تازا ترين
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*

قصو رنگ ڳورو ڪرڻ واري ڪريم جو!

جڏهن کان پنهنجي ملڪ ۾ ڪورونا خان ٻارين ٻچين اچي لڏو لاٿو آهي تڏهن کان وٺ وٺان شروع ٿي وئي ته ماسڪ پايو ۽ ذري ذري هٿ ڌويو. مون ايترا ته ماسڪ ڇڪي، ڪنن تي رکي پاتا جو منهنجا ٻئي ڪن ڪيٽا ٿي پيا. منهنجي اهڙي حالت ٿي وئي جهڙو بري ٻڪري ڪاوڙ ۾ پئي هلي. مون وري هٿ ڌوئڻ تي زور لڳايو. روزانو ٻه ٽي صابڻ جون چڪيون هٿن تي گسائي ڇڏيندو هئس. پوءِ ته ابا مون وارا هٿ اهڙا اڇا ٿي پيا جهڙو ڪنهن انگريز جا هٿ هجن. انهي جدوجهد دوران ٽي مهينا کن مون کان منهن ڌوئڻ وسري ويو. هڪ ڏينهن منهن تي هٿ رکي جو آرسي ۾ ڏٺم ته ڇا ڏسان ۽ حيراني ۾ اکيون، نڍالو، نڪ نائون ميل، وات ورڙ موري جهڙو ٿي ويو منهن تي منهنجا هٿ چاندي وانگر پئي چمڪيا ۽ منهن اهڙو ڪارو هو جهڙو تئي جو ترو هجي.
اهو لقاءُ ڏسي طوطن ماءُ کل ۾ اونڌي پئي ٿئي چئي، مئا تون اڄ جهڙو بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي هجين! چيومانس بروبر! سچ ٿي چوين گامون سچار جي ڌيءُ! اهو ٻڌي طوطن ماءُ ڇتي ٿي پئي، چئي مئا مون کي ٻيو پيءُ ٿو ڏين! گامون سچار آهي تنهنجو پيءُ! تنهنجو ڏاڏو! تنهن جو پڙ ڏاڏو! پوءِ ته اسان ٻنهي ۾ مياڻي واري جنگ شروع ٿي وئي گوڙ ٻڌي نانا پيرو اچي پهتو جنهن اسان جي وچ ۾ شملا ٺاهه ڪرائي امن بحال ڪيو. پوءِ مون کي فڪر ٿيو ته ڪاري منهن کي اڇو ڪيئن ڪريان؟ مرحيات ڏاڏي به گذاري وئي جيڪا ڳالهه ڳالهه تي چوندي هئي اڇو اٿئي منهن! هڪ دفعي شهر ويس ته، ڀتين تي لکيل مشهوريون پڙهڻ شروع ڪيون. ڏند ۽ ڏاٺون، انبوري سان ڇڪي ڪڍڻ واري ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي جي مشهوري هئي، کڳ پوڙهن کي مرداڻي طاقت جا ڪشتا کارائي جوان ڪندڙ ۽ پٽ جو اولاد ڏيارڻ وارن حڪيمن جون مشهوريون هيون. محبوب کي قدمن ۾ ڪيرائڻ وارن عاملن جون مشهوريون هيون. هڪ حڪيم سڳوري ته پنهنجي مشهوري جي مٿان لکرايو هو “هماري دوا بجلي ڪي تيزي سي اثر ڪرتي هي ”سوچيم شايد هي حڪيم سڳورو پنهنجي دوا جي پڙي يارهن هزار وولٽ واري تار تي رکي پوءِ ٿو مريضن کي کارائي هڪ ڀت تي رنگ ڳورو ڪرڻ واري ڪريم جو اشتهار پڙهي آئون ٺري پيس. پڇائون ڪري وڃي اها ڪريم ورتم.ڪريم وٺي اچي ٿو منهن تي ٿڦ ٿڦان ڪريان ته ڪريم لڳل منهنجو منهن ايئن پر نور ٿيو پيو چمڪي جهڙو چوڏهين جو چنڊ هجي. وري ڌوئي اچي آرسي ۾ ڏسان اهو ئي ڪاري جو ڪارو. مون اهڙي ڪريم ٺاهڻ وارن کي ڳڻي 360 گاريون ڏنيون. نيٺ  ڪريم ٺاهڻ واري ڪمپني جي مالڪ سان وڃي مليس چيومانس 235 رپين جي ڪريم آهي ڇهه وٺي منهن تي هنيو اٿم پر مون وارو منهن اهو ئي ڪارو تئي جي تري جهڙو آهي. مون کي پئسا ڀري ڏي! چيائين. بابلا اها ڪريم ڇهن هفتن کانپوءِ ڪاري منهن کي اڇو منهن ڪندي آهي. ٻيو اسان وٽ جادو ڪونهي جو پڙهي منهن تي ڦو ڪريون ته ڪارو منهن اڇو ٿي پوي. اهو ٻڌي منهنجا ڪاوڙ وارا وائيسر ڍرا ٿي ويا. مون موٽي اچي وري ڪريم جي ٿڦ ٿڦان شروع ڪري ڏني. ابا اوچتو ڪريم اچي ريئيڪشن پيدا ڪيو. منهن تي اهڙيون ڪارڙيون ڦرڙيون نڪري آيون جو منهنجو منهن صفا ڄاهي جهڙو ٿي پيو ۽ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ڪو نه رهيس. دل چيو ته ڄاهي وانگر لوڙهي ۾ لڪي وڃان. مجبور ٿي لوڙهي ۾ منهن وڌم ته اهڙا ڪنڊا لڳا جو سڄو منهن ايئن رتورت ٿي ويو جهڙو ڊاٽسن مان ڇانهين ڪري روڊ تي ڦٿي پئي هجي. پوءِ منهنجو عاليشان رات ڏينهن ڪئون ڪئون ڪرڻ وارو مودي مهانڊي وارو سدا ملوڪ گلر وڪڻي آئون وڃي چمڙي جي ماهر جي ورچڙهيس. تنهن منهنجو منهن ماڻهن جي منهن جهڙو ته ڪري ڏنو باقي ٽئي ٽئي ڏينهن گهرائي هزار روپيا في وٺي هزارن جون دوائون وٺرائي منهنجي کل ابتي ڪاتي سان لاهي ڇڏي. اتي هڪ بيسري مائي اچي لٿي. تنهن ٻڌايو ته آئون چمڙي جي ڊاڪٽر کان پلاسٽڪ سرجري ڪرائي شلپا شيٺي جهڙو حسين چهرو ٺهرائڻ آئي آهيان!
هن پنهنجو پرس امانت طور مون کي رکڻ لاءِ ڏنو ۽ پاڻ ويئي ڊاڪٽر ڏانهن مون پرس کولي ڏٺو ته نوٽن سان ڀريل هو. ڳڻي ڏٺم ته ٽيهه لک روپيا هئا. سوچيم ته پرس کڻي گولي ٿي وڃان وڃي ايڪس ايل آءِ گاڏي وٺان ۽ مينهن جو واڙو کوليان پوءِ چار آنا کير ۾ 12 آڻا پاڻي ملائي نوٽ ڪمائي باقي زندگي عيش ڪريان. وري سوچيم ڪنهن نياڻي جي ڏنل امانت ۾ خيانت ڪرڻ مڙس ماڻهو کي نٿي جڳائي. منهنجي بابي ۽ ڏاڏي به اهڙو ڪڌو ڪم ڪو نه ڪيو هو. خير مائي شلپا شيٺي جهڙو منهن ٺهرائي ٻاهر نڪتي. مون کيس پرس واپس ڪيو ۽ پڇيومانس ايترا پئسا ڪٿان آندا اٿئي تنهنجو به ڪو مينهن جو واڙو آهي ڇا؟ اول ته ٻڌائي نه پئي گهڻي منٿ ميڙ کانپوءِ ٻڌايائين ته سندس سهرو ماستر آهي انجا پئسا چوري ڪيا اٿس. ٻئي ڏينهن پنهنجي اخبار ۾ پڙهيم ته سنجهوري جي ماستر جي گهر مان چور 30 لک روپيا کڻي ويا آهن.
شام جو وري ٽائيم ٽيوي تي خبر آئي ته ماستر جا 30 لک چوري ڪو نهي ٿيا سندس ننهن سڳوري هٿڙي هڻي ويئي آهي. آئون سوچڻ لڳس ته آخر ماستر صاحب وٽ ٽيهه لک ڪٿان آيا؟ سندن پگهار ته ٽيهه چاليهه هزار مس آهي. اسان جي ڳوٺ جا ماستر ته سيٺين کي پگهار جو چيڪ ڏيئي، کين اڳواٽ 10 سيڪڙو وياج ڏيئي باقي پئسا کڻي گهر جو گاڏو  ٿا هلائين. وياج خورن ماسترن کي ايترو ته تپايو هو جو بٺوري جي مسڪين ماستر ته انهن جي آزار کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. هينئر ته ماسترن جون موجون آهن جو ڪورونا جي ڪري گهر ويٺي پيا پگهار کڻن پر سلام آهي جهڏي جي ماسترن کي جيڪي هيڏي گرمي ۾ گهر گهر وڃي ٻارڙن کي پڙهائين ٿا.
آئون سمجهان ٿو ته لکين روپيا گڏ ڪندڙ ماستر شايد ٽيوشن جو ڪاروبار ڪندا هوندا. صبح جو اسڪول ۾ ٻارڙن کي بادشاهن جون آکاڻيون ٻڌائي شام جو کين ٽيوشن لاءِ گهر ۾ گهرائيندا هوندا. في ٻار 500 روپيا ٽيوشن في 50 ٻارن جا اڍائي لک تيار!اڳي ٻه پيشا مقدس ۽ پيغمبري پيشا هوندا هئا هڪ ماستري ٻيو ڊاڪٽري! پر افسوس ته هاڻي اهي ٻئي پيشا بزنس ٿي ويا آهن سڀ نه پر گهڻا ماستر گوسڙو ۽ ويزا تي ڪڌا ڪاروبار ۽ ٽيوشن جو ڌنڌو! ڊاڪٽر به سڀ نه پر گهڻا ڪميشن ۽ ٽوئرن عيوض نقلي ۽ ٻه نمبر دوائون لکن، ڪارون، فرج، سائين بورڊ ۽ ٻاهرين ملڪن جون ٽڪيٽ وٺن. اجايون ٽيسٽون، ايڪس ري، الٽرا سائونڊ ۽ سي ٽي اسڪين ڪرائي، انهن کان ڪميشن وٺن نه ڪو آکڻ وارو نه پڇڻ وارو، مسڪين ماڻهو آمون، گامون، رمون ۽ کمون پيا لوڙين پر سڀ رڍون ڪار ٻوٿيون به ڪونهن، ڪيئي ڊاڪٽر عظيم آهن جيئن سائين عظيم عالماڻي صاحب، مئڊم آفتاب صديقي صاحبه، سائين احمد علي لغاري صاحب، مرحوم ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ صاحب وغيره وغيره.
منهنجو هڪ دوست آهي اکين جو ماهر ڊاڪٽر نثار ميمڻ صاحب جيڪو سڄو سيارو پنهنجي ڄميل پريڪٽس ڇڏي ٿر، ڪوهستان، ڪنري، اسلام ڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، ننگر پارڪر، ٿاڻو بولا خان ۽ الائي ڪٿي ڪٿي مفت ۾ اکين جون ڪئمپون هڻائي هزارين آپريشن ڪندو آهي. کيس ننڍي اڇي ڏاڙهي آهي ۽ چپن تي عجيب مرڪ هوندي اٿس.
مون هڪ دفعي کيس غور سان گهوري ڏٺو مون کي صفا انڊيا جي مودي جهڙو لڳو چيومانس يار شڪل ۾ تون صفا مودي جهڙو ٿو لڳين، پر فرق اهو آهي جو مودي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ ٿو وجهي ۽ تون مسڪين ماڻهن جي اکين ۾ نور ٿو وجهين! اهو ٻڌي هن وڏو ٽهڪ ڏنو. سندس ٽهڪ اهڙو جاندار هو جو اهو مون کي ڪارونجهر ۾ رنگين پر کولي نچندڙ مور جو ٽهوڪو پئي لڳو پر افسوس اهو اٿم ته اهڙن مور ماڻهن جو حياتي ۾ قدر ڪو نه ٿو ٿئي. افسوس اهو به اٿم ته منهنجي ٿر ۾ نچندڙ۽ ٽهوڪا ڏيندڙ مور راڻي کيت جي بيماري ۾ روز مرن پيا. منهنجي ٿر ۾ مور جهڙا سهڻا ٻارڙا بک جي بيمارين ۾ روز مرن پيا. گذريل ڇهن مهينن ۾ چار سئو کان وڌيڪ ٻارڙا موت جو کاڄ بنجي ويا آهن. سندن مائرن جي ڳلن تان ڳوڙها وهڻ بند ڪو نه ٿيا آهن. اسين عمران مائنس ون جو رينگٽ لايو بيٺا آهيون. اهو رينگٽ اهي حضرات پيا ڪن جيڪي ڪرپشن ۽ حرام خوري ۾ ڳچي تائين گتل آهن. اسين پاڙيسري ملڪ جي فاشسٽ حڪمران مودي تي ڦٽ لعنت نٿا ڪريون جنهن ڪشمير ۾ هزارين بيگناهه شهري شهيد ڪري ڇڏيا آهن.
تازو هڪ پيرسن کي شهيد ڪيو اٿن جنهن جي لاش وٽ سندس ٽن سالن جو معصوم ڏوهٽو ويهي ٻاتي ٻولي ۾ روئي ٿو ته انڊيا جي فوجين منهنجي محبوب نانا کي نڪ نڪ ڪري ماري وڌو آهي. اهو دردناڪ منظر ڏسي آئون روئي پيس ۽ مودي جهڙي قاتل ۽ ظالم سان سخت نفرت ٿي وئي. سوچيم ته ڪشميرين سان اهڙو ظلم جاري رکندو ته نيٺ سندس حشر هٽلر، ميسوليني ۽ جنرل ضياءُ جهڙو ٿيندو. مون کي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو.
کپر گاروڙين سين وڏو وڌيئي وير
نانگ نه ويندين نڪري تو ڏر مٿي پير
هي تنين جو ڍير، جن جهوناڳڙهه جلايو (شاهه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *