تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

قومي اسيمبلي ۾ ڳالھايل ڪوڙ جي مختصر ڪهاڻي

ڪوڙ ڳالھائڻ دنيا جي مهذب معاشرن ۾ سدائين مذمت جوڳو عمل رهيو آهي، دنيا جي ڪنهن به مذهب ۽  معاشري ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ کي نه رڳو خراب سمجهيو وڃي ٿو پر ان عمل کي سمورين اخلاقي ۽ سماجي بيمارين جي ماءُ به قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ يا ملڪ کان ٻاهر ،ننڍي  يا وڏي عدالت ۾ ڪوڙو ثابت ٿي وڃي ته ان کي نه رڳو سزا ڏني وڃي ٿي پر مستقبل ۾ ان جي شاهدي به قبول نٿي ڪئي وڃي. جڏهن ته اسان پنهنجي عام زندگي ۾ به اهو مشاهدو ڪندا رهون ٿا ته جيڪو ماڻهو هڪ دفعو ڪوڙو ثابت ٿي وڃي، ان کانپوءِ ان جي ڳالھه ڪيتري به سچ ڇو نه هجي ان تي اعتبار نٿو ڪيو وڃي.
دنيا ۾ انسان جڏهن رياستن جا بنياد وڌا ته عوام ۽ حڪمرانن کي لکيل ۽ اڻ لکيل دستورن جو پابند بڻايو ويو ، دستورن جي اوائلي شڪل ريتن رسمن واري هئي، وقت سان گڏوگڏ  شعوري ترقي انساني  حڪمراني جا انداز تبديل ڪيا، ڪنهن به رياست جو بنيادي ڪتاب ان جو دستور هوندو آهي، جنهن کي عوام جي چونڊيل نمائندن جي فهم ذريعي ترتيب ڏنو ويندو آهي. دستور ادارن کي جنم ڏنو ۽ اهڙي ريت وقت سان گڏوگڏ ٿيندڙ سڌارن جي نتيجي ۾ دستور، عوام ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ معاهدي جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي جا فرض ۽ انهن جي انحرافي جي سزا جو تعين ڪيو ويو.
آئين کي رياست جو مقدس دستاويز قرار ڏنو ويندو آهي، پارليامينٽ ان ڪري به وڌيڪ مقدس قرار ڏني ويندي آهي، ته اها آئين کي تخليق ڪندي آهي. تنهن ڪري ان ڳالھه تي دنيا جي سمورن چونڊيل ايوانن جو  اتفاق آهي ته جيڪا جاءِ مقدس هجي اتي  ڪو به اخلاقي ڏوھه وڌيڪ سنگين ٿئي ٿو. اخلاقي ڏوهن جي ماءُ ڪوڙ آهي، ڪوڙ ڳالھائڻ هونئن به ڏوھه  آهي، پر جيڪڏهن اهو عوام جي چونڊيل ايوان۾ ڳالھايو وڃي ته وڌيڪ قابل مذمت هوندو آهي. پاڪستان جي موجوده قومي اسيمبلي جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو ذڪر ايندڙ ڏينهن ۾ ڪبو، پر هن وقت تائين هن ايوان ۾ جيڪو ڪوڙ ڳالھايو ويو آهي، ان جو ته حساب ئي ناهي. آئون ذاتي طور سمجهان ٿو ته جڏهن عوام جي چونڊيل ايوان ۾ حڪومت پاران ڪوڙ ڳالھايو وڃي ته نه رڳو ايوان جي توهين آهي، پر عوام کي گمراھه ڪرڻ جي به شعوري ڪوشش آهي.
تازو ان  ڳالھه جو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن گذريل هفتي قومي اسيمبلي ۾ هڪ ميمبر پاران اهو سوال ڪيو ويو هو ته  تحريڪ انصاف سميت ماضي ۾ اسلام آباد ۾ مختلف جماعتن پاران هنيل  ڌرڻن جي نتيجي ۾ ملڪ کي ڪيترو معاشي نقصان ٿيو. جواب حيران ڪندڙ هو، گهرو وزير اعجاز شاھ لکت ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته گذريل ستن سالن ۾ اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن جي ڪري ملڪي معيشت کي هڪ ارب 16 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو،گهرو وزير موجب تحريڪ لبيڪ جي 2013ع واري اسلام آباد جي ڌرڻي جي ڪري 3 ڪروڙ 32 لک رپيا، تحريڪ انصاف جي 2014ع جي ڌرڻي جي ڪري ساڍا 75 ڪروڙ رپيا،2016ع  جي ڌرڻي ۾ 21 ڪروڙ، 2017ع جي ڌرڻي ۾ 14 ڪروڙ،2018ع جي ڌرڻي ۾ ڏيڍ ڪروڙ ۽ پنجاب ۾ لڳل ڌرڻن جي ڪري ساڍا 31 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.
تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ نواز شريف جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو، ان ڌرڻي جي 22 ڏينهن بعد سيپٽيمبر ۾ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ جيڪا رپورٽ جمع ڪرائي  ان موجب رڳو 22 ڏينهن ۾ پاڪستان جي معيشت کي 547 ارب رپين جو نقصان ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ان ڌرڻي سبب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب قرضن جي ادائيگي ۾ وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي پئي پر اسٽاڪ مارڪيٽ کي 319 ارب رپين جو نقصان ٿيو، تڏهوڪي  حڪومت رپورٽ ۾ چيو ته ڌرڻي جي ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اضافي 35 ڪروڙ 76 لک رپيا ادا ڪرڻا پيا، جڏهن ته بليو ايريا، جيڪو ڌرڻي وارن ڏينهن ۾ بند رهيو 10 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ ارب 13 ڪروڙ رپيا وڌيڪ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.
اٽارني جنرل جي هي 22 ڏينهن واري رپورٽ ته پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي هڪ ريسرچ ويب سائيٽ ٽي اي بي اي ڊي ايل اي بي موجب تحريڪ انصاف جي ڌرڻي جي ڪري ملڪ جي معيشت کي 2969 ارب رپين جو نقصان ٿيو. خادم رضوي 2 ڀيرا اسلام آباد۾ ڌرڻو هنيو هو . 2017ع ۾ 20 ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ فيض آباد انٽر چينج تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٻنهي شهرن جي وچ ۾ رابطو ڪٽجي ويو. اهو ڌرڻو 20 ڏينهن جاري رهيو جنهن ڪري روزانو 22 ارب رپين جو نقصان ٿيو، هن ڌرڻي جي نقصان جو ڪاٿو 436 ارب رپيا لڳايو ويو.2018ع ۾ خادم رضوي آسيه بي بي کي سپريم ڪورٽ پاران آزاد ڪرڻ تي 3 ڏينهن ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڌرڻو هنيو ، جنهن ڪري 150 ارب رپين جو نقصان ٿيو. هي اهي انگ اکر هئا جيڪي اٽارني جنرل آف پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۽ ريسرچ ويب سائيٽ تان کنيا ويا ، پر ڪوڙ ڳالھائڻ وارو معاملو اتي به ختم نٿو ٿئي، قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جي مشاهدي کانپوءِ ماڻهو جي دل چوندي آهي ته ڀتين سان مٿو هڻي، اڃان ڪي گهڻا ڏينهن به نه ٿيا آهن، رمضان شريف جي آخري ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي رپورٽ جڏهن قومي اسيمبلي ۾ وزير هوا بازي غلام سرور پيش ڪئي ته هن ان رپورٽ دوران اهو به انڪشاف ڪيو ته ملڪ جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايئر لائينز جا 262 پائليٽن جا لائسنس جعلي آهن، قومي اسميبلي ۾ وزير هوا بازي جي  پاليسي بيان جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ هلچل مچي وئي، دنيا جي هر ايوي ايشن سوال ڪرڻ شروع ڪيا، يورپي يونين، برطانيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن پي آءِ اي جي اڏامن مٿان پابندي هڻي ڇڏي. فوري پوءِ هن وزير صاحب پائليٽن جي لائسنس جي جعلي هجڻ واري بيان تان يوٽرن وٺندي چيو ته اهي لائسنس جعلي نه پر مشڪوڪ آهن، تازو سول ايوي ايشن اٿارٽي پاڪستان، ڪويت جي سول ايوي ايشن کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ ڪوبه پائليٽ جعلي لائسنس هولڊر ناهي. سول ايوي ايشن جي ان بيان جي ڪجھه ڏينهن بعد وري اها خبر سامهون آئي ته 7 پائليٽن ۽ هڪ ايئر هوسٽس جي نوڪري جعلي ڪاغذ هجڻ جي ڪري ختم ڪئي وئي آهي،
اندازو ڪريو ته عام پاڪستاني هن روئي تي منهن مٿو نه پٽي ته ٻيو ڇا ڪري، هڪ اهڙو وزير، جنهن سڄي دنيا ۾ ملڪ کي خوار خراب ڪيو اهو اڃا تائين عهدي تي ويٺو آهي، جڏهن ته خود ان جي پنهنجي تعليمي ڊگري جي اصل هجڻ ۾ به شڪ آهي. هڪ اهڙي وزير کي ته هڪ منٽ برداشت نه ڪرڻ گهرجي ها، پر حيران ڪن طور تي اخلاقي پاسدارين جا درس ڏيندڙ وزيراعظم مڪمل طور تي اکيون بند ڪري ويٺو آهي.
هن حڪومت ۾ اڪثر وزير اهڙا به آهن ، جيڪي پنهنجي ڳالھه جي شروعات قرآن پاڪ جي آيت پڙهي ڪندا آهن، ۽ پوءِ ڪوڙ ڳالھائيندا آهن، راڻا ثناالله کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو ته ان وقت به شهريار آفريدي ايئن ئي ڪيو هو. اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي سربراھه ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي  پريس ڪانفرنس ۾ به چيو ته راڻا ثناالله کان منشيات هٿ اچڻ جي ويڊيو  موجود آهي، پر ايترو عرصو گذرڻ جي باوجود نه ويڊيو سامهون آئي ۽ نه ڪيس اڳتي هلي سگهيو آهي. اهو معاملو جڏهن 6 مهينا اڳ ۾ قومي اسميبلي راڻا ثناالله پاڻ اٿاريو ته شهريار آفريدي ڪلمو پڙهندي پنهنجو پراڻو ڊائلائگ ورجايو ته “جان الله کي ڏيڻي آهي” ان بعد قرآن پاڪ ايوان ۾ آندو ويو، شهريار آفريدي کي چيو ويو ته هو قرآن پاڪ تي هٿ رکي ٻڌائي ته هو جيڪو ڪجھه چوي ٿو اهو صحيح آهي، پر ان بعد اهو معاملو رفع دفع ڪيو ويو.  هن ئي ايوان ۾ وفاقي وزير مراد سعيد چيو هو ته اسان سوئيٽزر لينڊ ۾ پيل  پاڪستانين جا 200 ارب ڊالر پاڪستان کڻي اينداسين. پر ڇا ٿيو؟ ان قسم جون انيڪ ڪهاڻيون آهن.
 پاڪستان جي عوام ۽  چونڊيل ايوانن جي وچ ۾ فاصلا وڌندا ٿا وڃن، عام ماڻهو کي اهو احساس نٿو ٿئي ته اهي ايوان هن جي زندگي ۾ بهتري لاءِ ڪجھه ڪري رهيا آهن. ايوان جا ميمبر پنهنجي قيادت مٿان لڳندڙ الزامن تي جيئن ڀڙڪي پون ٿا ايئن هو عوام جي مصيبتن ۾ اضافي تي نٿا مڇرجن ، جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪجھه ٿئي به ٿو ته اهو به  زباني بيانن کانسواءِ ڪجھه به نه هوندو آهي، اها به حقيقت آهي ته هن ايوان اندر موجود اڪثريت ڪنهن به قانون يا پڇيل سوال جي باري ۾ تياري نٿي ڪري، اسان ته اڪثر اهڙا ميمبر به ڏٺا آهن جن پنهنجي پنجن سالن جي پوري مدي دوران ايوان اندر هڪ اکر به نه ڳالھايو آهي. جڏهن ته خود انيڪ ميمبر هن ايوان جي طاقت مان به شديد مايوس آهن، هڪ ميمبر ٻڌايو ته  هن پهريون ڀيرو جڏهن  پنهنجي علائقي جي ايس پي پاران ڀنگ وٺڻ جي ڳالھه اسيمبلي جي فلور تي ڪئي هئي ته هن سمجهيو پئي ته شايد ملڪ جون مختلف ايجنسيون ۽ ٻيا ادارا ساڻس رابطو ڪري ان باري ۾ ضرور پڇا ڪندا، پر هن جو خيال غلط ثابت ٿيو، ڪڏهن به ڪنهن پڇا نه ڪئي. هو مونکي ٻڌائي رهيو هو، هن چيو ته هاڻي ته اها حالت آهي ته ايم اين ايز کي ڪامورا پڇن ئي نٿا، ڇاڪاڻ ته پهرين ڏينهن کان وزيراعظم پاران اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته ايم اين ايز جو ڪم قانون سازي آهي.
اهو سڀ ڪجھه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته عوام جي چونڊيل ايوان جي تقدس جو خيال خود حڪومت کي ئي نه آهي، اهو تقدس ان صورت ۾ بحال ٿي سگهي ٿو جڏهن ان ايوان اندر غلط بياني نه ڪئي وڃي، ڪوڙ نه ڳالھايو وڃي. چونڊيل نمائندن جي اڪثريت ملڪي انتظامي مشينري جي مزاج ۽ قانون کان اڻ واقف آهي، انهن نمائندن جي وڏي اڪثريت جي اها خواهش هوندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪامورن سان تعلقات بهتر ڪيا وڃن، جيئن پنهنجا ذاتي ڪم ڇڏائي سگهجن. ان ڪري هو باقي ڪنهن به اهڙي ڪم تي ڌيان نٿا ڏين جنهن سان عوام يا عوام جي چونڊيل اداري جي حيثيت ۾ واڌ ٿئي.
ان ڪري ايوان ۾ ڪوڙ ڳالھايو وڃي يا سچ ، ايوان جي تقدس جي بحالي لاءِ چونڊيل نمائندا اسان کي سنجيدا نظر نٿا اچن. جيڪڏهن هو سنجيدا هجن ها ته ڌرڻن جي باري ۾ سوال جي آيل جواب تي ردعمل اچي ها، ته هن ايوان سان ايترو ڪوڙ ڇو ڳالهايو ويو آهي، پر وڏي اڪثريت ڪمپرومائيز جو شڪار آهي، نتيجي ۾ عوام جو ايوان بي توقير ٿي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *