تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

فيسبڪ اليڪشن، زنده باد!

منهنجا پيارا ڀائرو، دوستو ۽ ساٿيو!
سڀ کان پهرين ته آئون اوهان سڀني جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جو اوهان پنهنجو قيمتي ووٽ مون کي ڏئي هڪ اڻ ڄاتل مدي تائين مون کي فيسبوڪ جي اليڪشن ۾ چونڊي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ آئون بنا ڪنهن دير جي پنهنجي اصلي ڳالهه تي ٿو اچان، جيڪا پهرئين ڏينهن کان وٺي منهنجي ڪن ۾ ڪيڙي ٿي سُري رهي آهي. حقيقت ۾ هي ڳالهه مون کي اليڪشن کان اڳ ۾ ڪرڻي هئي پر ڇا ڪريان! اليڪشن مهم جا ايترا ته ڪم ڪار هئا جو رات ڏينهن هڪ ڪرڻ سان به پورا ڪونه پئي ٿيا. اڄ هتي گڏجاڻي، اڄ هتي دعوت، هن کي منٿ، هن کي ميڙ، ڪٿي لٺ ته ڪٿي چٺ پر نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيوسين. بس هاڻي اسان واندا آهيون، اسان کي ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪرڻو!
ڳالهه هي آهي ته جڏهن مون فيسبوڪ جي اليڪشن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو هو ته کوڙ سارن دوستن ته منهنجي ان اعلان جي اکيون بند ڪري ۽ دل کولي آجيان ڪئي هئي، پر ڪي ڏيڍ هوشيار اهڙا به هئا، جن اجايو اچي اڀ ۾ ٺينڍيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون. مون کي خبر آهي، هنن جي دشمني مون سان هئي پر آئون سياڻو ڪانگ آهيان ۽ انهن سيکڙاٽ شڪارين جي ور چڙهڻ وارو نه آهيان. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن مون کي پڄي نه سگهيا ته اچي فيسبوڪ اليڪشن جي خلاف داڦڻ شروع ڪيائون. اچي ماڻهن ۾ هلايائون ته فيسبڪ اليڪشن بڪواس آهي، وقت جو زيان آهي. واندن واندن جو ڌنڌو آهي.
ته منهنجا ساٿيو! اڄ جو منهنجو هي خطاب خاص طور تي انهن ئي ان ڏئي پڙهيل ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي فيسبوڪ جي اليڪشن کي فضول سمجهن ٿا.
سڀ کان پهرين ۽ اهم ڳالهه هي آهي، جيڪا اوهان به ڏٺي هوندي ته، هي همراهه، جيڪي فيسبوڪ جي اليڪشن کي فضول ٿا سمجهن ۽ ماڻهن کي چوندا ٿا وتن ته هن اليڪشن ۾ ووٽ جي ڪائي اهميت ڪانهي ڪا، هتي ووٽ ڏيڻ ئي فضول آهي. اهي ساڳيا وري عوامي اليڪشن جي ڏينهن ۾ واٽ ويندن کي ٻانهن مان جهلي ووٽ جي اهميت پيا ٻڌائيندا آهن ۽ هن کي هن کي پيا سمجهائيندا آهن ته ووٽ ڪيڏو قيمتي آهي. ووٽ ڪيڏو اهم آهي! جڏهن ته اوهان سڀئي سمجهو ٿا ته عوامي اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جي ڪهڙي اهميت آهي!
دوستو! اها به ڪيڏي نه ناانصافي آهي جو هنن ماڻهن جي نظر ۾ فيسبوڪ جي اليڪشن جي چونڊيل نمائيندي جي ڪا به اهميت ڪانهي ڪا، جنهن کي وري به ڪجهه نه ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهو ئي ووٽ ڏئي چونڊيندا آهن، ڏسو ته سهي، ان جي ابتڙ هنن وٽ ان عوامي اليڪشن جي چونڊيل نمائيندي جي وڏي اهميت آهي، جنهن کي ووٽ ڪندڙ اڌ کان گهڻا ته صفا اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيا هوندا آهن! يعني هنن جي نظر ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي چونڊ کان اڻ پڙهيل ماڻهن جي چونڊ وڌيڪ اهم آهي!! اها سراسر ناانصافي آهي. تعليم دشمني آهي. جهالت کي اڃان به فروغ ڏيڻ آهي ساٿيو!
دوستو! فيسبوڪ اليڪشن اهڙي صاف شفاف اليڪشن آهي، جنهن ۾ ڌانڌلي جي پري پري تائين ڪا به گنجائش ڪانهي ڪا جڏهن ته نام نهاد عوامي اليڪشن ۾ سدائين ڌانڌلي جي ڌوم متل رهي آهي! ڪورٽن ۾ ڪيس ٿيندا رهيا آهن ۽ سڳ سوڌا ثبوت به پيش ٿيندا رهيا آهن پر وري به افسوس آهي جو ماڻهو الائي ڪهڙي منهن سان اهڙي صاف شفاف اليڪشن جي مخالفت ٿا ڪن؟ شايد هي ماڻهو صفائي پسند نه آهن! نه ته اصولي طور ته انهن کي پاڻ هن صاف شفاف اليڪشن کي هٿي وٺرائڻ گهرجي!
منهنجا ساٿيو! منهنجا دوستو!
اوهان سڀني کي خبر آهي ته عوامي اليڪشن ۾ بيهڻ وارا نمائيندا ووٽ وٺڻ کان پهرين پنهنجي ووٽرن سان ڪيڏا ڪوڙا واعدا ڪندا آهن. ۽ ووٽ وٺڻ کان پوءِ انهن کان به وڏا ڪوڙا اعلان ڪندا آهن! ڪيڏو رلائيندا آهن پنهنجي ووٽرن کي! پر ان جي برعڪس فيسبوڪ جي اليڪشن جا نمائيندا نه اليڪشن کان اڳي ڪو ڪوڙو واعدو ڪندا آهن ۽ نه ئي اليڪشن کان پوءِ ڪو ڪوڙو اعلان ڪندا آهن. اهي پنهنجي ووٽرن کي ڪڏهن به دوکو نه ڏيندا آهن. پر تنهن هوندي به هي بنا ليسڻ وارا باشعور فيسبوڪ جي اليڪشن جي چونڊيل نمائيندن کي ڪو گاهه ئي ڪونه ٿا وجهن! ساٿيو! هي سنئون سڌو انياءَ آهي! اکين ڏٺي ٻه اکيائي آهي!! سچ کي ڇڏي ڪوڙ کي اڳتي ڪرڻ آهي!
منهنجا پڙهيل لکيل ساٿيو!
عوامي اليڪشن جا چونڊيل نمائيندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ ووٽرن جا ڌڻي به نه ٿيندا آهن، اوهان ۽ اسان جهڙن کي ته ڳوليي به نه لڀندا آهن جڏهن ته فيسبوڪ جي اليڪشن جا چونڊيل نمائيندا روز پنهنجي فيسبوڪ وال تي نئين نڪور سيلفي رکندا آهن ۽ ان ريت پنهنجي ووٽرن سان ايلفي وانگر چنبڙيل رهندا آهن. پر دوستو وري به حيرت آهي جو اڀري کي مڇر گهڻا! هو همراهن کي سستي ۾ سئو عيب ٿا نظر اچن!!
دوستو! سڀ کان وڌيڪ جنهن ڳالهه تي واويلا ڪري ماڻهن کي منجهايو ٿو وڃي سا به ٻڌڻ جهڙي اٿئو! اسان جا مخالف ماڻهن کي چون ٿا ته، “هنن فيسبوڪ جي اليڪشن جي نمائيندن کي ووٽ ڏيڻ انڪري اجايو آهي جو اليڪشن کٽڻ کان پوءِ به هي ڪندا ته ڪجهه به ڪونه!” ته دوستو اسين چئون ٿا ته اهو ته سوال ئي اجايو آهي! اسان کي ته اوهان ووٽ ڏئي وري به پنهنجي گهر واپس ٿا روانو ڪريو پر اهي، جن کي اوهان ووٽ ڏئي اعلى بالا ايوانن ۾ اماڻيو ٿا، سي وري ڪهڙا ڦاڙها ٿا مارين؟ جهڙا ڄايا تهڙا رکيا ٻيو! ڪن ته اهي به ڪجهه ئي ڪونه ٿا باقي!!
بهرحال ساٿيو! اسان جي مخالفن گهڻو ئي واتان وڃايو پر اوهان وري به فيسبڪ جي اليڪشن ۾ مون کي ڀرپور ووٽ ڏئي سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيا. مون کي اوهان پڙهيل لکيل ماڻهن مان اها ئي اميد هئي.
هاڻي اچو ته دشمنن جي دل ساڙڻ جي لاءِ هڪ زوردار نعرو هڻون!
“فيسبوڪ اليڪشن!! زنده باد!!”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *