تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

غلامن جو ٻيڙو

رات جا ٻه ٿيا هئا برسات جي منڊي ڪڪري ڇا وسي هئي بجليءَ وارن کي ڄڻ بجلي گم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو هو برسات جي پهرين ڦڙين کان پوءِ مٽيءَ جي مهڪ جو مزو ئي پنهنجو آهي پر هر طرف گهگهه اوندهه هئي اک نه ڏسي گوڏي کي!. سچ ته اوندهه جي ڪاري چادر موسم جو مزو ئي خراب ڪري ڇڏيو هو.
آئون گهر جي اڱڻ تي تيز ڇوهي مينهن جي ڊگهي انتظار کان تنگ ٿي ڪمري ۾ اچي ڪرسي تي ويهي رهيس، ڪمري ۾ تڏين جي گڏيل آواز مٿو ٿي ڦاڙيو، ڪڏهن ڪڏهن آواز به مترڪا ٿي ويندا آهن، مترڪا جن سان اڪثر اسان وٽ مٿا چٿي سوچڻ کي موت ڏبو آهي.
مون پاڻ سان پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو اسان جي موسميات کاتي جا ماهر به شايد پي آءِ اي جي پائليٽن جيان ڪوڙا سرٽيفڪيٽ رکن ٿا، موسميات جي ماهرن ته هفتو اڳ اعلان ڪيو هو ته هن ڀيري شديد طوفاني بارشون هونديون ڪڇ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ طوفاني بارش ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙي ڇڏيندي پر حسب روايت موسميات کاتي جي هيءَ اڳڪٿي به اڳين اڳڪٿين جيان ناڪام ويئي.
دنيا هن وقت پاڻي جي شديد قلت کي منهن ڏيئي رهي آهي لڳي ايئن ٿو اسان جو ايندڙ نسل پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي مرندو، سنڌ ان معاملي ۾ شايد سڀني جي اڳيان هوندي ڇاڪاڻ هتي هاڻي اسان فطرت سان وڙهڻ شروع ڪيو آهي اسان سنڌو جي ٻنهي ڪنارن تي موجوده صدين کان فطرت جي عطا ٿيل ٻيلن کي ڀيلي ڇڏيو آهي ان ڪري اسان وٽ هاڻي برساتون اڻلڀ ٿي ويون آهن.
خاموش رات جي سناٽي ۾ اوچتو واٽس اپ جي ميسيجن جي رنگ ٽون وڳي گم ٿيل نيٽ ورڪ جيئن ئي واپس آيو ته جهٽڪي سان سو کن ميسيجن جا زرڙاٽ ٿيل آواز هڪ ئي وقت موبائل فون مان ٻرڻ لڳا.
مان ڪرسي تان اٿيس ۽ پائوچ ۾ پيل موبائيل کي ٻاهر ڪڍي واٽس اپ جي ميسيجن کي پڙهڻ شروع ڪيم.
اجازت کان سواءِ واٽس اپ گروپن ۾ شامل ڪرڻ ايئن آهي جيئن ڏوهه هڪ ماڻهو ڪري ۽ ايف آءِ آر ۾ سو ماڻهن جا نالا شامل ڪجن. مان ته واٽس اپ گروپن جا نه بحث پڙهان نه ئي وڊيوز ڏسي سگهان ٿو ان جي باوجود به سوين گروپن ۾ شامل ٿيڻ تي ڪڏهن ان ڪري ارهو ناهيان ٿيو ته ڪنھن نه ڪنهن دوست کي منهنجي زندھ وجود جو احساس ته آهي شايد هو مهربان سمجهن ٿا ته آئون انهن جا موڪليل سڀ ميسيج پڙهندو آهيان يا وري مان جڏهن ڪنهن به فڪري طور ڇسي ميسيج تي اعتراض نه ٿو ڪريان ته ان جو مقصد آهي ته هو مونکي پاڻ سان متفق سمجهن ٿا.
رجنيش چيو هو ته “اوهان جي خاموشي متفق هجڻ جي نشاني آهي ”. پر هتي ڪم ابتو آهي اوهان ڪجهه پڙهو يا نه پڙهو، اوهان ڪجهه ڏسو ئي نه ماڻهو اوھان کي سماج جي هر بڇڙائي سان متفق سمجهڻ شروع ڪن ٿا ان ڪري زندگيءَ جي معنيٰ ئي آهي ڀڻڪڻ. خاموشي ته موت جي نشاني آهي.
مون واٽس اپ گروپن تي هلڪي نظر وڌي ۽ ان نمبر تي بيهي رهيس جيڪو منهنجي موبائل فون ۾ سيو نه هجڻ ڪري نالو يا ڊي پي تي رکيل تصوير شو نه ڪري رهيو هو .
هن پهريون ئي ميسيج ڪيو هو هن روايتي سلام دعا لکڻ بدران رومن سنڌي ۾ سڌي طرح مخاطب ٿي چيو، آئون ڏاڍي ڏکاري آهيان مان سوچيو آهي هاڻي زندگي جي هن ڊگهي جنگ ۾ هٿيار ڦٽي ڪريان مون خودڪشي بابت ڪافي ڀيرا اڳ به سوچيو هو پر پنهنجي ننڍڙي پٽ جي ڪري فيصلو نه پئي ڪري سگهيس پر هاڻي مان فيصلو ڪري چڪي آهيان………….
هن جي ميسيج جي آخري لفظ آهيان لفظ پويان فل اسٽاپ بدران ڊيش ڊيش ………. جي ڊگهن ٽٻڪن کي ڏسي مونکان ڇرڪ نڪري ويو.
مون هن کي بي اختيار ٿي واپسيءَ ۾ ميسيج ڪيو، پليز منھنجا هي لفظ غور سان پڙهو، زندگي پنهنجي سمورين اوڻاين باوجود به ڏاڍي خوبصورت آهي زندگيءَ سان پيار ڪريو، زندگي رڳو ساهه جو سڳو ناهي زندگي اڻ ڇهيل احساسن، ڪائنات جي حسناڪين، بي پناهه لذتن ۽ نازڪ رشتن جي نڀاءَ جو به نالو آهي.
هن جواب ۾ لکيو، ڪهڙو پيار جنهن پيار جي هر وک تي بي وفائي جا ڪاريهر ويٺا هجن، ڪهڙو پيار جنهن پيار جي هر قدم تي دوکي جا وڇون ڏنگ هڻن، ڪهڙو پيار جنهن پيار جي ابتدا ويساهه ۽ انتها خودغرضي سان ٿئي.
مون چيو، توڙي جي اوهان کي سڃاڻان نٿو ان هوندي به اوهان جيڪي به آهيو اوهان کي نه ملڪ جو قانون نه ئي اسان جو مذهب خودڪشي جي اجازت ڏيئي ٿو ان ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ جو اوهان کي قطعي حق ناهي. ڏسو پاڻ ٽيئن دنيا جا ماڻهو آهيون ٽئين دنيا “غلامن جي ٻيڙي ”واري دنيا آهي جتي احساسن جي پروڙ گهٽ پوي ٿي، جتي معاشرا خود غرضيءَ جي عالم ۾ جيئن ٿا، جتي محبتون سنگسار ٿين ٿيون، جتي مائرن جي اڳيان بک تي ٻار تڙپي تڙپي مرن ٿا جتي عورتون اڃان ڪاريون ٿي ڪسن ٿيون، جتي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ به پيٽ ۾ مري ويل ٻار جي ڊي اين اي ٽيسٽ فقط ان لاءِ ٿئي ته خبر پئي ته هن ٻار جو اصل پيءُ ڪير هو. اسان جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ پيسجڻ جي لاءِ پيدا ٿيا آهيون اهڙي دنيا ۾ خودڪشي نه صرف حرام آهي پر جرم به. آئون توکي مجرم ٿي مرڻ نه ڏيندس.
هن لکيو جيئن ٽئين دنيا بابت تون مونکي ڀاشڻ ڏيئي رهيو آهين وساري ڇڏيو اٿئي ته انهي ٽئين دنيا جا ماڻهو سري محل به خريد ڪن ٿا ان ئي ٽئين دنيا جا ماڻهو شگر ملن جا به مالڪ آهن انهن ئي ٽئين دنيا جا ماڻهو ڊالرن جون لانچون ڀري دبئي جي شيخن وٽ امانت طور رکن ٿا. انهيءَ ئي ٽئين دنيا جي ماڻهن وٽ اڻمئي دولت ۽ بي حساب زمين آهي، انهن ٽئين دنيا جي ماڻهن جي هٿن ۾ باھ جون اماڙيون به آهن جيڪي بلديا فيڪٽري سانحي ۾ سوين ماڻهن کي جلائي پريس ڪانفرنسن ۾ مصنوعي لڙڪ به لاڙين ٿا، هتي هر هٿ ۾ ٽي ٽي پستول آهي رڳو لياري يرغمال ناهي هتي هر وسندي تي رهزنن جا لامارا آهن، هر جسم مقروض آهي. هن ئي ٽئين دنيا ۾ نه رڳو وسيع رقبي تي حويليون آهن پر عياشي جي لاءِ شاندار فارم هائوس به آهن. مون وٽ ته گهر به ناهي هاڻي لاڪ ڊائون جي ڪري آئون ته گهر جي مسواڙ به نٿي ڏئي سگهان ڇاڪاڻ هاڻي ڪورونا وائرس جي خوف سبب ڪيترن ڏينهن کان ان بيوٽي پالر کي به تالو لڳل آهي جنھن بيوٽي پالر ۾ آئون ڪرپٽ ماڻھن جي بيگمن جي پيرن جي ننهن جي مٽي کروڙيندي ٻه ويلا ماني جا ڪمائيندي آهيان.. هن لکيو مون وٽ ٻيو رستو ناهي سواءِ ان جي ته مان خودڪشي ڪريان.
مان ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي ويس مون سوچيو جيڪڏهن هوءَ خودڪشي جو فيصلو ڪري چڪي آهي ته ان جو مقصد اهو ئي ٿيو ته هن وقت هوءَ سخت ذهني دٻاءُ ۾ آهي ماهر نفسيات چون ٿا ته اوهان جڏهن خودڪشي جو سوچيو ٿا ته ان جو مقصد اوهان خودڪشي ڪري چڪا آهيو مون کيس صلاح ڏيندي لکيو اوهان وٽ هن وقت ميوزڪ جي سهولت هجي ته وڏي آواز سان ٻڌو. هن لکيو مان مرڻ وڃان پئي ڇا مرڻ وقت ميوزڪ ٻڌڻ جي صلاح مون تي بيهودي چٿر ناهي.
نه نه چٿر ناهي اوهان کي خبر آهي ته سنڌ جي صوفين وٽ رسم آهي ته مري ويل ماڻهو کي راڳ ڳائي، جهومي نچي قبر جي حوالي ڪيو ويندو آهي، صوفي موت کي وصال سمجهن ٿا. هڪ ڊگهي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجي رب سان ملاقات جي خوشي جي مهل کي هو گڏجي مزي ۾ تبديل ڪندا آهن.
هن جواب ۾ لکيو.
او مسٽر ڪڏهن بک ڏٺي اٿئي؟!.
مون چيو بک ڏسبي ناهي، بک محسوس ڪبي آهي. هن لکيو مان گذريل ٽن ڏينهن کان پنهنجي پٽ سميت بک تي آهيان منهنجي گهر جي بجلي ڪٽيل آهي وارن کي خضاب لڳائي پنهنجي عمر لڪائيندڙ منهنجي پيءُ جي عمر جيڏو گهر مالڪ اڌ رات جو منهنجي گهر جي در تي دستڪ ڏيئي چوي ٿو مسواڙ ڏي يا…!
هن جو ميسيج پڙهي آئون سڪتي ۾ وٺجي ويس
بي خوديءَ مان منهنجي نڙي مان لفظ نڪتا يا خدا هن “غلامن جي ٻيڙي” کي يا ٻوڙ يا تار..
ڪافي وقت تائين ٻنهي پاسي کان ڪو ميسيج نه آيو نه ويو، آئون موبائيل فون ۾ اکيون وجھيو ويٺو هئس مون تصور ئي تصور ۾ هن جي ٿلهي، بي ڍولي، خضاب لڳل گهر مالڪ کي ڏٺو، هن جي معصوم پٽ بابت سوچيم هو بلڪل مونکي پنهنجي پٽ جيان شرارتي ۽ کلڻو لڳو، مون هن جي خودڪشي بابت سوچيو مون رات جي اونداهي ۾ هن جو پکي ۾ ٽنگيل ڳاٽي ڀڳل ۽ زبان ٻاهر نڪتل لاش محسوس ڪيو، هن جي ڀرسان هن جي ننڍڙي پٽ کي خاموش بيٺل ڏٺم مون ڏک واري ڪيفيت ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ اکيون پوري ڇڏيون منهنجي جسم تي پيل ململ جي پهراڻ جا پاند لڙڪن سان پسي پيا.
اوچتو واٽس اپ جي ميسيج جو رنگ ٽون وڳو.
اڄ رات خودڪشي جو پروگرام ملتوي ڪيو اٿم، هن وقت آئون ميوزڪ ٻڌان پئي اندر ۾ سڪون جو سمنڊ اٿلي پيو آهي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان جي چوڻ مطابق نچڻ شروع ڪريان مان بيڊ تان اٿي ٻه چار پير به کنيا پر بک سبب منهنجي مٿي کي چڪر آيا آهن سو مان ٻه چار پير کڻڻ کان پوءِ ڪري پئي آهيان منهنجو پٽ منهنجي هنج ۾ ستل آهي ان کي بک هوندي الائي ننڊ ڪيئن آئي آهي.
مون پڇيو ميوزڪ ۾ ڇا ٻڌي رهيا آهيو هن لکيو بيدل مسرور جي آواز ۾ شيخ اياز جي شاعري ٻڌان پئي.“ اساٽ ئي اساٽ آ ٻه چار پيرڙا کڻان ته پن پن ٿي ڇڻان!!”
مون جواب ۾ لکيو ته زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ سقراط ساز وڃائڻ سکيو هو سقراط کي ڪنهن چيو ، ته لڳي ٿو ته هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ موت کان ڪن ٽار ڪرڻ جي لاءِ ساز وڄائڻ سکي رهيو آهين، سقراط مرڪي چيو هن عمر ۾ به آئون تخليق جي پاسي بيٺو آهيان تخليقڪار ڪڏهن به مرڻو ناهي جيئن ناچ ڪندڙ روح ۽ راڳ جا آلاپ مرڻا ناهن، هر اها تخليق جنهن ۾ خوشي آهي ان تخليق کي موت ماري نٿو سگهي.
مونکي پڪ آهي ته هاڻي اوهان زندگيءَ سان ڀرپور پيار ڪندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *