تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

قصو قرباني جي عيد ملهائڻ جو!

رمضان شريف واري عيد تي مون اوڌر تي جيڪي ڪپڙا، جتيون، سيويون، پيهون ۽ هار سينگار جا سامان ورتا هئا، اڃا اهي پئسا به ڪو نه ڏنا هئم ته مٿان وري خيرن جي قرباني جي عيد به اچي ويجهي پهتي. اوڙي پاڙي وارن ۽ مٽن مائٽن جو عيد لاءِ نوان ڪپڙا ورتا ته طوطن ماءُ ڇِتي ٿي پَئي، سامان لاءِ مون کي شيطان جي آنڊي جيڏي ڊگهي لسٽ ٺاهي ڏنائين، جنهن ۾ سندس ۽ طوطن جا ڪپڙا، جتيون، سينٽ، شيمپو، سرمون، صابڻ، مساڳ، سڳيون، سرخي، پائوڊر، ڳل پيٽ ۽ الائي ڇا ڇا لکيل هو. لسٽ پڙهي مون اهڙو وڏو شوڪارو هنيو جو ڀت تان راڳو لهي پيو. هڪ ته ڪورونا جي ڪري بيروزگاري جو ڀوت اسان غريبن جي ڪلهي تي رات ڏينهن چڙهيو ويٺو هو، ٻيو ته مهانگائي جي بلا آسمان تي چڙهي زهره ۽ مريخ سيارن کي پئي هٿ لاٿا. سو منهنجي اندر ۾ آهون، بک جون باهيون ۽ درد جون دانهون هيون. منهنجي لڳاتار ڪن ٽار جي ڪري طوطن ماءُ گهر ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ڪري ڏني. ان جنگ ۾ سندس مستقل اتحادي ڪمانڊر يعني مون واري سس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ جون مدددون به شامل هيون.
هڪ ڏينهن مائي ٽي وي تي خبر ڏٺي پوءِ ته آئون لوهه ٿي ويس. چئي عربستان ۾ هڪ عرب سڳوري جون 39 زالون ۽ 196 ٻار آهن انهن سڀني کي ڪپڙا وٺي ڏنا اٿس. مئا تون هڪڙي زال ۽ هڪ پٽ کي به ڪپڙا نٿو وٺي ڏين! مون وٽ ملڪيت ۾ منڊڙي بي اولاد گڏهه، دادلي ڪتي، ڦلي ڪڪڙ ۽ گيدوڙي تي ويٺل ڪانگڙي! مٿان ڪورونا جي بيروزگاري ڪٿان ته توکي سامان وٺي ڏيان؟ اهو ٻڌي طوطن ماءُ صفا بگڙي پئي. هن مون تي ٽرڪي جون ٽئنڪون ۽ طعنن جون توبون هلائي مهڻن جا ميزائيل وسائڻ شروع ڪري ڏنا. مون وٽ انهن خطرناڪ هٿيارن جي دفاع جو سامان ڪو نه هو. مون ڀڄي جان بچائي. ٻاهر نڪري، وڃي کجو کنڀڙاٽي کي سڄو درد جو داستان ٻڌايم. هن وري مون کي پنهنجو درد جو دستان ٻڌايو. پوءِ ته اسين ٻئي اوڇنگارون ڏيئي ايترو رناسين! ايترو رناسين! جو ڳوڙهن سان اسان ٻنهي جي منهن جي اهڙي حالت ٿي وئي جهڙو برساتن کانپوءِ ڪراچي جي ٿي آهي. بهرحال هڪ ٻئي جي سلوار جي پائنچن سان منهن اگهي ماڻهو ٿياسين ته مسئلي جي حل لاءِ اسان دماغ جي دٻلي ڇڻڪائي ته ڪجهه عقل جا داڻا ڊوڙي آيا. ان آڌار تي اسان فيصلو ڪيو ته اڄڪلهه جام مال پڙيون لڳيون پيون آهن، ڇو نه اتي هلي دلالي ڪري سودا ڪرايون ته چار پئسا ڪميشن ملي پوندي. پوءِ اسين ٻئي پٽڪا ٻڌي وڃي مال پڙين ۾ لٿاسين. اتي اسان کي سڀ دلال دلال پيا چون. ننڍي هوندي ٻڌو هئم ته زمينداري گرم، واپاري نرم ۽ دلالي شرم! سو شرم ۾ منهنجو منهن سُسي صفا گل گوبي جهڙو ٿي ويو. پوءِ اسان پاڻ کي فيشني لقبن سان نوازيو يعني بروڪر، مڊل مئن ۽ ايجنٽ وغيره. مال پڙي ۾ جانورن جا اگهه چوٽ چرهيل هجن. ٻاڪرو ۽ ريڍو مال زيرو ميٽر موٽرسائيڪل، ڳائو، ماهو ۽ اوٺو مال، ڪورولا، ڪلٽس، ٽويوٽا ۽ پيجارو گاڏين جي قيمتن جيترا مهانگا هئا. خريدار وري ڪورونا جا ماريل صفا ڪنجوس مکي چوس. سي ڀائين ته جانور ڀڳڙن مٺ تي وٺون ۽ ڪهراڻي جا پئسا به مالوند مان ڪڍون. هاڻي سئودا ٿين ته ڪيئن ٿين. مٿو هڻي هڻي وڃي شام ٿي. اسان وري دلالي ۾ هڪ به سئودو ڪونه ٿيو. اوچتو ڏٺوسين ته هڪ همراهه ٿڪل ٻاکڙي مينهن ڪاهي آيو هو. مينهن تي شايد فيملي پلاننگ وارن هٿڙو ڦيريو هو سو ڦرجڻ کان محروم هئي. همراهه مينهن جي قيمت لک روپيا ٻڌائي. گراهڪ چاليهه هزار کان چڙهن ئي نه! نيٺ مون طريقو نمبر 13 استعمال ڪيو. ڀاڳئي کي چيم ته تو واري مينهن صفا وڃان وڃان وارو ڪلام پئي ڳائي. موڪلائي ويئي ته لاش جي کڻائي ڳچي ۾ پوندئي. ان جو بدن صفا ايڪس ري جي فلم لڳو پيو آهي. هڏا صاف ڏسڻ ۾ پيا اچن. چاليهه هزار وڏا پئسا اٿئي مينهن مان هٿ ڪڍ! وري درياري کي وڃي ليکو ڏنم ته ڀاڳئي جي مينهن بدين ضلعي جي ڀلي ڪنڍي مينهن آهي. 15 ڪلو کير صبح ۽ شام ڏئي ٿي. رڳو سندس اوهه مان ئي ديڳڙي ٻوڙ جي تيار ٿي ويندي مينهن سڄو ڏينهن ٻه لک ٿي لهي تون سٺ هزار ڏي ته مينهن وٺرائي ڏيان. همراهه راضي ٿي ويو. پئسا وٺي ڀاڳئي کي چاليهه هزار ڏيئي مينهن وٺي ڏنيسين ته ٻئي خوش! اسان کي 20 هزار بچيا اهڙا ٽي چار سئودا ڪري اسان ڪانچ جا ٻئي کيسا نوٽن سان ڀري ڇڏيا. پوءِ طوطن ماءُ جي لسٽ وارا سامان ۽ سيڌو سامان وٺي گهر آيس ته طوطن ماءُ ٺري پئي.
هن سمجهيو ته آئون صفا ڪو مالدار ۽ امير ٿي پيو آهيان سو ڊانس ڪندي ڳائڻ لڳي. “منهنجو مڙس امير! لوڙهن ۾ آئون ڪيئن گذاريان! جواب ڏنو مانس “تنهن جو مڙس بي ضمير دلالي ۾ آئون ڪيئن گذاريان! مائي پڪي گهر ۽ ڪوٽ تان ته هٿ کنيو پر قرباني جي ٻڪر لاءِ ضد ڪري بيهي رهي. ٻئِي ڏينهن پٽڪو ٻڌي ٻڪر وٺڻ لاءِ ويس پڙي ۾. هڪ ٻڪر وڻي ويو قيمت پڇايم ڀاڳئي چيو سٺ هزار! چيم ابا ٻڪر ٿو وڪڻين يا زيرو ميٽر موٽرسائيڪل! چيائين تون موٽرسائيڪل وٺي وڃي قرباني ڪر ٻڪر مان هٿ ڪڍ! چيومانس يار آئون پاڻ کي حرامڙو سمجهندو هئس، پر تون حرامڙن جو به صفا ڪو بابو ٿو لڳين! پوءِ گهڻي جدوجهد ۽ جفاڪشي کانپوءِ هڪ سستو ٻڪر مليو ويهن هزارن ۾. هڪ ته اڀرو هو صفا هلڻ ۾ هلاڪ، ٻيو ته ان تي به فيملي پلاننگ وارن هٿڙو گهمايو هو. مون کيس کنجو کنڀڙاٽي جي ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ڇڏيو. اتي هو وڏين ٻڪرين کي امان امان پيو چوي ۽ ننڍين ٻڪرين کي ادي ادي پيو چوي. هڪڙي ٻڪري اچي پاسو ورتس ۽ ڪلام ڳائڻ لڳي. هليا يار ڪريون پيار ڇڏ وڃان وڃان! مون واري ٻڪر جواب ڏنس آهيان بيڪار ڇڏ پچار ته ڀڄان ڀڄان! اهو کدڙو ٻڪر طوطن ماءُ کي ڪو نه وڻيو. سو وڪڻي آئون وري هڪ سستي ٻڪري 12 هزارن ۾ وٺي آيس. ابا ٻڪري کي ريهه جي بيماري هئي. سڄي رات اهڙي تيڪ هنيائين جو صبح جو اسان جو گهر اهڙو ٿي ويو جهڙو مينهن کانپوءِ ڪراچي ٻڏي ويو هجي. صبح جو سندس لاش ٻاهر ميدان تي ڇڏي آيس ته ڪئين ڪانگ سرڻيون ۽ ڳجهون اچي لٿيون. کين چيم ته اهو قرباني جو گوشت آهي کائي ڍئو ڪري اسان کي دعائون ڏجو!
گهر آيس ته طوطن ماءُ ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي صفا ڪال ڪڻڃي ٿيو بيٺي هئي. کيس ليکو ڏنم ته ٻڪر تان هٿ کڻي ٽهاڻ ۾ 19 هزارن جي پتي رکي اٿم اهو ٻڌي مائي جي منهن مان ايئن گنج نڪري ويا جهڙو ڪلف لڳل ڪاٽن جي وڳي جي استري ٿي هجي. عيد نماز کانپوءِ قرباني جو عمل شروع ٿيو. مون ۽ طوطن ٻه پاڪيٽ شاپرن جا ورتا. طوطن جي ڊيوٽي ڳوٺ ۾ لڳايم ۽ آئون گوشت پنڻ لاءِ اوڙي پاڙي جي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيس. شام جو اسان گوشت جو ڪٽو ڀري ورتو. اهو مون وڃي طوطن ماءُ جي خدمت ۾ پيش ڪيو چيم ٽهاڻ جي ستين پتي اٿئي! طوطن ماءُ ان مان خيرات جو حصو ڪڍڻ لڳي. پن مان ڪهڙي پن ڪجي. چيومانس “خيرات جو حصو اڳي نڪتل آهي وڏن ماڻهن وانگر سڀ گوشت فرج ۽ ڊيپ فريز ۾ رکي ڇڏ. ايندڙ ڇهه مهينا پيا کائينداسين. طوطن ماءُ گوشت رکي ڇڏيو. پوءِ ته اسان اچي گوشت کي ٻرو ڏنو. صبح گوشت شام گوشت رات گوشت نيٺ اسان کي به ٻڪري واري ريهه جي بيماري ٿي وئي. پوءِ عطائي ڊاڪٽر سلو سروٽي جي ور چڙهياسين. تنهن مون کي طوطن ماءُ طوطن کي يارهن يارهن بوتلون ۽ ڇٽيهه ڇٽيهه سيون هڻي پندرهن هزار بل ورتو ته مس وڃي بود ۾ آياسين. ٻئي ڏينهن گهر ۾ ڪاٺيون ختم ٿي ويون. طوطن ماءُ اچي تپايو. سو آئون ڪهاڙي کڻي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويس. اتي هڪ جهوپڙين جي ٻيتي ڏٺم. انهن جي ٻارڙن جا پير اگهاڙا هئا. سلوار هئي ته قميص ڪا نه هئي. قميص هئي ته سلوار ڪا نه هئي. کين خبر ئي ڪا نه هئي ته ڪا عيد آئي آهي. وڏڙن به روئڻهارڪو ٿي چيو ادا اسان غريبن جي ڪهڙي عيد؟ ڪورونا جي ڪري بيروزگار آهيون. هڪڙو ويلو ماني کائون ٿا ته ٻه ويلا ويٺا آهيون. ٻارڙن کي بکئي پيٽ ڪوڙيون آکاڻيون ٻڌائي سمهاريون ٿا ته وڏي فجر جو اٿي رڙيون ڪري چون ٿا امان بک لڳي آهي. اهو ٻڌي آئون سڙي، ٻري ۽ مري پيس ڏک ۾ منهنجا وار ڪانڊارجي ويا ۽ انگ ڏڪڻ لڳا. منهنجي ذهن تي شاهه صاحب جو هي بيت تري آيو.
جا عمر تومل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا
ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد! مارو جي ملير جا (شاهه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *