻيا هئا جيڪي جلد ئي فرينچ قومپرستي ۾ بدلجي ويا. پر اهو انساني تاريخ جو هڪ اهم موڙ هو، ڇاڪاڻ ته ان جي نظرياتي نعري “آزادي، برابري ۽ خوشحالي” نه رڳو فرانس ۾ سماجي سياسي تبديلي آڻي بادشاهت جو خاتمو آندو پر ان جو سگهارو اثر جلد ئي پوري يورپ کنڊ ۽ ويندي لاطيني امريڪا تائين پکڙجي ويو. بدقسمتي سان فرينچ انقلاب پنهنجو انقلابي جوهر برقرار رکي نه سگهيو ۽ فرانس جنرل نيپولين بوناپارٽ جي هٿن ۾ هليو ويو، جيڪو پروشيا، آسٽريا، روس، اطالوي رياستن ۽ برطانيه خلاف جنگين ۾ فتحن وسيلي طاقتور جرنيل طور اڀريو. نتيجي ۾ نيپولين فرانس مٿان پنهنجي حاڪميت مڙهي، جيستائين کيس 1815ع ۾ گڏيل بادشاهي طاقتن برطانوي جنرل جي سربراهي ۾ واٽرلو ۾ شڪست نه ڏني.
تنهن هوندي به فرينچ انقلاب يورپ توڙي يورپ کان ٻاهر اڀرندڙ نين رياستن ۾ قومپرستي جا جراثيم پکيڙي ڇڏيا. حقيقت ۾ ان کانپوءِ يورپ ساڳيو نه رهيو ۽ اهو 18هين صدي دوران ڪيترن ئي انقلابن ۽ لاهن چاڙهن کي منهن ڏيندو رهيو جن جو انت 17-1914 واري پهرين عالمي جنگ تي ٿيو. انهي عرصي دوران صديون پراڻيون شاهي رياستون روس، جرمن، آسٽرو-هنگرين، اٽلي، فرانس ۽ ٿورو بعد عثمانيه سلطنت منهن ڀر هيٺ ڪريون ۽ هڪ قوم- هڪ رياست جي بنياد تي ڪيترين ئي نين رياستن جنم ورتو، جيتوڻيڪ ان دوران ڪيتريون ئي گهڻ قومي رياستون پڻ هيون جن ۾ گهرو ويڙهه سبب وڌيڪ ڏار پيا، جهڙوڪ يوگوسلاويه وغيره. تنهنڪري قومپرستي ڪرپٽ چرچ ۽ آپيشاهي بادشاهت خلاف هڪ مثبت ڪردار ادا ڪيو.
پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته يورپي قومپرستي ان دوران ڪيترن ئي فيلسوفاڻي، ثقافتي ۽ سياسي تصورن ۽ روايتن مان گذري نرم ٿي جيڪي يوناني ۽ رومن دور مان شروع ٿيا ۽ تاريخ جي مختلف دورن مان گذرندي 17هين صدي ۾ نئين سر تڏهن نروار ٿيا جڏهن يورپ سماجي جاڳرتا، صنعت سازي، جمهوريت جو ذائقو چکيو، جنهن سان حقيقي معنيٰ ۾ رياست، سماج ۽ شهرين جا تصور تبديل ٿيا جنهن سان يورپ ۾ عوامي نمائنده ۽ لبرل ماحول جنم ورتو. پر جڏهن قومپرستي شائونزم ۾ تبديل ٿي ۽ ان کي بيٺڪي راڄ وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڪالونيون، مارڪيٽ، زمينون، انساني وسيلا ۽ خام مال ڦٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته ساڳئي يورپ ۽ دنيا بدترين رتوڇاڻ ۽ قتلام به ڏٺو. اهو قومپرست شائونزم جرمني ۾ نازين جي عروج، اٽلي ۾ فاشسٽن ۽ جاپان ۾ فرمانروائن جي صورت ۾ نظر آيو، جتي عوامي جذبات جو استحصال ڪيو ويو ۽ ماڻهن ۾ عدم تحفظ جو احساس اڀاري سمورن مسئلن جو الزام سياسي مخالفن ۽ پرڏيهي قوتن مٿان هنيو ويو. پر نتيجو انهن رياستن لاءِ به چڱو نه هو، جرمني، اٽلي ۽ جاپان، ٽنهي کي چٿيو ويو. اڄ ڏينهن تائين امريڪي فوجي جرمني ۽ جاپان ۾ مقرر آهن. پر جرمني ۽ جاپان انهي خطرناڪ نظرئي جي حماقت مان ڪڙو سبق پرايو. اڄ جيڪڏهن سندن شمار عالمي طاقتن ۽ خوشحال ملڪن ۾ ٿئي ٿو ته ان جو سبب گهڻي ڀاڱي اهو آهي ته هنن انساني وسيلن ۽ معاشي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪئي.
ساڳي ريت ايشيا، افريڪا ۽ لاطيني امريڪا قومپرستي تيستائين مثبت ڪردار ادا ڪيو جيستائين ان جو رخ بيٺڪي سلطنت کان سياسي آزادي حاصل ڪرڻ ڏانهن هو. پر قومپرستي شائونزم جو هٿيار هجڻ جي ناتي ڪيترن ئي سببن جيڪري گهربل نتيجا ڏيڻ م ناڪام رهي. پهريون، نيون آزاد ٿيندڙ رياستون اڪثر ڪري، گهڻ نسلي (گهڻ مذهبي) هيون، ٻيون، ڀارت، ملائيشيا ۽ ڪجهه ٻين رياستن کي ڇڏي نيون آزاد ٿيندڙ رياستون جمهوري ادارا قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون ۽ مٿن طاقتور سول ۽ ملٽري حڪمرانن جو غلبو رهيو. ٽيون، ڪيترن ئي ملڪن ۾ قابض قوتن ڄاڻي واڻي سرحدي مسئلن کي جهيڙي ۾ ڇڏيو ۽ علائقائي جنگين ۽ ڇڪتاڻ جا ٻج ڇٽيا، جنهن سان آمرن کي آساني سان قومپرستي جو استعمال ڪندي پنهنجي حڪمراني کي سگهارو ڪرڻ جو موقعو مليو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جيڪي ڀارت سان ٽي جنگيون وڙهيون، سي فوجي حڪمرانن ئي شروع ڪيون هيون. آخري اهو ته جيئن ته نين آزاد ٿيندڙ رياستن ۾ جمهوري ادارا نه ٺهيا تنهنڪري اهڙو ڪوبه آئيني ادارو آزاد ۽ سگهارو نه هو جيڪو مختلف مذهبي ۽ نسلي گروهن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري سندن مسئلا حل ڪري. نتيجي ۾، ٻين رياستن وانگر، اسان وٽ به رياست کي مستحڪم رکڻ لاءِ قومپرستن جي حقن جي مڃتا بدران کين ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. ڏکڻ ايشيا، اولهه ايشيا، وچ اوڀر توڻي اوڀر ايشيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جتي آپيشاهي حڪومتون اندروني ڇڪتاڻ ۽ بين الاقوامي جنگين کي منهن ڏيئي رهيون آهن.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايشيا، افريڪا ۽ لاطيني امريڪا جي گهڻ نسلي رياستن جي ڪجهه حڪمرانن پاران نسل پرستي واري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ زرعي سوشلسٽ منصوبن وسيلي استحصال ختم ڪرڻ ۽ ورڪنگ ڪلاس کي سگهارو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا پر اهو تجربو ان ڪري بري طرح ناڪام ٿيو، ڇاڪاڻ ته نسل پرستي واري ڇڪتاڻ (مذهبي پڻ) جون پاڙون معاشي ڇڪتاڻ ۾ کتل نه هيون، اصل سبب اهو هو ته سوشلزم کي هڪ نظرئي طور ان جي پوري جوهر سان لاڳو نه ڪيو ويو، نه ئي معيشت ۾ ڪا بهتري ٿي ۽ نه وري شهري حقن جو تحفظ ڪيو ويو. ان جي بدران هڪ طاقتور سول-ملٽري بيوروڪريسي وجود ۾ آئي، جن ڪرپٽ سياستدانن سان الحاق ڪندي طاقت جو استعمال ڪيو ۽ ماڻهن ۾ مايوسي ڦهلائي. تنهنڪري سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ جيئن ئي آپيشاهي حڪمران هٽيا ته مصنوعي طريقي سان دٻايل سب-نيشنلزم ٻيهر اڀريو ۽ رياستون گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويون.
شڪر آهي جو اڄ لاطيني آمريڪا ۾ گهڻو ڪري جهموري نظام ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڪجهه رياستون آهن جتي حڪمران قومپرستي کي اندروني مخالفن توڙي پرڏيهي دشمنن خلاف سياسي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، خاص ڪري آمريڪي ڪارپوريشنس ۽ ايجنسيون جيڪي خطي ۾ بالادستي لاءِ پنهنجي معاشي ۽ سياسي غلبي واري ايجنڊا جي پوئواري ڪري رهيون آهن. جڏهن ته انهن رياستن ۾ اهل، جمهوري ۽ صاف شفاف حڪومتن جي ضرورت آهي جيڪي اندروني اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن، معاشي ترقي تي ڌيان ڏين ۽ علائقائي جنگين جو خاتمو آڻين. پر بدقسمتي آهي ته انهن ڇڪتاڻ ورتل رياستن ۾ مقبول قومپرستي جو اڀار اچي رهيو آهي جتي سيڪيورٽي ادارا ۽ بدعنوان سياستدان پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ، جمهوري حق نظرانداز ڪرڻ، لساني اقليتن کي دٻائڻ، ميڊيا کي ماٺ ڪرڻ ۽ مخالفن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ آهن. بدقسمتي سان مقبول قومپرستي جو اهو نئون رجحان اڳواڻي ڪندڙ عالمي طاقتن ۾ به عام ٿي ويو آهي، جيڪڏهن نظر ڦيرائجي ته مقبول قومپرستي جا جيئرا جاڳندا مثال آس پاس ملي ويندا. ٿوري گهڻي فرق سان پيوٽن، ٽرمپ، اردگان، مودي، بولسونارو، ڪرز ۽ ٻيا انهي جو مثال آهن.
اسان جو عمران خان به عوامي مقبوليت پسند قومپرستي واري خطرناڪ خيال سان کيڏي رهيو آهي. طاقتور سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ به انهي ۾ ساڻس گڏ آهي، بجاءِ بيماري جو علاج ڪرڻ جي، هو علامتن تي بحث ڪري رهيو آهي، معيشت ۽ حڪومت کي بهتر نموني هلائڻ جي ذميواري کڻڻ بدران هو معيشت سميت هر مسئلي جو ذميوار سياسي مخالفن، اندرين ۽ ٻاهرين عنصرن کي قرار ڏئي رهيو آهي، سياسي-معاشي سڌارا ۽ پاليسيون آڻڻ بدران ڪوڙي ۽ اشتعال انگيز بيانئي وسيلي سماج کي ويتر ڀڃ ڊاهه جي حوالي ڪري رهيو آهي، مخالفن کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ خوف هراس پکيڙڻ لاءِ آمراڻن طريقن تي ڀاڙيي رهيو آهي، آخر ۾ ٻين جمهوري ادارن جهڙوڪ عدليا، ميڊيا، اپوزيشن ۽ مخالف ڌر تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ خلاف بناجواز ڪيس انهي جو مثال آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان جو ملڪ تمام گهڻي حد تائين ورهائجي چڪو آهي، جمهوريت زوال جو شڪار آهي. رياست جو دٻاءُ چوٽ چڙهيل آهي. قومپرستن کي ظلم ۽ ستم جو منهن ڏسڻو پيو پوي، مذهبي اقليتون تيزي سان پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن پيون، معيشت ڏينهون ڏينهن وڃي پئي ڪرندي، صحت سميت سڀني بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها ته قومي نصاب کي انتهائي تنگ نظر ۽ دقيانوسي بڻايو ويو آهي، سڀ کان مٿي اهو ته چين ۽ ڀارت ۾ سرحدي جهڙپن ۽ افغان امن معاهدي جي غير يقيني مستقبل سان علاقائي صورتحال خراب ٿي رهي آهي. انهي آزمائشي وقت ۾ اسان کي دورانديش قيادت جي گهرج آهي، جيڪا عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهي، ۽ معاشي ۽ پرڏيهي پاليسين ۾ بنيادي تبديليون آڻي ته جيئن معاشرتي ترقي داخلي ۽ علاقائي امن کي يقيني بڻائجي. مونکي ڳڻتي انهي ڳالهه جي آهي ته هڪ طرف عوام جو سياسي قيادت تان ويساهه کڄندو پيو وڃي، جنهن کي عمران خان تمام گهڻو بدنام ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف عمران خان بري حد تائين پنهنجا واعدا پاڙڻ ۽ حقيقي معنيٰ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي ۽ پوءِ به هو پنهنجي گمراهه ڪندڙ سياست تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *