تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

قصو منهنجي صحافي بنجڻ جو!

لاڪ ڊائون اسان کان روزگا کسي ورتو، مٿان وري مينهن اهڙا اچي داٻا ڏنا جو روزگار سان گڏ بجلي به گم ٿي وئي. مهانگائي وري ايترو آسمان تي چڙهي وئي جو چنڊ ڏسڻي ڪميٽي وارن 1965ع واري دوربين تي مهانگائي کي آسمان تي ڳوليو پر ايترو مٿي هئي جو ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي. گوار ۽ ڀينڊي 30 کان ٽپي 120 تي پهتيون، کنڊ 65 روپين کان ٽپي 110 تي آئي. اٽو 35 مان ٽپي 60 تي وڃي پهتو. مون کي پڪ ٿي ته عمران خان واري تبديلي اچي وئي آهي. مٿان وڏ ڦڙو شروع ٿيو ته آئون گوڏ ٻڌي ٿلهي تي نچي ٽپي ڳائڻ لڳس “تبديلي آئي هي تبديلي آئي هي عمران خان ني لائي هي” اوچتو طوطن ماءُ اچي نازل ٿي چئي “مئا گهر ۾ اٽو ئي ڪونهي ۽ تون پيو ڊانسون ڪرين!” چيومانس جان من! اها ئي ته تبديلي آهي جو پاڻ وٽ نه اٽو آهي نه لٽو نه وٽو نه ڇٽو! رڳو مون وٽ ڏٽو آهي جو روز  تو کي ڏئي پيو ٽيم پاس ڪريان!
چيائين گهڻئي ڏٽا ڏنئي هاڻي وڃي سيڌو سامان وٺي اچ نه ته گهٽ ڪا نه ٿيندئي! طوطن ماءُ جون ڌمڪيون ٻڌي ٻڌي آئون ڌمڪي پروف ٿي ويو هئس. سامان ڪٿان آڻيان کيسي ۾ جين جا احتجاج ۽ لانگ مارچون لڳيون پيون هيون. منهنجي اهڙي حالت ٿي وئي هئي جهڙو مينهن ۾ کدڙو فقير بيروزگار ٿي ويو هجي. گهر ۾ سڃ جا سوساٽ، بک جا ڀئو نڪاٽ ۽ ٽرڪي جا ٽئونڪاٽ هجن. منهنجا ۽ طوطن ماءُ جا تعلقات اهڙا خراب ٿي ويا جهڙو پي پي ۽ پي ٽي آءِ جا تعلقات هجن، روز پيا هڪ ٻئي خلاف پريس ڪانفرنسون ڪريون، نيٺ ماسات ماڪوڙي مداخلت ڪئي ۽ اسان ٻنهي کي ويهاري سمجهايو ته توهان پي پي ۽ نون ليگ وانگر سڀ اختلاف وساري هڪ ٻئي کي ويجهو اچو ايئن ڪرڻ سان ماضي ۾ ڪيل گهپلن جي پرده پوشي ٿي ويندي، نيب کي منهن ڏبو ۽ گهر ۾ جمهوريت ايندي.
اسان مڃي وياسين پوءِ اسان کي ٺاهڻ لاءِ هن آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي. ان ۾ ڪيئي مگسي، چانڊيا، پليجا، ابڙا، ڀنڀرا، قاضي، رند، شاهه ۽ رانٽا  اچي پهتا. سڀني قهر جون تقريرون ڪيون ۽ يڪ راءِ فيملي سان هڪ ٻه نڪاتي ٺهراءُ پاس ڪيو. جنهن جو هڪ نڪتو هو ته آئون ڪو نه ڪو روزگار ڪندس ۽ ٻيو نڪتو هو ته طوطن ماءُ سنڌ وانگر سڀ سور ستم، ڏک ڏولاوا ۽ مالي وسيلن جي ڦرلٽ تاحيات برداشت ڪندي رهندي. هڪ همراهه ٺهراءُ پڙهي ٻڌايو ته هال ۾ تاڙين جا ڦهڪا ٿي ويا. ڪانفرنس ختم ٿي ليڊر حضرات عاليشان گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿي ويا. ٺهراءُ مطابق مون کي ڪو نه ڪو روزگار ڪرڻو هو. سوچيم اهڙو روزگار هجي جنهن ۾ محنت مزدوري نه هجي،مٿين ڪمائي ايتري هجي جو سڄي زندگي پيو ٺٺ ڪريان. اسان جي پاڙي ۾ هڪ صحافي رهندو هو مسٽر ڏي وٺ ڏنگاڻي صاحب جيڪو صحافت سان گڏ ٺيڪا به کڻندو هو ان ڪري ڪک پتي مان لک پتي ٿي ويو هو. سوچيم ته ڇو نه آئون به صحافي ٿيان ۽ ڇانو ۾ ويهي مال ڪمايان.
ياد آيم ته اسان جي ڳوٺ م هڪ موچي هو جيڪو گرمي ۾ شم ٿي جتيون سبي سبي بيحال ٿي پيو پر سندس پاندي پوري ئي نه ٿئي. سندس دڪان اڳيان نم جوگها ٽو وڻ هو جنهن هيٺان رئيس گلڻ خان گول باڊي اچي کٽ تي سمهندو هو ته شام تائين پيو سر ڌاڌري ۾ کونگهرا هڻندو هو ان کي ڏسي دعا گهريائين او ڀڳوان! مون کي به خاشو خاشو زميندار ڪري ڇڏ ته نمن هيٺان سمهي سمهي پيون کٽون ڀڃان ها. مون به الله سائين کان صحافي ٿيڻ جي دعا گهري ۽ پٽڪو ٻڌي شهر وڃي روزانه هڻ وٺ اخبار جي ايڊيٽر سان مليس ۽ کيس نمائندگي جو عرض ڪيم. هن تعليم جو پڇيو چيم ايم بي بي ايف، چيائين انهي جي معنيٰ؟ چيم مئٽرڪ بار بار فيل! هن صحافت جو تجربو پڇيو مون کيس آڱوٺو ڏيکاريو، چيائين زرد صحافت ڄاڻين ٿو؟ چيومانس ناڪام عاشق جي زرد منهن جي خبر اٿم بيدي جي زرد ٽڪي جي خبر اٿم باقي زرد صحافت خبر ناهي ڪهڙي بلا آهي؟ اهو ٻڌي ايڊيٽر صاحب جو منهن صفا وساميل چلهه جهڙو ٿي ويو ۽ منهن ۾ گهنج وجهي چيائين اسان وٽ ڪٿي به نمائندي جي جاءِ خالي ڪونهي تون گهوڙي ٻاهر ٻڌ! اهو ٻڌي ڏک ۾ منهنجو منهن صفا سارين ڏرڻ واري ڍيٻي جهڙو ٿي پيو. ڳوٺ اچي اهو درد جو داستان مون مٺڻ موالي جي اوتاري تي سنگت کي ٻڌايو. لال سائين مون کي آٿت ڏيئي سمجهايو ته جتي ڪٿي ڏي وٺ ڏنگائي جهڙا صحافي ۽ هڻ وٺ اخبار جي ايڊيٽر جهڙا ماڻهو ڪونهن، سنڌ ۾ ڪيئي ايماندار، حق گو، سچ لکندڙ باڪردار ۽ کاهوڙي صحافي ۽ ايڊيٽر موجود آهن. هر اداري ۾ ڪجهه ڪار ٻوٿيون رڍون موجود آهن. جيڪي هنن آفيسرن، ڪامورن، ڊاڪٽرن ۽ ماسترن کي به خوار ڪريو ڇڏين!
لال سائين جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي آئون وري به ٻين اخبارن جي ايڊيٽرن ڏانهن ايئن پنڌ ڪرڻ لڳس ڄڻ پٽيلي اولاد لاءِ باس باسڻ پيو وڃان. سڀني جڳهه نه هئڻ جو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو. پوءِ مون دماغ جي دٻلي ڇڻڪائي ته عقل جا ڪجهه داڻا ڊوڙي آيا. انهي آڌار تي مون حسيب ڪانهيي وارو طريقو نمبر 13 اختيار ڪيو، مٺو مهيري کان اٺ وٺي ان تي سچي گيهه ۽ ماکي جا شيشا کجين جا ڇڳا، ڪيلن جا ڏونگر، انبن جا کوکا ۽ کنڀين جا کارا لوڊ ڪري وڃي هڻ وٺ اخبار جي ايڊيٽر صاحب وٽ پهتس. ايترو مال ڏسي همراهه ٺري پيو سندس منهن اسٽيل جي ڊش وانگر چمڪڻ لڳو. اٺ وٺي نوڪر کي ڏنائين سو سندس گهر ڪاهي ويو مون کي منٽن ۾ ضلعي اونڌپور جي تعلقي اک پور جي صحافي جو ڪارڊ ٺاهي ڏنائين . آئون خوشي ۾ اهڙو ٽڙي پيس جهڙو مٺي جي اسپتال مان ڪو ٻار چڱو ڀلو ٿي نڪتو هجي. آخر ۾ مون مٺو مهيري وارو اٺ گهريو ته انڪار ڪيائين چيائين اهو به تحفي سميت قبول ڪيو اٿم. چيومانس سائين ڏيڍ لک جو اٺ آهي مٺي مهيري کي نه ڏنم ته هو هر فن مولا ماڻهو! منهنجي خلاف اهڙو ڪالم لکندو جو منهنجي ڪنن مان دونهان نڪري ويندا. مجبور ٿي مرندي جهرندي هن مون کي اٺ واپس ڪيو ان تي چڙهي ڳوٺ آيس. سنگت کي ڪارڊ ڏيکاري ٺريو پيو ٺران. صحافت جو تجربو ٺهي ئي ڪو نه!
ڪارڊ مون لاءِ ايئن هو جيئن انڌي کي ٽارچ ملي هجي. پوءِ مون مهينو ڏي وٺ ڏنگاڻي کان صحافت جا گر ۽ پيچ سکيا بليڪ ميلنگ جو فن ۽ لفافا وٺڻ جو علم به سکيو ۽ صحافت جي ميدان ۾ ڪاهي پيس. پهرين خبر پنو عاقل جي ڳوٺ ڳڙهي قادر بخش جي هئي. جتي پهلوان مائي مکڻ پنهنجي مڙس نظر محمد کي پئسن جو حساب گهرڻ تان ڏاڍا پادر، لٺيون ۽ سروٽا هڻي ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو. سندس منهن تي تئو به مليائين ٿي پر همراهه بچي ويو. ڦاٽل ڪپڙن سان همراهه روئي وڃي بائجي ٿاڻي جي پوليس کي دانهن ڏني اتي وري به مائي مکڻ پهچي مٿس هٿڙو ڦيري واپس وٺي ويئي. خبر ٻڌي آئون کلي کلي کيرو ٿي پيس. مون مائي مکڻ کي سلام ڪندي چيو هيستائين سنڌ جي بد دماغ مڙسن سدائين ماني ۾ دير ٿيڻ يا لوڻ گهٽ وڌ ٿيڻ سان زالن تي ڪهاڙيون وسايون هيون اڄ تو انهن سڀني ماين سان ٿيندڙ ظلم جو بدلو ورتو آهي.  پنو عاقل جي ٻي خبر منهنجا لڱ ڪانڊاري ڇڏيا. خبر هئي ته پني عاقل ويجهو ڳوٺ صلاح الدين انڍڙ ۾ وحشي جوابدار وهاب الله انڍڙ پنهنجن چئن پٽن سميت 11 گهرڀاتين کي تيز ڌار ڇري سان ڪهي ڇڏيو.جن ۾ رڳو عورتون ۽ معصوم ٻار هيا. هل ڙي! ايڏو قهر! ايڏي دردنگي! ايڏي وحشت! آئون حيران ٿي ويس. درد ۽ ڪرب ۾ ڏڪڻ لڳس. هن وحشي شيطان ته منگولن، يزيد، هٽلر ۽ جنرل ضياءُ جا رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيا. آئون جڏهن ڪڪڙ جو گوشت وڪڻندڙ ڪاسائي کي ڪڪڙ ڪهي ڊرم ۾ اڇلائيندي ڏسندو آهيان جتي ڪڪڙ رڙيون ڪري پئي ڦتڪندي آهي ته به ايتري تڪليف ٿيندي اٿم جو اتان هليو ويندو آهيان. پنهنجا 11 لخت جگر! پنهنجا معصوم ۽ بي ڏوهي ٻچا ڪهري هن شيطان کي ذرو به رحم ڪو نه آيو. عدالتي ادارن کي کپي ته هن درندي کي به يارهن دفعا ڪهي ڊرم ۾ اڇلائي ڦتڪائڻ جي سزا ڏي جيئن کيس خبر پوي ته ڪنهن کي ڪهڻ ڪيڏو نه اذيتناڪ ۽ درد ناڪ هوندو آهي. انهي خبر مون کي ايتري ته تڪليف پهچائي جو آئون صحافت ڇڏي، ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳس مون کي شاهه سائين جو هي بيت ذهن تي تري آيو.
چڱا ڪن چڱايون مٺايون مٺن
جو وڙ جڙي جن سي سو وڙسيئي ڪن

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *