تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فطرت، جديد دور ۽ ڪورونا وائرس

چوٿين انڊسٽريل انقلاب دنيا ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون آهن، جنهنڪري مختلف ٽيڪنالاجيز ۽ بزنس ماڊل وجود ۾ آيا.ڪمپيوٽر جي ترقي جو بنياد منطق ۽ ميٿاميٽيڪل ماڊلس تي آهي ۽ ان منطق جي ڪري ئي اڄ ڪمپيوٽر سائنس نه صرف ايتري ترقي ڪئي آهي پر دنيا کي حيران به ڪري ڇڏيو آهي. ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ، ڪمپيوٽر سائنس سان ملڻ ڪري انفرميشن ٽيڪنالاجي وجود ۾ آئي جنهن پوري دنيا کي ڳنڍي عالمگيرت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عالمگيريت ۽ جديد ترقي جي پٺيان سمورو ڪردار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو آهي. سائنس منطق ۽ مشاهدي تي يقين رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سائنس جي مختلف نظرين ماڻهن کي مادي پرست بڻائڻ سان گڏ دنيا کي به تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي. سائنسي نظرين ته ڪيترن ئي فطرت جي قانونن ۽ اصولن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.
انهن نظرين ۽ خيالن جي ڪري مذهب ۽ سائنس جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا، جنهن ڪري دنيا ۾ ٻه اهم طبقا پيدا ٿي ٿيا، هڪڙا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا پوئلڳ ۽ ٻيا مذهب جا پوئلڳ ٿيا. هٿرادو ڏاهپ يا آرٽيفيشل انٽيليجنس ته سائنس کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي جنهنڪري ماڻهو دنيا ۽ دنيا کان ٻاهر جا مسئلا فورن حل ڪري ڇڏين ٿا. سائنس ۽ هٿرادو ڏاهپ جي ڪري فطرت جي اصولن ۽ قانونن کي به هٿرادو فطرت ۾ تبديل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ان ڪري دنيا جي ماڻهن به غير فطري عمل شروع ڪري ڏنا آهن،جيڪي اصلي فطرت سان هڪ ٽڪراءُ پيدا ڪري رهيا آهن. ڏاهپ جوفطرت جي خلاف وڃڻ ڪري دنيا جا اڪثر سماج اڪيلائي جو شڪار ٿي رهيا آهن. ماڻهو مادي پرست ۽ مفاد پرست ٿيندا وڃن پيا، رشتا پنهنجي اهميت وڃائيندا وڃن پيا. ذاتي آزادي ۽ فطرتي اصولن کي نظر انداز ڪري نه صرف خاندان، قبيلا ۽ سماج ٽٽن پيا پر دنيا ۾ مختلف قسم جون بيماريون پڻ پيدا ٿي رهيون آهن جيڪي انساني سماج کي تباهه ڪري رهيون آهن. فطرت جي خلاف وڃڻ جي ڪري دنيا جي ساخت تبديل ٿيندي وڃي پئي. تازو دنيا ۾ هڪ نئون وائرس پيدا ٿيو آهي جنهن کي ناول ڪورونا وائرس چون ٿا. هي وائرس چين جي شهر ووهان ۾ پيدا ٿيو، چين ان وائرس جي رپورٽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن کي 31 ڊسمبر 2019ع تي ڏني. هڪ رپورٽ مطابق اهو وائرس چين جي شهر ووهان جي ڀرسان هڪ مارڪيٽ مان پيدا ٿيو جتي مڇي ۽ مختلف قسم جا جيئرا ۽ مئل پکي وڪڻبا هئا.
چين ان مارڪيٽ کي 1 جنوري 2020ع تي بند ڪيو آهي. ماهرن مطابق هي وائرس انسانن ۾ نه هوندو آهي تنهنڪري هڪ انسان کان ٻئي انسان ۾ ٽرانسفر به نه ٿو ٿئي . ووهان جي مڇي مارڪيٽ مان ڪنهن ماڻهو ڪا اهڙي مڇي يا وري ڪو اهڙو جانور يا پکي کاڌو يا ان جو سوپ يا رس پيتو جنهنڪري ان ۾ موجود وائرس ان ماڻهو ۾ داخل ٿي ويو، جيڪو اڳتي هلي پوري دنيا جي ملڪن تائين پهتو، پر اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته هي وائرس چمڙن کي کائڻ يا انهن جي سوپ پيئڻ سان ماڻهن ۾ داخل ٿيو آهي. ڪورونا وائرس پنهنجي خاندان جي ٻين ميمبرن يعني سارس ۽ مرس وانگر نه آهي، تنهنڪري هن جو پکڙجڻ ۽ نقصان به انهن ٻنهي وائرسن کان مختلف آهي. جيئن ته هي وائرس نئون آهي تنهنڪري ان کي ناول ڪورونا وائرس چون ٿا. هن وقت پوري دنيا لاءِ ڪورونا وائرس خوف جي علامت بڻجي چڪو آهي. طبي سائنسدان مسلسل ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هن وائرس جو ڪو علاج ڳولي سگهجي يا ويڪسين ٺاهي سگهجي پر هو اڃاتائين ان عمل ۾ ڪامياب نه ويا آهن. طب جا ماهر سائنسدان جيسيتائين ان وائرس کي ختم ڪرڻ جو علاج دريافت ڪري سگهن تيسيتائين خبر ناهي هي ظالم وائرس ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي اجل جو شڪار بڻائي ڇڏيندو. مذهبي ماڻهن طرفان هن وائرس جي پيدائش کي فطرت جو انتقام چيو وڃي ٿو.
ڪن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته هي وائرس قدرتي نه آهي بلڪه هٿرادو بايولاجيڪل يا حياتياتي وائرس آهي جيڪو حياتيات جي ماهرن ۽ طب جي سائنسدانن طرفان ٺاهيو ويو آهي، تنهنڪري هي هٿرادو وائرس به فطرت جي خلاف هڪ قدم آهي جيڪو انسانن کي ڪنهن حد تائين ختم ڪندو وڃي پيو. هن وقت جيڪي دنيا ۾ بيماريون پيدا ٿي رهيو آهن انهن مان اڪثر نيون بيماريون آهن جن جي پٺيان جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرمائيدار طبقو آهي. سرمائيداراڻو نظام سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي مڪمل قابض آهي، جنهنڪري پوري دنيا تي حڪم به سرمائيدارن جو هلي پيو. انڊسٽريل انقلابن جي پٺيان سرمائيداراڻو نظام ۽ سرمائيدار طبقو بيٺل آهي.
ان نظام ئي سوشلزم ۽ ٻين سماجي ۽ معاشي نظامن کي ختم ڪري عالمي بينڪ ۽ ان جي مختلف شاخن جي ذريعي پوري دنيا جي سموري ملڪن جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪري ڇڏي آهي، جنهنڪري ڪو به ملڪ آزاد ٿي فيصلا نه ڪري رهيو آهي. پر جيڪڏهن ڪو آزاد ٿيڻ يا آزاداڻا فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته عالمي قانون، عالمي بينڪ يا طاقت جي ذريعي ان ملڪ کي دٻايو يا هيسايو وڃي پيو. اهڙي طرح هٿرادو وائرس يا هٿرادو حياتياتي هٿيار ٺاهي ان يا انهن ملڪن جي خلاف قدم کنيا وڃن ٿا. سرمائيدار طبقو پنهنجي واپار کي وڌائڻ لاءِ پوري دنيا ۾ واپاري منڊين کي آزاد ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جو ٺاهيل وکر پوري دنيا ۾ آساني سان وڪامجي سگهي. پوري دنيا کي وکر مهيا ڪرڻ جي ڪري سرمائيدارن پوري دنيا ۾ مختلف قسم جا ڪارخانا لڳايا آهن جن کي مختلف قسم جو ڪچو سامان ۽ ٻارڻ مختلف هنڌن يا ملڪن کان پهچايو وڃي ٿو.
ان کانسواءِ انهن مٽيريلس کي پهچائڻ لاءِ مختلف قسم جي ٽرانسپورٽ به استعمال ڪئي وڃي ٿي جن جي دونهين جي ڪري پورو ماحول گدلو ٿيندو وڃي پيو جيڪو پڻ مختلف بيمارين کي پيدا ڪري رهيو آهي. ڪارخانا به زهريلا مادا، گيسز ۽ دونهون پيدا ڪري رهيا آهن جيڪي ماحول کي گدلو ڪرڻ سان گڏ خطرناڪ بيمارين جو سبب پڻ بڻجن ٿا.اهو سڀ ڪجهه فطرت جي سونهن کي به تبديل ڪري رهيو آهي. ڪورونا وائرس به فطرت ۽ ان جي اصولن جي خلاف وڃڻ جو نتيجو آهي. جيئن ٻيون سماجي ۽ انساني بيماريون فطرت جي خلاف وڃڻ جي ڪري پيدا ٿيون آهن، ايئن ڪورونا وائرس به پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن فطرت جي اصولن مطابق کاڌا کائجن ۽ ٻيا سماجي عمل ڪجن ته اهي وائرس ۽ هن قسم جون سماجي ۽ طبي بيماريون پيدا ڪونه ٿينديون. اسان فطرت کان جيترو پري ٿينداسين اوترو ئي خراب ۽ تباهه ٿينداسين.

Bookmark the permalink.

One Response to فطرت، جديد دور ۽ ڪورونا وائرس

  1. صاحب کوکر says:

    گھڻ رخو مضمون آھي ادا عام سطحي ڄاڻ مھيا ڪرڻ ۾ ڪاراءتو ته آھي پر ڪنھن به خاص موضوع تي جامع ـ سير حاصل ۽ نڪور ڄاڻ ڏيڻ کان وانجھيل آھي ـ ته

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *